هي ڏاڍو اهم سوال آهي ته شاگرد تي نصابي ڪتاب جو وڌيڪ اثر هوندو آهي يا اُستادَ جو؟ ان جو جواب تڏهن ئي ڏئي سگهجي ٿو، جڏهن يا ته نصابي ڪتاب شاگرد جي جديد تعليمي گهرجُن تي پورو لهڻ سان گڏو گڏ رياستي پروپگئنڊا ۽ سينسرشپ کان آزاد هجي يا استاد ڪتاب تي ڀاڙڻ جو پابند نه هجي! پاڪستان ۾ ايئن نه هئڻ جي ڪري شاگرد جي زندگي ۾ استاد کان وڌيڪ نصابي ڪتاب جو اهم ڪردار ۽ اثر ملي ٿو. علم جي تخليق استاد ۽ شاگرد جي گڏيل ذميواري هئڻ بجاءِ درسي ڪتابن تي بيٺي آهي. نوڪريءَ ۾ ڀرتي ٿيڻ کان وٺي رٽائر ٿيڻ تائين استاد کي اهو ئي پڙهائڻو ۽ دهرائڻو هوندو آهي جيڪو رياست کيس نصابي ڪتاب جي صورت ۾ مهيا ڪري ٿي. نصابي ڪتابن سان وري الميو اهو آهي ته انهن جي پنن تائين صرف اهو ئي مواد پُڄي ۽ ڇپجڻ لاءِ منظور ٿئي ٿو جيڪو رياستي نظريي تي پورو لهندي، رياستي بيانيي جي پُٺڀرائي ڪري ٿو. نصابي ڪتابن سان اها سموري روئداد اختيار ڪرڻ جو چِٽو سبب اهو آهي ته جيئن ٻارن جي علم، عقل ۽ شعور جو بنياد رياست جي مرضي سان پئجي سگهي.
پاڪستان ۾ پڙهايا ويندڙ درسي ڪتاب رياستي پروجيڪٽ تحت لکجن ۽ ڇپجن ٿا. 60ع واري ڏهاڪي کان پرائمري کان اعليٰ درجي تائين تدريسي ڪتابن جي منصوبه بندي، تياري ۽ ڇپائي جي ذميواري صوبن جي تعليمي شعبن هيٺ ڪم ڪندڙ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ (هر صوبي ۾ هڪ) تي آهي. صوبن مان ڀرتي ڪيل ليکڪن جي هڪڙي ٽيم ڪتاب لکندي آهي ۽ ٻي ڪتاب رِويو ڪري گهربل درستگيون آڻيندي آهي. ٽين ٽيم ڪتاب جي ايڊٽنگ وغيره ڪرڻ کانپوءِ تيار شده مسودو وفاقي حڪومت جي تعليمي وزارت جي ماتحت ڪم ڪندڙ نيشنل رِويو ڪميٽي ڏانهن اماڻيندي آهي. نيشنل رِويو ڪميٽي ڪتاب جي جانچ پڙتال ڪري، پاڪستاني نظريي سان سهمت ٿيندڙ مواد منظور ڪري ڪتابي صورت ۾ ڇاپيندي آهي، جنهن کي استاد اسڪولن ۾ پڙهائڻ لاءِ پابند هوندا آهن. ستم ظريفي ته اها آهي جو استادُ انهن مخصوص نصابي ڪتابن کان سواءِ ٻيو ڪو به ڪتاب پڙهائي نه ٿو سگهي ۽ نه ئي وري ڪو شاگرد ٻيو ڪو ڪتاب پڙهي سگهي ٿو. ايئن ڪرڻ جي صورت ۾ امتحان چڪاسيندڙ، نصابي ڪتاب وارو جواب نه ملڻ تي شاگرد جي ڏنل جواب کي غلط قرار ڏئي فيل ڪندو آهي.
هن سموري سرشتي ۾ ظاهر اهو ڪيو ويندو آهي ته تعليمي ۽ تربيتي عمل جي سڌاري لاءِ لاڳاپيل موضوعن ۽ مضمونن ۾ مهارت رکندڙ نامور استاد ۽ نام نهاد تعليمي بورڊ خودمختيارانه طور ڪم سرانجام ڏين ٿا. پر ان جي ابتڙ ڪتاب ۽ علم رياست وٽ يرغمال بڻيل آهن، جن جي موضوع کان ويندي مواد توڙي لکندڙ ۽ ڇپيندڙ تائين سڀ ڪجهه رياست طئي ڪندي آهي.
