شهيد نذير عباسي جي ياد ۾

تحرير: زينت احمد

9  آگسٽ نذير عباسي جي ورسي جو ڏينهن هو جئين آگسٽ جو مهينو ايندو ته اندر ۾ هڪ اڻتڻ پيدا ٿيندي آهي ته شهيد نذير عباسي تي ڪجهه لکان، ماضي جون ڪي يادگيريون لکان، اديءَ حميده سان ٿيل ظلم خلاف آواز بلند ڪيان، ٽارچر سيل ۾ نذير عباسي جو حوصلي، بهادري جي باري ۾ لکان اوچتو خيال ۾ آيو ته ڇو نه ان جي ڪنهن ساٿي سان ڪچهري ڪري ڪجهه لکان پر جڏهن اهي حقيقتون ٻڌيون ته لڱ ئي ڪانڊارجي ويا قلم مان اها سگهه ئي نه هئي ته هو ڪجهه لکي به سگهي.جيل ۾ هڪ سياسي اڳواڻ سان جنگي قيدين جهڙو ورتاءَ ڪيو ويو، مٿس ڪيڏو وحشياڻو سلوڪ ڪيو ويو جيل ۾.

اها ان وقت جي ڳالهه آهي جڏهن آئون انقلابي ڪتاب پڙهندي هيس  ۽ ائين اهو سوچيندي هيس ته ڪاش مان به ائين سنڌ ڌرتي تي قربان ٿي وڃان منهنجو جذبو ايترو ته پڪو ائين پختو هيو جو هر ڏونگر کي ڏارن لاءِ هر وقت تيار رهندي هيس، نذير عباسي منهجي شهر ٽنڊوالهيار جو هيو اسان جو گهر فاصلي تي هيو پر جڏهن به نذير عباسي جي گهر اڳيان گذر ٿيندو هيو ته نمي سلام ڪندي هيس ته هي گهر اسان جي سياسي ساٿي جو آهي. مون ياد نه آهي ته ڪنهن به بهادر ساٿي جيڪو اسان کان وڇڙي وڃي ته ان ڏک پرايو سمجهي ان کي وساري ڇڏ جي پر نه اهو ڏک اسان لاءِ طاقت بڻجي، حوصلو ڏيندو رهيو.  ادي حميده جي سادگي سان ڀريل شادي هڪ مثالي شادي رهي ائين خوشي اها ته هڪ ٻيڙي جا سوار گڏيا آهن هاڻي ڪو ڀنڀور ۾ باهيون لڳنديون جستجو خواب  سڀ اڌورا رهجي ويا ڪاش شهيد جي ناحق خون کي ڪو ته انصاف ملي سگھي ها هي انهن ڏينهن جي ڳالهھ هئي جڏهن ڪجهه جنهن وقت سنڌين جا مٿان ظلم جا وسڪارا متل هيا ڪو ماڻهو اجرڪ اوڍي نڪري نه سگهندو هيو ڪا سياسي ميٽنگ نه ڪري سگهندو هيو جي ڪا گڏجاڻي ڪرڻي هوندي هئي  ته ان کي ڪنهن ڪاڄ جو نالو ڏنو ويندو هيو هڪ ڀيرو ون يونٽ جو دورو هيو ته ڪجهه ساٿي گڏجي هڪ دعوت ۾ ڪا ڪنڊ پڪڙي وڃي ڪچهري ڪرڻ لاءِ لڳا ته ان۾ به ڪنهن کي شڪ جاڳيو هنن کان پڇا ڳاڇا ٿي ته چيئن اسان ڳائڻا آهيو.

سڄي ماحول ۾ هڪ خوشي جو سما ٻڌجي ويو ائين ڪندي ڪئي دفعا ڪامريڊ پنهجي ڪيل شاعري سان يا پنهجي علم سان پاڻ کي هميشه ڇڏائي ويندا هيا

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.