قرضن جي ڄار ۾ ڦاٿل پاڪستان ۽ جشن آزادي

تحرير: سڪندر چنو

پاڪستان ترقي ڪرڻ بدران معاشي طور مڪمل ناڪاميءَ طرف وڌي رهيو آهي. شهباز شريف ملڪ جي عوام کي ڪيترائي آسرا ڏيئي رهيو آهي ته جلد پاڪستان معاشي ڌٻڻ ۾ نڪري ايندو. پر اهو سڀ ڪجهه هڪ معجزو ئي هوندو ڪاش! اهڙو معجزو جيڪر ٿي پوي. پاڪستان آئي ايم ايف ۽ ورلڊ بئنڪ جي ڄار ۾ ڦاسي پيو آهي. يعني اهڙو ته ڦاسي پيو آهي جو پاڪستان هاڻي ته ڦٿڪي به ڪونه ٿو سگهي. پاڪستان آئي ايم ايف کان قرض وٺڻ لاءِ آئي ايم ايف آڏو گوڏا کوڙيندي بيل آئوٽ پيڪيج تحت معاشي اصلاحات ملڪ ۾ نافذ ڪرڻ لاءِ ڪم ڪري رهيو آهي. پاڪستان جا حڪمران توڙي وفاقي وزير خزانا اورنگزيب کي اهو سوچڻ گهرجي ته پاڪستان مٿان چين جو 16 ارب ڊالرن جو قرض جو ڇا ڪرڻ گهرجي؟ ۽ اهو قرض ڪيئن چين کي ادا ڪيو ويندو؟ جيڪو پاڪستان مٿان وڏي پهاڙ جيان بيٺل آهي. جولاءِ ۾ آءِ ايم ايف کان 7 بلين ڊالر يعني 6.5 بلين ڊالرن جو قرض وٺڻ کان پوءِ اسلام آباد بيجنگ سان ملي ڪري اربن ڊالرن جو ورتل چين کان قرض کي هڪ ڀيرو ٻيهر پروفائلنگ بابت ڳالهه ٻولهه شروع ڪري ڏني آهي. هن وقت پاڪستان هڪ ته معاشي ڌٻڻ ۾ ڦاٿل آهي ۽ ٻيو ملڪ ۾ سياسي استحڪام بلڪل ناهي. جنهن جي ڪري چين سميت اڪثر عرب ملڪ پاڪستان کي وڌيڪ قرض ڏيڻ کان لنوائي رهيا آهن. ڇاڪاڻ ته پاڪستان جيڪو قرض ڊالرن ۾ وٺي ٿو اهو حڪمرانن جي ڪرپشن ۽ عياشين جي ور چڙهي وڃي ٿو.

بنگلاديش ۾ هڪ عالمي سازش تحت شيخ حسينا واجد کي هٽايو ويو آهي. حسينه واجد 2018 کان وٺي اڄ تائين ملڪ ۾ 16 هوائي اڏا تعمير ڪرايا آهن. بجلي جا ڪارخانا لڳرايا آهن اهوئي سبب آهي جو پاڪستان جا اڪثر سرمائيدارن پنهنجا ڪارخانا بنگلاديش کڻي ويا آهن صرف ان لاءِ جو بنگلاديش حڪومت ناڻو سيڙائيندڙ ڪارخانيدارن کي بجلي جو في يونٽ تمام سستو ڏيئي رهيو آهي اهوئي سبب آهي جو بنگلاديش ۾ انڊسٽريز ڏينهون ڏينهن ترقي ڪري رهي آهي ۽ پاڪستان ۾ انڊسٽريز ڏينهون ڏينهن بند ٿي رهي آهي. پاڪستان پاران چين کان بجلي جي شعبي کي بهتر ڪرڻ لاءِ ورتل اربن ڊالرن جي قرض کي اڃان اڳتي وڌائڻ لاءِ پڻ عرض ڪندو. چين هن وقت پاڪستان مان هٿ ڪڍي رهيو آهي. ڇاڪاڻ ته پاڪستان بجلي جي شعبي کي پاڻ ڀرو ڪرڻ بجاءِ مڪمل طور ناڪام ٿي چڪو آهي. شهباز شريف کي صرف هڪ ئي دڳ ڏيکاريو ويو آهي ته هر مهيني پيٽرول، بجلي ۽ گئس جي قيمتن ۾ اضافو ڪندو رهي. پاڪستان IPPs جي آڙ ۾ غريب عوام کان کرب روپيا اوڳاڙي رهيو آهي. معاملو ڪجهه هن طرح آهي ته IPPs جنهن بجلي ٺاهيندڙ ڪارخانن کان بجلي خريد ڪري عوام کي ڏني پئي وڃي ان ۾ ڪجهه اهڙا به ڪارخانا آهن جن هڪ يونٽ به بجلي نه ٺاهي آهي پر عوام کان بجلي بلن ۾ اوڳاڙيون ڪري انهن کي اجايو ارب روپيا ڏنا پيا وڃن. جيڪا عوام سان وڏي ناانصافي آهي. اڄ به بجلي بلن ۾ فرسوده ٽيڪسون لڳايون پيون وڃن جن ۾ ٽي وي ٽيڪس ۽ ٻيون اجايون ٽيڪسون شامل آهن. پاڪستان جي سياسي صورتحال بنگلاديش جيان تبديل ٿي رهي آهي. پاڪستان ۾ چين جي قرض تي 9 پاور پلانٽ تعمير ڪيا ويا آهن ۽ انهن کي ڪوئلي تي منتقل ڪيو ويندو. موجوده صورتحال ۾ پاڪستان چين کي مايوس ڪيو آهي ۽ هاڻي آمريڪا پاڪستان کي بليڪ ميل ڪندو رهندو. ڇاڪاڻ ته آمريڪا جي مداخلت ختم ٿيندي ڪونه، وزيراعظم خود چين کي خط لکيو آهي ته هو پاڪستان جي قرض کي ري پروفائيلنگ اسٽڪچرنگ ڪيو وڃي. جنهن ۾ رقم ڪٽي ناهي ويندي. پر مقرر تاريخ جيڪا قرض جي ڏيئڻي هوندي آهي تاريخ ۾ واڌ ڪئي ويندي آهي. CPEC کي 2015 ۾ شروع ڪيو ويو.

