ڇا عمران خان  ڳالھين لاءِ راضي ٿيندو؟ حبيبٽالاڻي

تحرير: حبيب ٽالاڻي

ھڪ ڀيرو ٻيھر ملڪ جي گادي واري شھر اسلام آباد ۾ پي ٽي آءِ سان ڳالھيون ڪري ملڪ ۾ سياسي استحڪام آڻڻ لاءِ سياسي مفاھمت واريون ڳالھيون گردش ھيٺ آھن ٻيھر ان ڪري ته ان کان اڳ به اھڙيون ڳالھيون گردش ھيٺ رھنديون آيون آھن پر اھي ڳالھيون رڳو بيانن تائين محدود رھيون، بيانن کان وڌيڪ ڪجهھ به نه  ٿي سگھيو. ان جو ڪارڻ اھو ھو ته ھڪ پاسي جتي وفاقي حڪومت توڙي نواز ليگ قيادت پي ٽي آءِ سان ڳالھيون ڪرڻ ۾ سنجيدا نظر نه آئي اتي ٻـئي پاسي باني پي ٽي آءِ پڻ نوازليگ توڙي پ پ سان ڳالھيون ڪرڻ کان انڪار ڪندو رھيو. عمران خان سياسي پارٽين بدران اسٽيبلشمنٽ سان ڳالھيون ڪرڻ کي اھميت ڏيندو رھيو عمران خان جو اھو موقف رھيو ته سياسي پارٽين وٽ ڳالھين جو اختيار ئي ناھي ته انھـن سان ڪيــئـن ڳالھيون ڪجن؟

عمران خان سان ڳالھيون ڪرڻ واري آپشن کي وفاقي حڪومت سندس اتحادي پارٽين توڙي اسٽيبلشمنٽ ضروري به سمجھيو توڙي جو عمران خان ملڪ جي سينيـئر سياستدان محمود خان اچڪزئي کي اھي اختيار به ڏيـئي ڇڏيا ھـئا ته محمود خان اچڪزئي ڪنھـن به سطح تي ڪنھن سان به ڳالھيون ڪري اسان کي اعتراض نه ھوندو پر ٻـئي پاسي نوازليگ ۽ اسٽيبلشمنٽ توڙي پ پ ضروري نه سمجھيو ته پي ٽي آءِ سان ڳالھيون ڪجن ھاڻي جڏھن نوازليگ پي ٽي آءِ سان ڳالھيون ڪرڻ لاءِ سنجيدگي سان اڳتي وڌي رھي آھي ظاھري ڳالھيون نه ٿيڻ جي صورت ۾ پس پردا ڳالھيون ڪرڻ جي به چـئي پـئي ته ان ۾ نوازليگ يا کڻي چـئجي ته  وفاقي حڪومت کي اسٽيبلشمنٽ توڙي خاص اتحادي پيپلز پارٽي جي حمايت ضرور حاصل آھي. جيڪڏھن نوازليگ کي اسٽيبلشمنٽ جي حمايت نه  ھجي ھا ته سوال ئي پيدا نه  ٿو ٿـئي ته نوازليگ پي ٽي آءِ سان ڳالھين جي ڪوشش ڪري ھا نوازليگ پاران پي ٽي آءِ سان ڳالھين لاءِ محمود خان اچڪزئي سان رابطي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آھي. اھو ان ڪري ته عمران خان پاران ڪجھه وقت اڳ محمود خان اچڪزئي کي اھي ختيار ڏنا ويا ته  ھو سياسي پارٽين توڙي اسٽيبلشمنٽ جـنھن سان چاھي ڳالھيون ڪري  سگھي ٿو.

نوازليگ پاران پارٽي جي سينئر اڳواڻ راڻا ثناءَالله کي اھا ذميوري ڏني وئي ته ھو محمود خان اچڪزئي سان رابطو ڪري ھن سڄي صورتحال ۾ ھاڻي سوال اھو ٿو پيدا ٿـئي ته ڇا حڪومت توڙي اسٽيبلشمنٽ واقعي عمران خان سان ڳالھيون ڪرڻ ۾ سنجيدا آھـن؟ ان سوال جو جواب ملڪ جي موجوده سياسي معاشي ۽ سيڪيورٽي جي صورتحال سان سلھاڙيل آھي اھو ان ڪري ته ڀل حڪومت اسٽيبلشمنٽ توڙي ٻيون ڌريون تسليم نه ڪن پر اھا حقيقت آھي ته عمران خان واري اشو جي ڪري جتي ٻن سالن کان ملڪي سياست توڙي معيشت کي بريڪ لڳل آھي اتي عمران خان جي سياسي ناسمجھي سبب پيش آيل  9مـئي وارن واقعن سبب ملڪي سيڪيورٽي تي به ان جا ناڪاري اثر پيا آھن اھي اثر رڳو ملڪي سطع تي نه پر پرڏيھي سطح تي به نظر آيا آھن.

حڪومت توڙي اسٽيبلشمنٽ لاءِ سياسي ڇڪتاڻ مسـئلو بڻجي سامھون پئي اچي ان لاءِ اسٽيبلشمنٽ ملڪ ۾ سياسي استحڪام جو فيصلو ڪري ورتو آھي، سياسي استحڪام مان مراد ته عمران خان سان مامرا طـئي ڪيا وڃن، جيـئن ملڪ ۾ سياسي استحڪام پيدا ٿـئي جنھن بعد دھشتگردن خلاف سخت ڪارروائي ڪـئي وڃي ان لاءِ اسٽيبلشمنٽ نواز ليگ جي وفاقي حڪومت توڙي پ پ کي پي ٽي آءِ سان ڳالھيون ڪرڻ جو پيغام پھچائي ڇڏيو آھي، جنھن بعد ملڪي سياست ۾ ڳالھين وارو شوشو شروع ٿي چڪو آھي محمود خان اچڪزئي، عمران خان کي مفاھمت تي راضي ڪري سگھي ٿو ۽ ڪو اھڙو رستو ڪڍيو ويندو جو نانگ به مري ۽ لٺ به بچي. ٻـئي پاسي صدر آصف علي زرداري توڙي وزيراعظم جو فض الرحمن سان ٿيل ملاقاتن کي ڪا سياسي تبديلي آڻڻ واري معامري سان ڳنڍيو پيو وڃي، پر اصل ۾ ملڪ ۾ سياسي استحڪام آڻڻ جي ڪوشش ٿي رھي آھي. رھي ڳالھه عمران خان جي راضي ٿيڻ جي ته ان کان سواءِ پارٽي جا سڀـئي سينـئر اڳواڻ اسٽيبلشمنٽ سان ٺاهه جا حامي آھن ۽ وري ھاڻي صورتحال اڳ کان ڪجھه مختلف آھي. اڳي ڳالھيون عمران خان جي ضرورت ھيون ۽ وري ھاڻي حڪومت توڙي اسٽيبلشمنٽ جي ضرورت آھن ان ڪري ڪجھه ڏيو ڪجهھ وٺو جي بنياد تي مسـئلا حل ڪيا ويندا ڏسجي ته ڇا ٿو ٿـئي پر ھن وقت ملڪ جي جيڪا سياسي معاشي ۽ سيڪيورٽي صورتحال آھي ان ۾ سياسي استحڪام انتھائي ضروري آھي ان ڪري اسٽيبلشمنٽ حڪومت پيپلزپارٽي سميت سڀني ڌرين کي رياست لاءِ سوچـڻ کپي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.