ويجهڙ پيل برساتن بلڙي شاھ ڪريم تعلقي جي 12 يوسين ۾ تباهي مچائي ڇڏي آهي، هتي هڪ غربت ٻيو بيروزگاري وري هي مٿان قدرتي آفتون عوام جو جيئڻ جنجال ٿي ويو آهي، پڪا رستا نه هئڻ سبب گس بند، روڊ ۽ رستا بند پيل، سم نالين جي صفائي نه ٿيڻ سبب ھنڌان ھنڌان گهارا پوندا رهيا، شهر جو ڊرينيج سسٽم ناڪاره هئڻ سبب پورو شهر سمنڊ جو ڏيک ڏيڻ لڳو، سرڪاري عمارتون پڻ پاڻي سان ڀريل آهن، غريبن جا اجھا ڪري تباهه ٿي ويا آهن، مسڪين ماڻهن راتيون کلي آسمان هيٺ وسندڙ مينهن ۾ بکئي پيٽ ويهي گذاري وقت پورو ڪيو، پر هنن مسڪين ماروئڙن جي ڪنهن به سار نه لڌي آهي.
سنڌ حڪومت طرفان مقرر ڪيل فوڪل پرسن ڊي سي، اي سي، مختيارڪار ۽ حد جي ايم پي اي غريب عوام جو حال احوال پڇڻ بدران پنهنجي ڪروڙين روپين جي گاڏين مان به لھڻ جي زحمت نه ڪئي ته مدد ڪھڙي ڪندا. ايمرجنسي ۾ آيا ڪجهه پنهنجي من پسند جي چانهھ پي واپس روانا ٿي ويا ۽ پوري ضلعي ۾ اڃا تائين ڪا به رليف ڪيمپ قائم ڪو نه ڪري سگهيا آهن، جنهن ڪري هتان جا ماڻهو ننڌڻڪائي واري زندگي گذارڻ تي مجبور ٿي ويا آهن، ڪيترن گهراڻا بکئي پيٽ سمهن ۽ بکئي پيٽ اٿن ٿا، سندن اکيون ڪنهن مسيحا جو منتظر بڻيل رهن ٿيون.
برساتن جي ڪري پاڻي بيهي ويو آهي، جنهن ۾ بدبوءِ پيدا ٿي وئي آهي، ان ڪري ڪيترين ئي بيمارين منهن ڪڍيو آهي، مليريا، ڊائريا ۽ چمڙي جون بيماريون پر انهن کي روڪڻ لاءِ به ڪي ميڊيڪل ڪئمپون نه لڳايون ويون آهن، عجيب مشڪري آهي غريب مسڪين عوام سان اهڙا ڪلور ڪيا ويا آهن، جيڪڏهن هي برسات اليڪشن جي ويجهو پوي هان ته شايد ڪامورا هنن مسڪينن وٽ پوندڙ برسات ۾ به گڏ بيٺل ۽ ويٺل هجن آ، پر افسوس جو ڪير به غريبن جو ساٿ ڏيڻ نٿو گهري.
منهنجي اکين جي آڏو ڪيئن غريب مسڪين لڳاتار 5 ڏينهن پوندڙ برسات دوران بيروزگاري سبب پنهنجن معصوم ٻچڙن سميت بکئي پيٽ ۽ کلي آسمان هيٺ سڄي رات تڙپندا پئي رهيا، پر چونڊيل نمائندن طرفان سندن حال احوال به نه ورتا ويا، خدارا اڄ نه سڀاڻي وري به توهان هنن مسڪين ماروئڙن جي سامهون پيرن تي ڪري هنن کان ووٽ جي گھر ڪندا، هي اهي ئي غريب آهن، جيڪي توهان کي پيرين اگھاڙين نچي ٽپي جيئي ڀٽو جا زوردار نعرا هڻي ووٽ ڏئي پنهنجي مٿان 5 سالن لاءِ مسلط ڪندا رهيا آهن، پر هي غريب مسڪين سنڌ جا اٻوجھ ماروئڙا سڀ ڪجهه وساري وري به توهان کي ئي چونڊين ٿا، خدارا رب پاڪ جي لٺ بي آواز آهي، خدا کان ڊڄو هي وڏيرا ڪامورا توهان جا چمچا توهان کي ڪم ڪون ايندا، دنيا ۾ ڪجهه ته نيڪين جا به ڪم ڪيو.
جڏهن ته هنن چونڊيل نمائندن جو فرض آهي ته هن ڏکئي وقت تي هنن مسڪينن جي واهر ڪن، هي توهان تي فرض ٿئي ٿو، هنن تي ٿورو ڪون ٿا ڪريو، پر هي انهن جو حق آهي، اسان جي معصوم عوام کي ڪھڙي خبر ته هي پنهنجا حق به ڊڄي هٿ ٻڌي گهرڻ کان به ڊڄندا آهن، اڄ جيڪڏهن توهان وڏين گاڏين، پروٽوڪول ۽ سوين خوشامندين سان هلو ٿا ته انهيءَ غريب عوام جي ڪري هلو ٿا ۽ توهان انهن کي نظرانداز ڪري رهيا آهيو، توهان ته 24 ڪلاڪ ايئرڪنڊيشن ۾ ويھي حڪم ٿا هلايو، پر جنهن جا گهر ڪري تباهه ٿي ويا هجن، آباديون برباد ٿي ويون هجن، سم نالا ٽٽڻ سبب گهر پورو پاڻي ۾ هجي، روڊ ۽ رستا بند هجن، گهر ۾ کائڻ لاءِ ڪابه شئي نه هجي ته انهن سان ڪھڙي حالت هوندي، آئون چوان ٿو ته صرف هڪ رات تڪ جا چونڊيل نه پر ٿاڦيل ايم پي اي يا ايم اين اي هنن سان گڏ گذارين ته ھنن کي احساس ٿيندو ته غربت ڇا آهي ۽ هنن آفت ۾ راتيون ڪيئن ٿيون گذارجن ٿيون.