دنيا ۾ حقيقي تاريخ صفا گهٽ ملي ٿي ڇاڪاڻ جو اها لِکي ئي نه وئي آهي. هر خطي ۾ گهڻي ڀاڱي هر حڪومت، آمريت ۽ سامراجيت اصلي تاريخ کي مسخ ڪري هٿرادو ۽ من گهڙت تاريخ لکرائي آهي. اهو رواج پوري دنيا ۾ رائج آهي، ڇاڪاڻ ته ڪوڙي تاريخ رياستي ۽ حڪومتي اسٽيٽس ڪو کي برقرار رکڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي آهي. ساڳو سنئوڻ برِصغير ۾ ڪجهه سوايو آهي ۽ پاڪستان وري ڪوڙي تاريخ گهڙڻ، لکڻ ۽ ان جي تبليغ ۽ ترويج ڪرڻ واري مقابلي ۾ برِصغير ۾ سڀني ملڪن کان اڳيان آهي.
پاڪستان ۾ گهڻو تڻو شاگرد ئي درسي ڪتابن وسيلي پاپولر تاريخ پڙهي ٿو، جڏهن ته ملڪي آبادي جي وڏي اڪثريت تاريخ پڙهڻ ۾ دلچسپي گهٽ رکي ٿي. شاگرد به صرف نصاب واري تاريخ ئي پڙهي ٿو بلڪه کيس نصابي تاريخ ئي پڙهڻ تي مجبور ڪيو وڃي ٿو.
سماجي اڀياس ۽ پاڪستان اسٽڊيز جي پهرين کان ٻارنهين درجي تائين جي درسي ڪتابن ۾ پاڪستان جي ڄم کان اڄ تائين سموري تاريخ ٽوڙي مروڙي پيش ڪيل آهي. يقينن ڪوڙي تاريخ سڄي سماج تي منفي طرح اثرانداز ٿيندي آهي، جنهن سان نسل ڪوڙ، فريب ۽ دوکو سکن ٿا. انڪري اهڙي حساس معاملي تي حساس ۽ شعوري طور محتاط تاريخدانن جو ڪم ۽ تنقيد جهڙوڪ: ڪي. ڪي عزيز جو ڪتاب ‘(The Murder of History)’، رُبينا سائگال جو تحقيقي مقالو ‘Enemies Within and Enemies Without’ ۽ پاڪستاني نصاب ۽ درسي ڪتابن جي صورتحال تي اي. ايڇ نيّر ۽ احمد سليم جو سهيڙيل ڪتاب ‘The Subtle Subversion’، سميت ڊاڪٽر مبارڪ علي ۽ طارق رحمان وغيره جو ڪم قابلِ ذڪر آهي. جن پاڪستان ۾ پرائمري کان اعليٰ سطح تائين نصابي ڪتابن جي تنقيدي ڇنڊ ڇاڻ ڪري نصاب ۾ موجود هٿرادو توڙي من گهڙت تاريخ ۽ غلطين کي نه صرف اجاگر ڪيو آهي پر گهربل درستگيون پڻ تجويز ڪيون آهن، جيڪي هيٺ ذڪر ڪجن ٿيون:
- پاڪستان چوڏنهن آگسٽ نه پر پندرنهن آگسٽ تي آزاد ٿيو هو.
- الڳ ملڪ جي گهُر ڪندڙ پهريون ۽ اڪيلو ماڻهو علامه اقبال نه هو پر سندس 1930ع واري الله آباد خطبي کان اڳي 28 مسلمان اڳواڻ ساڳي گهُر ڪري چڪا هئا. جڏهن ته ملڪ جي آزادي جو سهرو فقط محمد علي جناح جي سِر تي نه ٿو وڃي پر قانوني طور تي اهو ڪم برطانوي پارلياماني ايڪٽ وسيلي ٿيو ۽ سياسي طور تي اهو ڪم هندستان جي سڀن مسلمانن جي مدد سان آل انڊيا مسلم ليگ ڪيو.
- لياقت علي خان کي قائدِ ملت ۽ شهيدِ ملت جا لقب عوام نه پر اسٽبلشمينٽ ڏنا هئا. جڏهن ته هو جناح جو پسنديده نه پر ناپسنديده ماڻهو هو، جنهن اقتدار ۾ رهي پاڪستان سان جيڪا ويڌن ڪئي. ان تحت هن کي قومي هيرو قرار ڏيڻ تي سوال اٿن ٿا.
- قراردادِ پاڪستان 23 مارچ 1940ع ۾ نه پر 24 مارچ 1940ع ۾ پاس ٿي ۽ اها قراردادِ پاڪستان نه پر قراردادِ لاهور هئي، جنهن ۾ الڳ ملڪ جي نه پر آزاد مسلمان رياستن (جمع) جي گهُر ڪئي وئي هئي جيڪا پڻ چِٽي نه هئي.
