ڪمپيوٽر سمورن انقلابن جي ماءُ

تحرير: عاجز جمالي

اسين پنھنجي ننڍپڻ ۾ امان کي چڪيءَ ذريعي ان پيھندي ڏٺو، ۽ روشنيءَ لا لالٽين استعمال ٿيندي ڏٺو، ٿورا وڏا ٿياسين ته ڊيزل تي ھلندڙ مشين کي ڪڻڪ جي پيسائي ڪندي ڏٺو پر اسين بلب  ڏسڻ کان به  گھڻو اڳ سائنسي ايجاد جي جيڪا پھرين شيءَ ڏٺي  اھو ريڊيو ھئو، ھڪ بينڊ ٽرانسسٽر يعني ريڊيو چندا بيٽري سيلن جي ذريعي ھلايو ويندو ھئو، ھن ريڊيو تي صرف ھڪ ئي اسٽيشن يعني ريڊيو پاڪستان حيدر آباد ٻڌبو ھئو. ،مون کي ياد آھي ته ريڊيو کان پوءِ سڀ کان پھرين مون گراموفون ڏٺو جيڪو اسان جو ڪو مائٽ سعودي عرب مان وٺي آيو ھئو ،حيرت لڳندي ھئي ته ھڪ ڪاري پلاسٽڪ جي پليٽ جھڙي شيء پئي چوڦير ڦرندي ھئي ۽ گانو پيو ھلندو ھئو ، بعد ۾ اھو گرامو فون به عام ٿيو ،ھوٽلن تي وڏن لائوڊ اسپيڪرن تي نورجھان ، عنايت حسين ڀٽي ۽ لتا جا گانا پيا ھلندا ھئا، جيڪو ريڊيو گرامو فون ۾ تبديل ٿيو ھئو چند سالن ۾ ئي ان جي جڳهھ ڪيسٽ واري ٽيپ رڪارڊ ورتي بلڪ ٽيپ رڪارڊ ان جي بھترين شڪل ھئي ،جنھن ۾ رڪارڊنگ جي به سھولت موجود ھئي، مون کي ياد آھي ته جڏھن بابا 1976  ۾ سعودي عرب ويو ھئو ته اسان جا کوڙ سارا مائٽ سعودي عرب ۾ رھندا ھئا ، ماما ،چاچا، سئوٽ ،ماسات جيڪي عمرو ڪرڻ بھاني مزدوري ڪرڻ لئه ڪجهھ سالن لاءِ چوري رھي پوندا ھئا ،مزدوري ڪري پئسا ڪمائي ٻن ٽن سالن ۾ موٽي ايندا ھئا، ان زماني ۾ چار پنج ڄڻا گڏجي ٽيب رڪارڊ جي ھڪ ڪئسٽ رڪارڊ ڪري ٽپال ذريعي موڪليندا ھئا ،اھا رڪارڊنگ ڳوٺ ۾ ويھي سڀ گڏ ٻڌندا ھئاسين. ھڪڙي ڪئسٽ پرڏيهھ جي مائٽن سان رابطي ۽ ڪچھريءَ جو ذريعو ھوندي ھئي ، ڪئسٽ جي اچڻ ۽ وڃڻ جو سفر پندرھن ويھ ڏھاڙن جو ھئو ،تڏھن شايد ڪنھن سوچيو به نه  ھوندو ته ان ڪيسٽ جي جڳھه ڪڏھن واٽس ايپ جي صورت والاريندي.

مان گذريل پنجاھ کن سالن ۾ سائنسي ترقيءَ جا راز ڳوليندي ڳوليندي ان نتيجي تي پھتو آھيان دنيا ۾ سوين سالن کان جاري ايجادن ۽ سائنسي انقلابن ۾ ڪمپيوٽر سڀني سائنسي انقلابن جي ماءُ ثابت ٿي آھي.

