امڪاني پريشاني کان بچڻ لاءِ ادارن کي مضبوط ڪرڻ جي ضرورت 

تحرير: رحمت الله ٻرڙو

ملڪ ۽ قوم جي ترقي لاءِ ادارن جو ڪردار اهم سمجهيو ويندو آھي.ان حوالي سان رياست جي قومي اثاثن جي جوڙ جڪ، پلاننگ ۽ ڊوولپمنٽ ڪرڻ انهن قومي ادارن جي ذميواري هوندي آھي.دنيا جي قومن جي ترقي لاءِ سندن جتي قومي قيادت جو ڪردار اهم سمجهيو ويندو آھي. اتي اهڙي ئي طرح سان قومي ادارن جي صورت ۾قومي ملڪيتن جي سار سنڀال لاءِ قومي ترقي بابت ڪم ڪندڙ ادارن جو ڪردار به اهم سمجهيو ويندو آھي. انهن ادارن ۾ قومي ادارو پلاننگ ڪميشن ۽ صوبائي سطح تي پلاننگ ڊوولپمينٽ وارو کاتو اهم هوندو آھي. پلاننگ ڪميشن هڪ وفاقي کاتو آھي جنهن جي ماتحت ويٺل انتظاميه قومي ترقي لاءِ رٿابندي ڪندي آھي.جڏهن ته ٿيل رٿابندي جي سار سنڀال لاءِ به پنهنجي ادارتي ماهرن کان ان بابت راءِ وٺڻ ۽ مشورو ڪرڻ کان جاچ ڪرڻ جي حد تائين سندن فرضن ۾ شمار ٿيندو آھي. اهڙي نموني ئي صوبائي سطح تي رٿابندي وارو کاتو يعني پلاننگ ڊوولپمنٽ کاتو  هوندو آھي جنهن جي جوڙجڪ وفاقي قومي کاتي پلاننگ ڪميشن جي طرز تي پڻ هوندي آھي. انهن ٻنهي کاتن وفاقي سطح تي پلاننگ ڪميشن ۽ صوبائي سطح تي پلاننگ ڊوولپمنٽ کاتو جو ڪم ڪار ساڳيو هوندو آھي، پر پلاننگ ڪميشن يا قومي پلاننگ ڪميشن جي حد پورو ملڪ هوندو آھي ۽ رٿابندي واري کاتي جي سطح صوبائي حد هوندي آھي.

ملڪي ترقي جي رٿابندي ڪرڻ ۽ ان جو نمونو پيش ڪرڻ پلاننگ ڪميشن جو ڪم هوندو آھي.جڏهن ته قومي سطح جي ڪجھه قومي اثاثن جيئن سکر بئراج ۽ ان جيان درياھ تي قومي سطح جون بئراجز ۽ پليون ٺھڻ ۽ اتي انهن جي سار سنڀال لهڻ قومي فرض ۾ اچي وڃي ٿو. اهڙي طرح ئي صوبائي سطح تي رٿابندي ۽ ترقي واري کاتي کي به پنهنجو ڪم ڪرڻو پوندو آھي. اسان وٽ هن وقت قومي سطح جا ادارا تباھي جي ڪناري کي پهچي چڪا آھن جن جي خود انهن ادارن کي ته ڪا ڳڻتي ۽ فڪر ڪونه آھي پر خود قومي سطح تي قومي پلاننگ ڪميشن هجي يا صوبائي سطح تي پلاننگ ڊوولپمنٽ کي ڪو فڪر ڪونهي.جيڪڏهن ايئن آھي ته پلاننگ ڪميشن ٻڌائي ته گذريل 30 سالن ۾ قومي ترقي لاءِ ڪهڙي رٿابندي يعني پلاننگ ڪئي آھي.؟ جڏهن ته پلاننگ ٿيل ۽ هلندڙ قومي ادارن جي بهتري ۽ ترقي لاءِ هنن وٽ ڪهڙيون تجويزون آھن يا هيون؟ جڏهن ته اسان جا قومي سطح جا ادارا پاڪستان ايئر لائين، پاڪستان ريلوي،پاڪستان پوسٽ آفيس، پاڪستان اسٽيل ملز، پاڪستان ٽول فيڪٽري ۽ ايتري قدر جو سکر بئراج جهڙو قومي اثاثو هن وقت جنهن بدحالي جو ۽ بحراني ڪيفيت جو شڪار آھي جنهن جو شايد اسان جي حڪمرانن کي ته اندازو ڪونهي پر خود قومي پلاننگ ڪميشن کان ويندي صوبائي پلاننگ ڊوولپمنٽ وارو کاتو خاموش تماشي جيان ڪردار ادا ڪرڻ جهڙو محسوس ٿئي ٿو.

دنيا جي قومي قيادتن وٽ پنهنجي قومي مسئلن ۽ قومي ادارن جي بهتري لاءِ ڪردار ادا ڪرڻ جي سگھه پيدا ڪرڻي پوندي آھي يا وري انهن قومي ادارن يا قومي مسئلن جي حل جو ادراڪ پڻ انهن وٽ هوندو آھي. ان لاءِ اها ڳالهھ ڪرڻ غلط ڪونه ٿيندي ته اسان وٽ سڀ ڪجھه هجڻ باوجود ڪجھه نه ڪرڻ جهڙو افسوس جوڳو آھي. ان لاءِ ضرورت ان ڳالھه جي آھي ته اسان جي رياست جي سار سنڀال ۽ قومي قيادت طور قومي حڪومت ۽ قومي ترقي جي رٿابندي واريو واڳون سنڀاليندڙن کي اهم ڪرڻ کپي.

جيڪڏهن نه ته پوءِ  هيءَ جيڪا قومي ادارن ۽ اثاثن جي تباهي ٿي آھي سا پڻ انتهائي ڳڻتي جوڳي آھي.رياست جنهن جو بنياد ئي قومي ادارن جي بهتر ڪارڪردگي تي هوندو آھي. پر جي انهن قومي ادارن جي بجاءِ ترقي جي تنزلي ڏانهن هجي ته اتي قومي فڪر ڪرڻ اسان سڀني جو جتي فرض بڻجي ٿو اتي پارليامينٽ ۽ اعلي عدليه ۽ اسٽيبلشمنٽ تي به ذميواريون عائد ٿين ٿيون ته هو ان ڳڻتي واري صورتحال تي ڪردار ادا ڪن.

اسان جي ملڪي توڙي صوبائي کاتن خاص طور سنڌ صوبي جي ماتحت ادارن جي ڪارڪردگي جتي مناسب ناهي ۽ اتي قومي سطح جي ادارتي اثاثن جي ڀيل ۽ ڀينگ ٿئي پئي، اتي اسان جي پلاننگ ڪميشن ۽ صوبائي رٿابندي واري کاتي جي اهم ذميوار کي سرگرم ٿي پنهنجي قومي فرض ادا ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪرڻو پوندو.جيڪڏهن ايئن نه ٿيو ته پوءِ هنن قومي کاتن معرفت هلندڙ قومي ملڪيتون ختم ٿي وينديون. ايندڙ وقت ۾ ڪهڙي صورتحال هوندي سا ته ڪنهن فڪر کان خالي نه هوندي، بهتر اهو ٿيندو ته سکر بئراج جهڙي اهم اشو ۽ قومي اثاثي جي بچاءِ لاءِ ادارن کي ڪردار ادا ڪرڻ کپي سو پڻ ڪنهن فرض کان ٻاهر ڪونه آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.