- پاڪستاني ماڻهو ايوبي آمريت مان خوش نه پر بيزار ۽ باغي هئا، جن سندس نافذ ڪيل ون يونٽ خلاف ايم آر ڊي تحريڪ وسيلي بغاوت ڪري ان جو انت آندو.
- 1965ع واري جنگ نه پاڪستان کٽي هئي ۽ نه ئي وري هندستاني فوج کي شڪست آئي هئي. جنگبندي عالمي پاورن جي مداخلت سبب ٿي هئي.
- 1971ع واري سانحي ۽ پاڪستان جي ٽٽڻ پويان انڊيا جي سازش نه پر پاڪستاني رياست جو بنگالين ۽ بنگالي قوم ۽ ٻولي سان ناانصافيون، ظلم، ڏاڍ، امتيازي رويا ۽ 71ع ۾ اليڪشن کٽڻ باوجود شيخ مجيب کي وزيرِ اعظم نه بڻائڻ وغيره جا اهم سبب هئا. جن کي نصاب مان ڪاٽي، بنگالين کي ملڪ دشمن ظاهر ڪري، نصاب وسيلي ذهن سازي پئي ڪئي ويندي رهي آهي.
- جمهوريت دوران ملڪي حالات ڪڏهن خراب ناهن هوندا پر نصابي ڪتابن ۾ اهي بگڙيل ڏيکاري فوجي آمريت کي ملڪي مفاد ۾ بهتر ڏيکارڻ سميت جنگين کي گلوريفائي ڪرڻ ۽ ضياءَ کي اسلامي رياست ٺاهيندڙ ڀلو ماڻهو ثابت ڪرڻ واري عمل کي خاص جاءِ ڏيڻ جو مقصد شاگردن جي تعميري تنقيدي شعور کي مُڏو ڪرڻ آهي.
- اڙدو نه ئي عام عوام جي ٻولي هئي ۽ نه آهي. نه ئي وري اها پوري ڏکڻ ايشيا ۾ ڳالهائي ويندي هئي. بلڪي اها هڪ مخصوص طبقي جي اتفاقي ٻولي هئي.
- نصابي ڪتابن مان شاه عبدالطيف ڀٽائي، شيخ اياز، سميت وڏا وڏا شاعر گم ڪري، ٻولي ۽ قومن جي شناخت نظرانداز ڪري، اصل هيروز، جهڙوڪ، مهاراجا ڏاهر، حيدر بخش جتوئي، جي ايم سيد، الله بخش سومرو شيخ مجيب، گانڌي، مولانا عبيدالله سنڌي، ابو الڪلام آزاد، ۽ ٻين جي جاءِ تي محمد بن قاسم، لياقت علي خان، چوڌهري رحمت علي، محمد علي جوهر، علامه اقبال ۽ فوجي آمر ايوب، ضياءَ جهڙن ماڻهن متعلق ڪوڙي اميج ٺاهي تقويت ڏئي ڊَمي هيروز جي پوئلڳي جو رجحان پيدا ڪيو ويو، جيڪو جيئن جو تيئن جاري آهي.
- نصابي ڪتابن ۾ هندوئن ۽ ٻين مذهبن بابت نفرت آميز ڳالهين سميت فرقيواريت، عقيده پرستي، رواجي، غيرسائينسي، غيرعقلي، غيرمنتقي، غيرنظرياتي، سياست دشمن، جمهوريت دشمن ڳالهيون وجهي، ٻارن جو برين واش پراجيڪٽ پئي هلايو ويندو رهيو آهي.
- نصابي ڪتابن وسيلي سڀن پاڪستانين کي مسلمان هئڻ ۽ اسلاميات سبجيڪٽ هئڻ باوجود به ٻين سبجيڪٽن ۾ اسلامي تعليمات زبردستي فِٽ ڪرڻ جو منفي اثر شاگردن ۾ جهاد ۽ شهادت جو رجحان پيدا ڪرڻ وغيره آهي.
مٿي ڄاڻايل ڳالهين سميت نصابي ڪتاب ٻين به انيڪ رياستي پروپگئنڊائن ۽ هٿرادو تاريخي حقيقتن سان ڀريل آهن، جن جو سڌي يا اڻ سڌي طرح نقصان رياست کي ئي ٿي رهيو آهي. ان ڪري وقتائتا سڌارا ۽ واڌارا نصاب کي جٽادار ڪري سگهن ٿا. باقي نصابي ڪتابن وسيلي شهرين ۽ شاگردن جي ڪردارن، عملن ۽ ذهنن ۾ جهالت ۽ ٻهروپيائي ڀرڻ ڪو سٺو سنئوڻ ته نه آهي. هيستائين ڪيل ان وارتا جو ڇا رياست ازالو ڪڍي سگهي ٿي؟