اسين ننڍپڻ ۾ ڇڪ ڇڪ ڪندڙ ڪاري انجڻ واري ريل گاڏيءَ ۾ پنھنجي بابا سان گڏ سفر ڪيو ، ٻانڌي کان نواب شاھ جو سفر ڪوئلي تي ھلندڙ انجڻ واري ان ريل گاڏيءَ تي ڪندا ھئاسين، پر تڏھن اسين سوچيو ئي نه  سڄي دنيا اڳتي ھلي ميٽرو ٽرين، يا انڊر گرائونڊ ٽرين سروس تي ھلندي ،  ھاڻي ته پاڙيسري ملڪ ۾ به انڊر گرائونڊ تيز ترين ٽرين سروس شروع ٿي وئي آھي.  اسين ٻانڌي ۾ ٽرنڪ ڪال واري فون ڏٺي ھئي ، جڏھن پاسي ۾ لڳل چاٻي گھمائي  ايڪسچينج آپريٽر کي فلاڻي جو نمبر ملائڻ لاءِ چئبو ھئو، اسان جي شھر ٻانڌي ۾ ٿاڻي بولا خان جي ھندو سيٺن جي ڪوٺين تي لڳل ان فون جي زماني ۾ سيٺ جي ڪوٺيءَ تي ڪپڙي جي جھلي لڳل ھوندي ھئي جنھن کي ڇڪڻ لاءِ ڪو ڇوڪرو پگھار تي رکندا ھئا ،اھا جھلي کين ھوا ڏيندي ھئي پر ان ئي شھر ۾ جڏھن بجلي آئي ته پکو به آيو ، گول چرخيءَ واري فون تي نمبر گھمائيندي به ماڻھن کي ڏٺو ۽ بليڪ اينڊ وائيٽ ٽي وي به ڏٺي.

اڃا جڏھن ڪمپيوٽر ايجاد نه ٿيو ھئو ته اسان اھا پريس ڏٺي جنھن جي ڇپائي کان اڳ ڪمپازيٽر ھڪ ھڪ اکر ملائي ان جو مواد جوڙيندا ھئا ، ھونئن ڪمپوزنگ لاءِ ھي ٽائيپ رائيٽر جو زمانو ھئو ، اسين کوڙ ماڻھن کي ٽائيپ رائيٽر تي ڪم ڪندي ڏٺو، مون پنھنجي صحافتي زندگي ۾ سائين انور پيرزادي ۽ سائين سھيل سانگي کي ٽائيپ رائيٽر ھلائيندي ڏٺو ،شوق ھوندو ھئو ته ٽائيپ رائيٽر سکان پر سکي نه سگھيس ، ڇوته جڏھن اسين عملي صحافت ۾ آياسين ته ڪمپيوٽر جي انقلاب جي اسان جي ملڪ ۾ شروعات ٿي چڪي ھئي ، اسان کي سائين ماجد ڀرڳڙيءَ جو احسان مند رھڻ گھرجي جنھن جي ڪوشش سان ايپل ڪمپني جو سنڌي ڪمپيوٽر ايجاد ٿيو جڏھن سڀ کان پھرين سنڌي ٻولي جي اخبار عوامي آواز 1989 ۾ ڪمپيوٽر ذريعي ڇپجي پڌري ٿي.

