سڀ سڀوئي حال

تحرير: ثاقب ابڙو

اڄ پنجين سيپٽمبر تي، جيون جون چوئيتاليهه بهارون ماڻيندي، آئون پنھنجو پاڻ کي وقت جي ساھميءَ ۾ تورڻ لڳس. عمر وڌڻ سان سالگرھ جو ڪيڪ ڪٽڻ جي انتظار بدران ان ڳالهھ جو احساس وڌندو پيو وڃي ته وقت تتر تيز اڏار جيئن ڦڙڪو ڏيئي اڏرندو وڃي. ڪيڪ جي سائيز گھٽبي وڃي ۽ ان تي ميڻ بتين جو انگ وڌندو وڃي. ھونئن شڪر آھي جو ھاڻي اھو ميڻ بتين لڳائڻ جو رواج ختم ٿيو. پر پوءِ به انگ جو انڪار ته ممڪن ناھي.

خير ڳالھه پنھنجو پاڻ کي تورڻ تڪڻ جي پئي ھلي سو مونکي محسوس ٿيو ته علمي، ادبي ۽ سماجي ميدان ۾ڪيل پنهنجي وڏڙن جي پورهئي عيوض سموري ”ابڙا جان ساگھر _ ھالا“ کي مجموعي طور سڄي سنڌ وٽان جيڪو مانُ، مڃتا ۽ محبتون مليون آھن سي ته بلاشڪ بي پايان آھن. پر تن جو ثمر ئي ته آھي جنھن جي ڪري آئون پڻ انفرادي طور، ٿورو ٿَڪو ۽ ڪَچو ڦِڪو ئي صحيح جيڪي ادبي، ثقافتي ۽ صحافتي ميدان ۾ پنھنجون قلمي ۽ صوتي خدمتون پيش ڪري سگھيو آھيان تن تي پنھنجي وڏڙن ۽ استادن جي طفيل عزت، احترام ۽ مقبوليت ماڻي سگھيو آھيان.

خاندانِ اضعف ھالائي جي نسل مان، خود منهنجي ڏاڏيَ ابڙو جان محمد اضعف هالائي، والد بزرگوار ابڙو عبدالرشيد رشيد هالائي، چاچن ابڙو عبدالرئوف منصور ويراڳي، ابڙو عبدالله بيوس هالائي، ابڙو عبدالقادر منور هالائي ۽ ابڙو عبدالجليل نشتر هالائي کان وٺي مانواري استاد سائين ابڙو عبدالرزاق بيڪس هالائي ۽ سئوٽن شڪيل منور ابڙو، سهيل فيصل ابڙو ۽ ڊاڪٽر عاصم جليل ابڙو تائين سڀني پنهنجي پنهنجي دور ۾ سنڌ جي ناميارين اخبارن لاءِ علمي، ادبي، سماجي ۽ مذهبي موضوعن تي ڪالم پئي لکيا آهن. جن جي ناماچاري اڄ به سندن پڙهندڙن جي دل و زبان تي آھي.

ان حوالي سان آئون ان تسلسل کي قائم دائم رکڻ لاءِ پنهنجي ڪلهن پاتل وراثت جي ان چادر آڏو پاڻ کي عاجز محسوس ڪندي داور در دم دم سربسجود ۽ نھايت شڪرگذار آھيان جو منھنجي حصي ۾ ھيءَ نعمت آئي آھي ۽ سنڌ جي معتبر ۽ معترف روزاني اخبار عوامي آواز لاءِ اڄ کان ھفتيوار ڪالم لکي سگھان. ھِنَ سال مونکي ريڊيو، ٽي وي ۽ اسٽيج تان ڪمپيئرنگ ۽ لاڳاپيل شعبن ۾ پنھنجون خدمتون ارپيندي ٻه ڏھاڪا گذري چڪا آھن. ان عرصي دوران مختلف موقعن تي عوامي آواز سميت ثقافت، سماج، تعليم، شوبزنس ۽ ٻين اھم تاريخي ڏينھن ۽ موقعن جي ساروڻين جي حوالي سان پڻ مختلف اخبارن ۾ ڪالم لکيا اٿم. پر تسلسل سان ڪالم لکڻ جو ھي ناياب موقعو جنھن محبت ۽ اعتماد سان مونکي مانواري زرار پيرزادي ايڊيٽر عوامي آواز عطا ڪيو آھي تنھن تي آئون سندس ٿورائتو ھجڻ سان گڏ ھڪ اھم ذميداري پڻ محسوس ڪريان ٿو.

آئون ھتي اھو ٻڌائيندي پڻ سرھائي محسوس ڪريان ٿو ته ھِنَ سال سڄي ملڪ مان ٽي وي ، اخبار، ريڊيو ۽ ڊجيٽل ميڊيا مان چونڊ چاليھن صحافين تي مشتمل سٿ کي نيشنل ميڊيا فيلوشپ جيَ سري ھيٺ صنفي برابري، عدم تشدد ۽ ننڍڙي عمر ۾ شاديءَ ڪارڻ ذھني ۽ جسماني مسئلن متعلق عام عوام ۾ جاڳرتا پيدا ڪرڻ جھڙن موضوعن تي ڪم ڪرڻ جي تربيت ڏني وئي. انھن موضوعن تي منھنجي ريڊيو تان نشر ٿيندڙ اسٽوريز کي عوامي آواز ڪالم جي صورت پڻ شايع ڪيو، جنھن تي ھن قومي فيلوشپ جي پڄاڻيءَ تي انعام جي حقدارن ۾ منھنجو نانءُ پڻ شامل ڪيو ويو.

مونکي ان امر جي ڀليءَ ڀت ڄاڻ آھي ته اخباري ڪالم لکڻ ڪو اسٽيج ۽ ريڊيو جي دنيا وانگر لفظن ۽ آواز جي جادوگريءَ جو نالو ناھي. ھيءَ ته سراسر پنھنجي قلمي پورھئي، علمي قابليت، تجربي توڙي مشاھدي جي پرک اظھارڻ ۽ ڏاهپ ونڊڻ جي ڪِرت آھي. سو بلڪل ”جھڙو حال، پريان نال“ پيش ڪبو. انڪري ئي ھن سلسلي جو عنوان مرشد لطيف جي سِٽَ ”سڀ سڀوئي حال“ رکيو اٿم. ھيءَ سٽ منهنجي روح ۾ رقص ڪري ۽ اندر جي ڪينواس کي متحرڪ رنگن سان رنگين ڪري ٿي. ڪوشش ڪندس ته انھن رنگن جو تاثير روزاني عوامي آواز جي معزز پڙهندڙن سان هفتيوار ملاقات ۾ کين ضرور محسوس ٿئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.