موجوده دور ۾ ڪمپيوٽر سائنس تمام گهڻي اهميت جي حامل آھي ڇو ته دنيا جي اڪثر مسئلن يعني معاشي سماجي توڙي اقتصادي معاملن کي حل ڪرڻ، ۽ صنعتن کي جدت ڏانھن تبديل ڪرڻ جي صلاحيت صرف ڪمپيوٽر ٽيڪنالاجي ۾ آهي. ان ڪري هن دور کي ڊجيٽل ٽرانسفارميشن جو دور به سڏجي ٿو انھيءَ ڪري ٽيڪنالاجي ترقي ۽ ٻيون اڀرندڙ ٽيڪنالاجيز جهڙوڪ AI، blockchain، ۽ سائيبر سڪيورٽي ۾ وڌيڪ ترقي ۽ جدت آڻڻ لاءِ مستقبل ۾ ڪمپيوٽر سائنس جي ماهرن جي ضرورت پوندي ان ڪري انھيءَ فيلڊ ۾ وڌيڪ آساميون پيدا ٿينديون. ان سان گڏ ڪمپيوٽر جي عالم ۾ Data-driven World: ڊيٽا جو تجزيو ۽ تشريح موجوده دنيا ۾ اهم شعبو آهي ۽ ڪمپيوٽر سائنس جا گريجوئيٽ هن ڪم کي سنڀالڻ لاءِ هوندا آهن. ان کان سواءِ مستقبل قريب ۾ صحت جي سار سنڀار ۽ بايو ٽيڪنالاجي ۾ ڪمپيوٽر سائنس ايپليڪيشنون هن فيلڊ ۾ انقلاب آڻينديون، ان سان گڏ اقتصادي ترقي يعني ٽيڪنيڪي صنعت اقتصادي ترقي کي هلائي ٿي، ۽ ڪمپيوٽر سائنس جا گريجوئيٽ هن ترقي يافته دنيا ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رھيا آھن. ان ڪري اسان جي نوجوانن کي ڪمپيوٽر ٽيڪنالاجي ڏانھن وڃڻ انتھائي ضروري آھي.
تازو سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه غربت جي خاتمي واري پروگرام تحت نوجوان شاگردن شاگردياڻين ۽ پروفيشنلز لاءِ آءِ ٽي جي 9 شعبن ۾ سرٽيفڪيٽ پروگرام شروع ڪرڻ لاءِ 50 ڪروڙ رپين جي منظوري ڏني آهي. ان موقعي تي وڏي وزير چيو ته پروگرام تحت سرٽيفڪيٽ هولڊرز کي صنعت جي ضرورتن مطابق عملي تربيت ڏني ويندي. مفاهمتي ياداشت تي صحيحن واري تقريب ۾ چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه، سيڪريٽري آءِ ٽي نور سمون ۽ چيئرمين ايڇ اي سي پروفيسر طارق رفيع ۽ ٻين اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي. سيڪريٽري آئي ٽي نور احمد سمون سنڌ جي وڏي وزير کي بريفنگ ڏيندي چيو ته اين اي ڊي يونيورسٽي ڪراچي ۽ ٿرپارڪر ڊويزن لاءِ آءِ ٽي ڪورسز ڪرائيندي. مهراڻ يونيورسٽي حيدرآباد، ميرپورخاص ڊويزن ۽ شهيد بينظير آباد لاءِ ڪورس ڪرائيندي، جڏهن ته آءِ بي اي سکر ۽ لاڙڪاڻي ڊويزن لاءِ ڪورس ڪرائيندي. شروعاتي طور تي 10 هزار نوجوانن کي تربيت ڏيڻ جو پروگرام شروع ڪيو پيو وڃي، وڏي وزير مراد علي شاهه پروگرام لاءِ سنڌ جي آءِ ٽي کاتي کي 50 ڪروڙ رپيا جاري ڪري ڇڏيا. سنڌ جي وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته ڪورسز ۾ جاوا، پٿون، ڊيٽابيس ايڊمنسٽريٽر، گرافڪ ڊيزائنر، اي ڪامرس، ڊجيٽل مارڪيٽنگ، ويب ڊولپر، موبائل ايپليڪيشن ڊولپر ۽ ڊيٽا سائنس سرٽيفڪيٽ شامل آهن.