پر 1990 جي ڏھاڪي ۾ ڪمپيوٽر تي تبديلي جو جيڪو سفر شروع ٿيو انھي گذريل ٽيھارو سالن ۾ ڪمال ڪري ڇڏيو ، خاص ڪري جڏھن موبائل فون جي ٽيڪنالاجي دنيا ۾ آئي ، شروع ۾ ته ڏاڍي مھانگي ۽ ڏاڍي ڏکي ھئي پر جڏھن موبائل فون جي ڊجيٽلائيزيشن شروع ٿي ته ھاڻي معاملو ھٿراڌو ذھانت تائين پھچي ويو آھي، مون شروعات ۾ گذريل صدي جي جن به ايجادن جو ذڪر ڪيو اھي، سڀ جو سڀ ھڪ ننڍڙي موبائل فون سيٽ ۾ سمائجي ويا آھن، اڄ ماڻھو ريڊيو، ٽي وي، ٽيپ رڪارڊر، گھڙي، ڪيلڪيوليٽر، ٽيلي فون، سميت ھر ايجاد جي سھولت  پنھنجي فون ذريعي استعمال ڪري پيو، ٽرين ۽ ھوائي جھاز جو سفر ڊرون ٽيڪنالاجيءَ تائين پھچي ويو آھي ،ڊرون جي ذريعي دنيا جي ڪنھن به ملڪ ۾ ويٺل ماڻھو کي ڪوبه ملڪ گھر ويٺو نشانو بڻائي سگھي ٿو، ڪوئلي جي انجڻ تي ھلندڙ گاڏين جي جڳهھ تي ھاڻي بنا ڊرائيور گاڏيون دنيا ۾ ھلڻ شروع ٿي ويون آھن. ھاڻي دنيا ۾ ڪمپيوٽر ٽيڪنالاجيءَ جي پيٽ مان روزانو ڪروڙين سافٽ ويئر ٺھي رھيا آھن، اوھان جي ھڪ ئي موبائل فون سيٽ ۾ سوين ايپ سمائجي سگھجن پيا جنھن جي ذريعي اوھان پنھنجو سمورو وھنوار ھلايو پيا، دنيا ۾ ھڪ واٽس ايپ جيڪڏھن پنج منٽن لاءِ بند پيو ٿئي ته دنيا کي اربين ڊالرز جو نقصان پيو ٿيو، حڪومتون ۽ رياستون واٽس ايپ ذريعي ھلن پيون، دنيا جا اھم اجلاس آن لائن پيا ٿين دنيا کي گلوبل وليج سڏيو پيو وڃي يعني سڄو عالم ھڪ ڳوٺ ۾ تبديل ٿي ويو آھي ، اھو سڄو ڪمال ڪمپيوٽر ٽيڪنالاجي يا ڪمپيوٽر انقلاب جو آھي، ان جا انيڪ فائدا به آھن ته ھزارين نقصان به سامھون آيا آھن، جڏھن سڄي دنيا ھڪ ٻئي سان ڳنڍجي وئي آھي ته دنيا ۾ ويٺي ويٺي ملڪن جا ملڪ تباه ٿي سگھن ٿا، ھاڻي ته ھڪ وائرس کي ڦھلائي ھزارين لکين ماڻھن کي ماري سگھجي ٿو، ڪجهھ سال اڳ اسين ڪرونا وائرس کي ڀوڳي چڪا آھيون پر جنھن ڪمپيوٽر وسيلي انقلاب آڻي سگھجي ٿو ان دنيا ۾ ڪيترن پراڻي طرز جي انقلابن کي روڪي ڇڏيو آھي، جھڙي ريت سماجي رابطن جو ڳانڍاپو تيزيءَ سان وڌيو آھي اھڙي ئي تيزيءَ سان تبديليون پڻ اچي رھيون آھن.

اسان جي نسل پنجاھ سالن اندر جيتري تيز تبديلي اکين سان ڏٺي ايڏي تبديلي گذريل ٽن سئو سالن ۾ به نه آئي ھوندي ۽ جھڙي تيزيءَ سان ٽيڪنالاجي دنيا کي تبديل پئي ڪري ته ايندڙ پنجاھ سالن ۾ ايترو ڪجهھ تبديل ٿي ويندو جو ھڪ نئين دنيا اڏجي ويندي ، جن ڪارخانن کي ھزارين ماڻھو ھلائيندا ھئا انھن کي ھاڻي ڪجهھ سئو ماڻھو ھلائين پيا پر ايندڙ پنجاھ سالن ۾ انھن کي صرف ٻه چار روبوٽ ھلائيندا ھوندا، انسان تيزيءَ سان بيروزگار ٿيندو پيو وڃي پر ساڳي ريت ڪمپيوٽر ٽيڪنلاجي وسيلي لکين ماڻھو روزگار جي نون وسيلن ذريعي دنيا سان ڳنڍجي رھيا آھن.

