سنڌ ۾ برسات سبب ٿيندڙ تباهي

تحرير: اختر چنو

برسات قدرت جي طرفان رحمت آهي جيڪا موسمياتي حالتن پٽاندڙ ڪٿي گهڻي ته ڪٿي ٿوري وسندي رهي ٿي. برسات جا جهجها فائدا آهن. هڪ برسات سبب جر مٿي ٿي ايندو آهي ۽ ٻيو وڻن ٽڻن ٻيلن سنڌ جي صحرا، ٿر کي به سائو ۽ سر سبز ڪري ڇڏيندي آهي. پاڻيءَ جي کوٽ به ختم ٿي ويندي آهي، جبل، پهاڙ قدرتي رنگن سان رنڱجي ويندا آهن. ڏٺو وڃي ته برسات مان فائدا گهڻا ۽ نقصان گهٽ آهن. اسان ملڪ ۾ جيڪا سراسري طور تي جيڪا برسات پوندي آهي اها اهڙي آهي ئي ڪانه جيتري برسات کان پوءِ تباهي ٿئي ٿي. پاڻي جي ماهرن ادريس راجپوت ۽ اين جي عباسي ڪيترائي ڀيرا اخبارن ۾ مضمون لکي وقت جي حاڪمن کي صلاحون پئي ڏنيون آهن ته برسات جي پاڻي تي ڪيري اور ڊيم ٺاهيا وڃن ته جيئن ان پاڻيءَ کي زراعت لاءِ ڪتب آڻي سگهجي پر انهن جي صلاح تي ٽڪي جو به عمل نه ٿيو نتيجي ۾ برسات جو پاڻي شهري آبادين جي لاءِ تڪليف ده  ثابت ٿي رهيو آهي. چئني پاسن جو پاڻي تباهي مچائيندو اچي منڇر ڍنڍ ۾ جمع ٿئي ٿو. جيڪڏھن درياهه جي سطح منڇر ڍنڍ جي پاڻي کان مٿي آهي ته پوءِ اهو پاڻي يقينن شهري آباديون ٻوڙيندو! سنڌ جي  مٽيءَ ۾ پاڻي جذب ڪرڻ جي سٺي صلاحيت آهي. جيڪڏھن ٻه کان ٽي سو ملي ميٽر برسات مون سون سيزن دوران پوي ٿي ته ان سان نقصان نه ٿيندو.

هن وقت جيڪا برسات لاڙ،  وچولي، ڏاکڻي ۽ اتر سنڌ ۾ پئي اها به ايڏي وڏي برسات ناهي. سنڌ جي تقريبن سڀني شهرن جو انفرااسٽرڪچر مڪمل طور تي ختم ٿي ويو آهي. پ پ پ لڳاتار سترهن سالن کان سنڌ ۾ حڪومت ڪري رهي آهي پر ان طرف ڌيان نٿو ڏنو وڃي. حالانڪ بلدياتي کاتي جي سالياني بجيٽ اربين رپيا آهي. يو سي کان ويندي تعلقي، ضلعي ڪائونسل ۽ ميٽروپوليٽن سڀني جو ڪم لٿو پيو آهي. پ پ پ جي هن لڳاتار سترهن سالن جي اقتدار دوران ٻه خطرناڪ ٻوڏون اچي چڪيون آهن ۽ الله ڪري خير جيترو پاڻي مٿان کان اچي پيو ڪو هن سال به نقصان نه ٿي پوي! ايڏي وڏي تباهي کان پوءِ به ڀلا پ پ پ حڪومت درياهه جي بندن، سم نالن، منڇر ڍنڍ، حمل ڍنڍ ۽ ان جي بچاءَ بندن تي ڪيترو ڪم ڪرايو آهي؟ اسان سالن کان دانهون ڪندا پيا اچون ته درياهه جا بند مضبوط ڪيو ايل بي او ڊي ۽ آر بي او ڊي جا بند مضبوط ڪيو. پر پ پ پ حڪومت ماڻهن کي ٽرڪ جي بتي پٺيان لڳائي ڇڏيو آهي. هن وقت تائين هزارين لکين ايڪڙ تيار ٿيندڙ ۽ تيار ٿيل فصل پاڻي ۾ ٻڏي ويو آهي. آبادگارن جو اربين کربين روپين جو نقصان ٿي چڪو آهي. هاڻي به قمبر شهدادڪوٽ، دادو سڄو داءُ تي لڳل آهن. جيڪڏهن ڪي ٺوس اپاءَ نه ورتا ويا ته ان جي قصور وار به حڪومت هوندي. بنا دير پاڻيءَ جا قدرتي لنگھه بحال ڪيا وڃن. پ پ پ حڪومت جي ذميواري آهي ته اهڙا قدم کنيا وڃن جيئن ماڻهن جو نقصان گهٽ ٿئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.