. پاڪستان کان ٻاهر وڃي ملڪيتون خريد ڪيون ويون. ٻيو سبب اهو به آهي ته چين جي ڏوڪڙن تي هلندڙ پاور پلانٽ عوام لاءِ آزار بڻجي ويا آهن. اهي مهانگي بجلي ڏين ٿا. IPPs جي ڪرپشن سبب ملڪ جي عوام کي هڪ ته بجلي مهانگي ملي ٿي ۽ ٻيو ته سنڌ جي اڪثر علائقن ۾ 24 ڪلاڪن ۾ صرف 3 ڪلاڪ بجلي ميسر آهي. پرويز مشرف جي دور حڪومت ۾ بجلي چوري نه هجڻ برابر هئي ان جو اهم ڪارڻ بجلي في يونٽ سستو هيو هن وقت بجلي في يونٽ مهانگو آهي جنهن جي ڪري بجلي چوري ٿئي ٿي. 2022 ۾ پاڪستان مٿان چين جو قرض 26.6 بلين ڊالر هيو جيڪو دنيا جي ڪنهن ملڪ جي مقابلي ۾ چين جو پاڪستان مٿان وڏو قرض آهي. ۽ چين پنهنجي قرض تي 3.7 سيڪڙو وياج به وٺي ٿو. چين پاڪستان کي ساهه کڻڻ ۾ به مدد ڪندو آهي پر آخرڪار ڪيستائين؟ هن وقت پاڪستان مٿان قرضن جو وڏو انبار لڳل آهي آمريڪا پاڪستان کي خبردار ڪندي چيو آهي ته آئي ايم ايف کان قرض وٺي چين جو قرض نه لاٿو وڃي ان جا خراب نتيجا نڪري سگهن ٿا. چين پاڪستان کي قرض جي ادائيگي لاءِ سهولت ضرور ڏيندو صرف ان جي ڪري جو چين ڀارت جو دشمن آهي. ۽ اها دشمني ختم ٿيڻ واري ناهي.

پاڪستان معاشي طور قرضن ۾ ويڙهجي ويو آهي پاڪستان ۾ سيڙپ ڪندڙ سيڙپڪار پنهنجو سرمايو ملڪ کان ٻاهر منتقل ڪري رهيا آهن. جنهن جي ڪري پاڪستان وڌيڪ معاشي مشڪلاتن ۾ ڦاسندو پيو وڃي. ٿر مان ٺهندڙ بجلي جيڪا مٽياري نيشنل گرڊ اسٽيشن ۾ منتقل ڪئي پئي وڃي ۽ گرڊ کان وڌيڪ بچندڙ بجلي جيڪڏهن سنڌ واسين کي في يونٽ 10 روپيا ڏنو وڃي تڏهن به سنڌ کي وڏي رقم ملي سگهندي ۽ سنڌ جو عوام جيڪو هن وقت بجلي جي حوالي سان وڏي مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيو آهي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.