مون شروع ۾ ھٿرادو ذھانت يا آرٽيفيشل انٽيليجنس جي ڳالهھ پئي، اڳي چوندا ھئا ته قدرت جي ڳجهھ ۾ ھٿ وجھڻ ڪفر آھي پر ھي اسان جي اکين آڏو انساني قدرت جو ڪمال آھي ، ڪمپيوٽر ذريعي انسان پنھنجي ذھن کي استعمال ڪندي نئون ذھن پيو ٺاھي، اڄ جا انسان انساني دماغ پيو ايجاد ڪري ، ھڪ ئي وقت گھڻن دماغن کي گڏائي انھن کان آرٽيفيشل انٽيليجنس ذريعي نتيجا پيو وٺي، انسان کي زندگي سان گڏ موت تي دسترس حاصل ٿي رھيو آھي ، ھاڻي ته الٽرا سائونڊ به پراڻي ڳالهھ ٿي وئي جنھن جي ذريعي ماءُ جي پيٽ ۾ موجود ٻار جي جنس ٻڌائي  يا پيدا ٿيڻ جي تاريخ ٻڌائي سگھبي ھئي ، ھاڻي ته مامرو ان کان گھڻو اڳتي نڪري ويو آھي، اڳي ٽيسٽ ٽيوب جي تجربي کي به ڪفر سان ڀيٽيو ويو ھئو پر ھاڻي ته بغير جنسي ميلاپ جي ٻار پيدا ڪرڻ جو تجربو به ڪامياب ٿي ويو آھي ، شايد پيدا ٿيڻ کان اڳ ٻار جي جنس کي تبديل ڪرڻ جو تجربو جاري آھي، بلڪ ھٿراڌو ذھانت ذريعي پيدا ٿيندڙ ٻار جي شڪل ۽ صورت ٺاھڻ جي ڪوشش ٿي رھي آھي ، اڳي چنڊ تي چڙھي ڳالھيون ڪرڻ حيرت جھڙي ڳالهھ لڳندي ھئي ھاڻي ته چنڊ تي جڳھه والارڻ لاءِ دنيا جا کوڙ ملڪ مصروف آھن. سيٽلائيٽ ٽيڪنالاجيءَ کان معاملو گھڻو اڳتي نڪري چڪو آھي ، صورتحال اتي پھتي آھي ته دنيا جي ڪنھن به ڪنڊ ۾ ويھي  موبائل فون ذريعي اوھان پنھنجي   گھر جي سار سنڀال لھي سگھو ٿا ،گھر، آفيس، فئڪٽري ۾ لڳل ڪئيمرائن تائين موبائل فون ذريعي پھچ حاصل آھي.

جيتوڻيڪ مان ڪو سائنس جو ڄاڻو ناھيان جيڪو ڪجهھ اکين سان ڏٺو اھو بيان ڪيو پر منھنجو خيال آھي ته ڪمپيوٽر جي پيٽ مان جنھن انقلاب جنم ورتو ان جو سفر اڃا تائين جاري آھي جڏھن ان سفر جي پڄاڻي ٿيندي ته دنيا بلڪل به اھڙي نه ھوندي جھڙي اڄ آھي، ھي دنيا مڪمل تبديل ٿي چڪي ھوندي.

حاصل مطلب جھڙي ريت پيارو پاڪستان انفارميشن ٽيڪنالاجيءَ جي انقلاب کان وانجھيل آھي اھڙي ريت پاڻ سنڌي به پري آھيون پر گذريل ٻن ٽن سالن ۾ گورنر ھائوس، جماعت اسلامي ، ايم ڪيو ايم ، جي ڊي سي ۽ ٻيا ادارا ڪراچي شھر ۾ وڌ کان وڌ نوجوانن کي آئي ٽي جي شعبي سان ڳنڍڻ لاءِ سرگرم آھن پر سنڌي نوجوانن کي آئي ٽي سان ڳنڍڻ لاءِ مون کي اڃا تائين ڪو سولو گس نظر نه پيو اچي ، نه سنڌ سرڪار سنجيده آھي ڇو ته ڪمپيوٽر سنڌ سرڪار جي اوليت ئي ناھي. سنڌ جي شعور کي سوچڻو پوندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.