پي ٽي آءِ تي پابندي جو فيصلو: هڪ غير جمهوري ۽ آمراڻو رويو

ڪالهه سڌ سماءُ جي وفاقي وزير عطا تارڙ هڪ پريس ڪانفرنس ڪندي ٻڌايو ته حڪومت پي ٽي آءِ تي پابندي لڳائڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ان فيصلي جو سبب پي ٽي آءِ جون ملڪ دشمن حرڪتون آهن جيڪي هن هڪ هڪ ڪري ڳڻي ٻڌايون ۽ اهو نتيجو ڪڍيو ته پي ٽي آءِ ۽ ملڪ گڏ نٿا هلي سگهن. هن پي ٽي آءِ جي باني، اڳوڻي صدر عارف علوي ۽ اڳوڻي ڊپٽي اسپيڪر قاسم سوري خلاف آرٽيڪل 6 جو ڪيس هلائڻ جو به ارادو ڏيکاريو. هن چيو ته ان فيصلي بابت ڪابينا کي اعتماد ۾ ورتو ويندو ۽ پوءِ سپريم ڪورٽ ۾ پي ٽي آءِ تي پابندي وجهڻ جو ڪيس داخل ڪيو ويندو. هن مخصوص سيٽون پي ٽي آءِ کي ملڻ واري فيصلي خلاف پڻ نظرثاني جي اپيل داخل ڪرڻ جو ارادو ظاهر ڪيو آهي.

اهو فيصلو بظاهر مسلم ليگ (ن) جي حڪمران جماعت جو آهي، اها خبر ناهي ته ان فيصلي ۾ حڪومت جون اتحادي جماعتون شامل آهن يا نه. بهرحال اهو انتهائي آمراڻو ۽ غير جمهوري فيصلو آهي ۽ لڳي ٿو ته اهو جارهاڻو فيصلو پي ٽي آءِ کي مخصوص سيٽون ملڻ واري عدالتي فيصلي جو ردعمل آهي ۽ ان خطري کي محسوس ڪندي ڪيو ويو آهي ته مخصوص سيٽون ملڻ سان پي ٽي آءِ پارليامينٽ جي وڏي جماعت ٿي ويندي ۽ اها پوءِ اقتدار ۾ به ان هائوس تبديلي آڻي سگهي ٿي تنهن ڪري مٿس پابندي لڳائي ان جي رستا روڪ ڪجي.

اسان سمجهون ٿا ته جيڪڏهن پي ٽي آءِ تي پابندي لڳائڻ واري فيصلي پٺيان اها سوچ آهي، اها مايوسي آهي ۽ اهو خطرو آهي ته ان تي حيرت ۽ افسوس جو ئي اظهار ڪري سگهجي ٿو. ڇاڪاڻ ته مسلم ليگ (ن) هن ملڪ جي سينيئر جماعت آهي جيڪا ڪافي ڀيرا اقتدار ۾ به اچي چُڪي آهي تنهن وسيع تجربي جي روشني ۾ ان کي پي ٽي آءِ سان سياسي ۽ قانوني طور مقابلو ڪرڻ گهرجي نه ڪي آمراڻي ۽ غير جمهوري انداز اختيار ڪجي. هونئن به ڏسجي ته هڪ پاسي حڪومت معاشي بحران کي منهن ڏيڻ لاءِ سياسي جٽاداري جي اهميت بيان ڪندي رهندي آهي ۽ پي ٽي آءِ کي پارلياماني ۽ جمهوري سياست ڪرڻ جا درس ڏيندي رهي آهي پر ٻئي پاسي وري اها ساڳي حڪمران جماعت هڪڙا غير جمهوري ۽ آمراڻا فيصلا ڪري پنهنجي حڪومت ۾ ئي سياسي اشتعال ۽ تڪرار وڌائي رهي آهي.

اسان جو خيال آهي ته مسلم ليگ (ن) جي حڪومت جي مفاد ۾ اهو آهي ته اها پارليامينٽ کي مضبوط ڪري ۽ سياسي فيصلا ڪري. جيڪڏهن مسلم ليگ (ن) کي مخصوص سيٽن جي حوالي سان سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي تحفظات آهن ته اها نظرثاني جي اپيل داخل ڪري آئيني طور پي ٽي آءِ جو هاڻي به مقابلو ڪري سگهي ٿي بجاءِ ان جي ته ان کي پارليامينٽ ۽ سياسي ميدان مان ئي ٻاهر ڪڍي ڇڏڻ جو سوچجي.

