سن 2019 کان وٺي سنڌ سميت ڪاڇي ۾ ٻوڏن ۽ برساتن ۾ جيڪي ھزارين مسڪين متاثر ٿيا هئا موجوده وزير اعظم شهباز شريف طرفان انهن جي مدد لاءِ جيڪو گهرن جي اڏاوتي رقم ڏيڻ جواعلان ڪيو هو۔ هي چوٿون سال هلي رهيو آهي پر ڪنهن به ڪاڇي جي مسڪين کي نئون ۽ پڪو گهر ته پري جي ڳالهه انهن کي ٽينٽ به ميسر نٿي سگهي ڇا اها حڪومتي نااهلي ناهي ته ٻيو ڇاهي جيڪا چئن سالن ۾ بي گهر ٿيل مسڪينن جي مدد نه ڪري سگهي ان حڪومت ۾ اڃا ڪهڙو آسرو ڪجي.
هاڻي وري هڪ ڀيرو ٻيهر 2024 مون سون جوالرٽ جاري ڪري ڇڏيو اٿن پر افسوس جو اهي هزارين مسڪين اڃا تائين انهي حالت ۽ پوزيشن ۾ بي گهر زندگيون گزارين پيا جنهن وٽ نه کائڻ لاءِ ڪجھ آھي نه رهڻ لاءِ ڪو اجهو اٿن آخر آسمان مان ڪي فرشتا لهي اچي انهن غريبن جي مدد ته نه حڪومت جون ذميواريون آھن ته هو انهن هزارين نااميدين جي شڪار متاثرين ۾ اميد جو ڪو ڪرڻو جاڳائي انهن کي ڪاآٿت ڏئي يا دلجاء ڪرائي باقي ٺلها اعلان ڪرائي ٽي وي چئنلن ۽ سوشل ميڊيا تي شو ڪرائي پنهنجي ڪارڪردگي ڏيکارڻ وارو اهو مذاق ڪري غريب متاثرن جي ڦٽن تي مرهم پٽيون رکڻ نه پر ٺٺول آھي جنهن امدادي اعلان تي ٽن چئن سالن ۾ عمل نه ڪرائي اها حڪومت جي تاريخي نااهلي جنهن کي گنيز بڪ آف دي ورلڊ ريڪارڊ ۾ رکجي ته بهتر ٿيندو.
بحرحال اسانجي حڪمرانن وٽ غريب عوام کي سکڻن دلاسن آسرن ڏيڻ کان سواءِ باقي ٻيو رهيو ڇاهي دنيا ۾ ڪٿي به ڪنهن مصيبت ۾ ڦاٿل ماڻھن تذليل ناهي ٿيندي جهڙي طريقي اسانجي ملڪ ۾ حڪومت غريبن جي تذليل ڪندي رهي آھي نظر ڦيرائي دنيا جي ڪمزور ۽ غريب ملڪن ڏانهن ڏسون ٿا اتي به ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان انهن ۾ مصيبتون اينديون رهن ٿيون پر اهي غريب عوام کي ايئن آسرن ۾ ڪڏهن به ننڌڻڪو ناهن ڇڏين مصيببت ۾ ڦاٿل ماڻھون هجي يا ڪو ملڪ خيرات گهرڻ عيب ناهي دنيا جا ٻيا ملڪ خيراتون وٺي ترقي ۽ غريبن جي سهولتن تي خرچ ڪنٿا اسانجا حڪمران خيراتن واري مليل پئسي تي پنهنجون ملڪيتون ٺاهين ۽ عياشيون ڪن ٿا.
هن وقت موسميات کاتي پاران برساتن جي جيڪا وارننگ جاري ڪئي آهي ان ڪاڇي جهڙي ڏتڙيل علائقي جي هزارين متاثرن جي پريشانين ۾ اضافو ڪري ڇڏيو آهي حڪومتي ناهلي جو شڪار ڪاڇي جي هزارين ماڻهن کي ڱذريل چئن ورهين کان ننڌڻڪو ڇڏي ڏيڻ عوام سان وڏي دشمني آھي. عالمي ادارن کان اربين رپيا ورتا ويا ته اسين غريبن کي گهر اڏائي ڏينداسين حڪومت سميت تمام عالمي ادارن ۽ تنظيمن کان اهو سوال ته ڇا چار سالن تائين به اوهان ڪا پلاننگ نه جوڙي جو متاثرن جي ڪنهن نموني مدد ڪري سگهو ها .