بلوچستان جون خراب کان خراب ٿيندڙ حالتون

تحرير: آزاد گھلو

صوبن جي زمينن تي ڌاري لوڌ آڻي انھن جي ڊيموگرافي ۽ قومي وجود سان ھٿ چراند ڪرڻ ۽ صوبن جي مقامي ٻولين سان نفرت ڀريو سلوڪ روا رکڻ تي اچرج جو ئي اظهار ڪري سگهجي ٿو. جڏھن ته بنگال جو مسئلو پڻ ٻولي جي معاملي تان بگڙي وڃي ملڪ جي ٽٽڻ تائين وڃي پھتو هو گڏوگڏ ٻيا سبب به ٿي سگھن ٿا پر ٻولي وارو معاملو به انتھائي سنجيده ھيو،اھڙن ڪيترن مسئلن جي ڪري اڄ جيڪا صورتحال آھي.سا اسان جي سامھون آھي جو مظلوم قومن ۾ بغاوت جو عنصر پھريان کان وڌيڪ شدت اختيار ڪري ويو آھي.

قانون کان مٿانهين جبري گمشدگين،  چچريل لاش، ۽ مائرن جون آھون ۽ سڏڪا، جن جا پوڙها هٿ آسمان ڏي اٿيل آهن، جيڪي ڪڏهن واپس نه موٽيا. اهي ڪنواريون ڇوڪريون، جن کي ڇوڪري چوڻ لاءِ زبان ڏڪندي آهي، ڇو ته انهن جي چهري مان جواني جي لالي ايئن گم ٿي چڪي آهي جيئن ھن ملڪ مان امن جو پکي. خوبرو مھجبينن جا اداس چهرا ۽ وارن ۾ چاندي اچي وئي آهي. اهي عورتون، جن جا مڙس انهن جي ڀاڪرن مان کنڀيا ويا، جيئرا لاش بڻجي نيم پاڳل ٿي ويون آهن، ۽ انهن جا ٻار، جن جي مٿي تي اڃا تائين يتيمي ۽ غير يتيمي جي تلوار لٽڪي رهي آهي، ڇا ڪو آهي جيڪو انهن کي اھو ٻڌائڻ جي همت رکي سگھي ته،

‘هي وطن اسان جو آهي، اسين ان جا پاسبان آهيون!’

يا اهو چوڻ جي جرئت رکي ته،

‘اسين هن ملڪ جا برابر حق رکندڙ شهري آهيون!’

سوچيو ته آخر ڇا سبب آهي جو بلھي شاهه ۽ وارث شاهه جي زبان ڳالهائيندڙ محنتي عام ماڻهن جا جسم گوليون جو  کاڄ بڻجي رهيا آهن؟ ڇا اهوئي سبب ته نه آهي جو ٽن صوبن جا وسيلا هڪ ئي صوبو استعمال ڪري رهيو آهي، ۽ سوال ڪرڻ جي موٽ ۾ کين ملن ٿا غليظ اونداھا ڪمرا ۽ رت ۾ ٻڏل سرد جسمن جي گهري خاموشي ! پر انهن جون آخري چيخون ڪائنات جي وجود ۾ گونجي رهيون آهن.

بلوچستان جي عظيم اڳواڻ نواب خير بخش مري، جنهن لاءِ سنڌ جي قومپرست اڳواڻ ۽ دانشور عبدالواحد آريسر لکيو ته جيڪڏهن شاهه عبداللطيف ڀٽائي اڄ جي دور ۾ هجي ها ته خير بخش مري جي بهادري ۽ همت تي پنھنجي شاعريء ۾ هڪ "سر” ضرور لکي ها.  خير بخش مري جي بھادر ساٿي کي کي ڪراچي جي اسپتال مان علاج جي بستر تان کنڀيو وڃي ٿو، ۽ ان جي پنجن سالن جي معصوم نياڻي معصوم نگاھن سان  ڏسندي رهجي وڃي ٿي، ۽ ڪجهه وقت کان پوءِ ان نياڻي جي جھوليءَ ۾ پيءُ جي لاش ڏنو وڃي ٿو .۽ جڏهن اها ڇوڪري جواني جي سرحد تي پهچي پنهنجي وطن جي وارثن کي ساڻ وٺي پنهنجن حقن جي ڳالهه ڪري ٿي، جبري گمشدگين تي آواز اٿاري ٿي، ۽ پنهنجي قومي وسيلن جي مالڪي جي ڳالهه ڪري ٿي، ۽ قانون کان مٿانھن قدمن تي سوال ڪري ٿي، ته پوءِ سندن خلاف ڪتابي ڪارروايون ڪيون وڃن ٿيون ڪيون وڃن ٿيون ته هن وقت بلوچستان ۾ مزدورن جي قتل جي پويان به اهي ئي قوتون ڪارفرما آهن، جيئن بلوچن ۽ ماهه رنگ جي وڌندڙ مقبوليت کي روڪي سگهجي.”

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.