سو لڳي ٿو ته هي جلدبازي ۾ ڪيل فيصلو آهي. ڪير به ان کي سٺو ۽ تعميري فيصلو نه چوندو. اهو به ڏسڻو آهي ته حڪومت جون اتحادي جماعتون ڇا ٿيون سوچين ۽ ان ڏس ۾ ڪهڙو ردعمل ظاهر ڪن ٿيون. ڇاڪاڻ ته ان سان عالمي برادري ۾ به سٺو تاثر نه ويندو. آمريڪا ۽ گڏيل قومن اڳ ۾ به هن سال وارين چونڊن جي شفافيت تي سوال اٿاريا آهن ۽ پي ٽي آءِ کي چونڊ وڙهڻ جو سازگار ماحول مُهيا نه ڪرڻ تي ٺهراءَ پاس ڪيا آهن. سو ان ماحول ۾ وڌيڪ محتاط رهڻ جي ضرورت آهي ۽ سياسي ماحول کي مضبوط ڪرڻ ڏانهن ڌيان ڏيڻ جي گُهرج آهي.

اسان جو خيال آهي ته جيڪڏهن مسلم ليگ (ن) ان نوعيت جو فيصلو ڪيو به آهي ته ان کي اهو واپس وٺڻ گهرجي. ان فيصلي جا ڏاڍا خراب نتيجا نڪري سگهن ٿا. چوندا آهن ته جيڪا کڏ اوهان ٻين لاءِ کوٽيو ٿا تنهن ۾ پاڻ به ڪري سگهو ٿا. ان فيصلي ان حقيقت ۾ ڏسجي ته جمهوري نظام ۽ خود مسلم ليگ (ن) کي به خطرو آهي. ايئن ٿو لڳي ڄڻ ان جذباتي فيصلو ڪيو آهي جنهن جي لپيٽ ۾ سڀ ڌريون اچي سگهن ٿيون. سو اهڙي خطرناڪ ۽ بي سمجهي واري فيصلي تان هٿ کڻڻ جي گذارش ڪجي ۽ صورتحال کي نارمل ۽ مثبت انداز سان هلائڻ جي سفارش ڪجي ٿي. ان سلسلي ۾ جمهوري ڌرين کي خاص ڪري پ پ کي اهم ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي ۽ مسلم ليگ (ن) کي ان غلط فيصلي کان بچائڻ گهرجي.

اهڙن فيصلن کي ڏسي ڪري چئي سگهجي ٿو ۽ اسان هميشه ان ڳالهه جي نشاندهي به ڪندا رهيا آهيون ته ماضي جي خراب تجربن مان نه اسٽيبلشمينٽ سکيو آهي، نه ئي سياستدانن. اڃان به تباهه ڪن غلطين جو ورجاءُ ئي ٿيندو رهيو آهي. اها ڀلا ڪنهن کي خبر ناهي ۽ ڪنهن جي تجربي ۾ ناهي آيو ته پارٽين تي پابندي وجهڻ، سياستدانن کي جيلن ۾ وجهڻ، ڪوڙا ڪيس ٺاهڻ، انتقامي ڪارروايون ڪرڻ سان ان ڌر جو ئي نقصان ٿيو آهي جنهن هٿڪنڊا استعمال ڪيا آهن، ذوالفقار ڀٽي نئپ تي پابندي لڳائي، ضيا الحق پ پ تي پابندي لڳائي، جنرل مشرف به ائين ڪيو پوءِ ڇا پ پ ختم ٿي وئي، ڇا جيلن ۾ ويل سياستدان جهڙوڪ بينظير ڀٽو، آصف زرداري، نواز شريف، شهباز شريف وغيره وري واري واري سان وزيراعظم ۽ صدر نه ٿيا. سو ائين ڪرڻ سان اڃان به مخالف جماعتون ۽ انهن جا اڳواڻ ئي مقبول ٿيندا آهن. ان تجربي جي روشني ۾ ڏسجي ته پي ٽي آءِ تي پابندي وجهڻ جو مطلب اهو ناهي ته عوام ان کي رد ڪري ڇڏيندو. تنهن ڪري پي ٽي آءِ سان سياسي ميدان ۾ مقابلو ڪرڻ گهرجي. ان جي غلط پاليسين بابت عوام کي شعور ڏنو وڃي ۽ پنهنجين پاليسين کي عملي طور ميدان ۾ آڻجي. جيڪا جماعت حڪومت ۾ آهي تنهن کي موقعو آهي ته اها پاڻ کي مقبول حڪومت بڻائي، پنهنجي ڪارڪردگي ڏانهن ڌيان ڏي ۽ گڊ گورننس تي پنهنجيون توانايون خرچ ڪري. مخالف ڌر تي سوچڻ فضول آهي. حڪومت ڪيئن بهتر ڪجي، جمهوري نظام ڪيئن مضبوط ڪجي، عوام کي ڪيئن تڪڙو رليف ڏجي ان تي سوچڻ گهرجي بجاءِ ان جي ته صرف ۽ صرف پي ٽي آءِ تي سوچجي ۽ پنهنجو حڪومت ڪرڻ وارو قيمتي وقت ضايع ڪجي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.