هڪ سوال جي جواب ۾ سيڪريٽري آءِ ٽي نور احمد سمون ٻڌايو ته ڪورس جو مدو ٻه مهينا هوندو، هفتي ۾ پنج ڏينهن سومر کان جمعي تائين ڪلاس ٿيندا، هر گروپ ۾ 3 کان 35 شاگردن تي مشتمل هوندو. پروگرام ٻن مرحلن تي ٻڌل هوندو، پهرين مرحلي ۾ آءِ ٽي سرٽيفڪيشن، جڏهن ته ٻئي مرحلي ۾ هوشيار شاگردن کي همٿايو ويندو، مراعتون ڏنيون وينديون، سرٽيفڪيٽ سڀني کي سينٽرن ۾ آمهون سامهون ڏنا ويندا. اجلاس جي پڄاڻي تي آءِ ٽي سيڪريٽري سنڌ، اين اي ڊي يونيورسٽي ڪراچي، آءِ بي اي سکر ۽ مهراڻ يونيورسٽي ڄامشورو وچ ۾ مفاهمت جي ياداشت تي صحيحون ڪيون ويون.
سنڌ جي ڪاليجن ۾ داخلائن جو سبجيڪٽ وائيز جائزو وٺبو ته شھرن جي ڪاليجن ۾ ميڊيڪل ۽ انجنيئرنگ بجاءِ ڪمپيوٽر سائنس، اڪانامڪس ۽ ڪامرس جي ڪلاسن م داخلائون نوي سيڪڙو کان وڌيڪ ملنديون. جڏھن ته سنڌ جي ٻھراڙيءَ جي ڪاليجن ۾ اڄ به پري ميڊيڪل ۽ پري انجنيئرنگ ۾ داخلائن جي ڊوڙ آھي. جڏھن ته عالمي سطح جي بلينيئر ايلن مسڪ چواڻي صرف ڊيٽا سائنس ۾ چار ڪروڙ نوڪريون اچن پيون. سافٽ ويئر انجنيئرنگ ، ويب ڊزائننگ ، سائبر سيڪيورٽي سميت ڪمپيوٽر جي ڪيئي شعبن ۾ لکن جي پگھارن واريون نوڪريون اسان جي نوجوانن جون منتظر آھن. تازو جرمني ڪمپيوٽر اسڪلس وارن نوجوانن لاءِ فري ورڪ ويزا جو اعلان ڪيو آهي آرٽيفيشل انٽيليجنس سڄي دنيا ۾ جاب ڪرائيسز پيدا ڪرڻ پئي وڃي. ھندستان آءِ ٽي شعبي ۾ 23-2022ع ڌاري ڪمائي جو ٽارگيٽ 245 بلين ڊالرز رکيو ھو. جڏھن ته پاڪستان جي آءِ ٽي انڊسٽري 2023ع ۾ ساليانو پنج بلين ڊالرز جو ٽارگيٽ مقرر ڪيو ھو. جڏھن ته UNDP جي تازي سروي مطابق پاڪستان جي آبادي جو 64 سيڪڙو نوجوانن تي مشتمل آھي.
تازو سنڌ حڪومت نوجوانن لاءِ ڪمپيوٽر اسڪلس جا تربيتي پروگرام شروع ڪري هڪ ڀلي ڪم جو آغاز ڪيو آهي جنهن مان سنڌ جي نوجوانن کي ڀرپور فائدو وٺڻ گهرجي ڇو ته ھن فيلڊ ۾ روز نيون شيون پيون اچن. نئين مارڪيٽ پئي اچي.سنڌ جو تعليم کاتو سنڌ جي سمورين ڪاليجن ۾ BS-4 Year شروع ڪرڻ جي تيارين ۾ رڌل آهي. اهو به شاندار ڪم آھي پر اھو پروگرام وقت جي ضرورت مطابق ھر ڪاليج ۾ BS-CS سان شروع ٿيڻ گھرجي.