لکي مان اڳوڻي ايم اين اي جي 2 ملازمن سميت 3 ڄڻا اغوا

لکي غلام شاھه (رپورٽ: نديم جان مهر)لکي غلام شاھه ٿاڻي جي حد ڳوٺ ڇهو لٻاڻو ڀرسان اڳوڻي ايم اين اي غوث بخش خان مهر جي زمين  جي ٽيوب ويل تي چوڪيداري ڪندڙن سميت 3 ڄڻا اغوا ٿي ويا آهن جنهن ۾ ڇهو لٻاڻو ڳوٺ واسي 2 چوڪيدار حيسن بخش ولد قلندر بخش لٻاڻو ۽ غلام رسول ولد ولي داد لٻاڻو کي هٿياربند زرعي زمين تان اغوا ڪري موٽرسائيڪل تي کڻي ويا آهن جڏهن ته سندس جي ڀر واري ڳوٺ شاهي واھ جو رهواسي نوجوان بشير احمد چاچڙ جيڪو ٻن ڏينهن کان گم آهي جنهن لاءِ پڻ وارثن اغوا جو شڪ ظاهر ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ٽنهي ڄڻن جي لکي غلام شاھه ٿاڻي تي پوليس کي اطلاع پڻ ڏنو ويو پوليس جاءَ وارڌات وٽ پهچي ڪري وارثن سان گڏجي هٿياربندن جا پيرا کنيا ويا آهن، پيرا رستم واري روڊ طرف وڃي گم ٿي ويا آهن، هوڏانهن اغوا ٿيل ٽنهي ڄڻن جي لکي ٿاڻي تي وارثن پاران اين سي داخل ڪرائي ورتي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.