اَغوا انڊسٽري جي ڪوڙڪيءَ ۾ باندي بڻيل ٺُل واسي بهرام کوسو

تحرير: نور خان بکراڻي

اُھو ھڪ وڏو الميو آھي ته گذريل ڪافي سالن کان وٺي سِنڌ صوبي جي شهرن توڙي ٻهراڙين جي ڳوٺن ۾ امن امان ھڪ وڏو سنگين مسئلو بڻجي ويو آهي. ميٽروپوليٽن سٽي ڪراچيءَ ۾ اسٽريٽ ڪرائيم کان وٺي اُتر سِنڌ جي ڪچي وارن ضلعن ڪشمور، گهوٽڪي، جيڪب آباد، شڪارپور ۽ لاڙڪاڻي اندر ڏوھارين جي محفوظ پناھ گاهن ۾ اَغوا براءِ تاوان جون انڊسٽريز قائم ٿيڻ ڳڻتي جوڳو مسئلو بڻجي ويو آهي. يقينن امن امان جون حالتون راتو رات ته خراب نه ٿيون ھونديون. ان پُٺيان ھڪ ڊگهي ڪهاڻي ۽ تمام وڏي سوچيل سمجهيل سازش ضرور شامل آھي ۽ خود حڪومتي پارٽي کي ڪنهن به ريت بدامنيءَ واري ذميواري کان ھرگز آجو قرار ڏئي نه ٿو سگهجي.

ڳالهھ واضع آهي ته سِنڌ صوبي اندر اڇي ۽ ڪاري جا مالڪ آڱوٺي ڇاپ جاگيردار، سرمائيدار، مير، پير، نام نهاد سردار، ڀوتار ۽ اقتداري ٽولو آهي، جيڪو حڪومتي سرپرستي ھيٺ ملڪي آئين، عدالتي قانوني نظام، جمهوري قدرن کي پائمال ڪندي اسلامي اُصولن جي خلاف رياست اندر پنهنجي رياست قائم ڪري جرڳن تي سپريم ڪورٽ آف پاڪستان پاران پابندي باوجود غير قانوني طور جرڳا ڪوٺائي عدل ۽ انصاف واري نظام جو خود پاڻ ئي جنازو کڻي رھيا آھن ته وري ٻئي طرف عام ماڻهو کي عدالتي فيصلن تي عملدرآمد ڪرڻ جو راڳ آلاپي بيوقوف بڻائيندا رھيا آھن. ڏوھاري عنصرن کي بدبودار ڀوتارڪي ۽ جرڳائي سسٽم تحت سخت سزائن بدران ڄڻ ڇوٽ ۽ آزادي مليل آهي. قبيلائي تڪرارن ۽ ڏوھارين سان نرم رويو رکڻ سبب ھاڻي امن امان جون حالتون سِنڌ صوبي اندر وڃي اُن حد تائين پهچي چُڪيون آهن ته سِنڌ پوليس ۾ مُقرر نااھل، نالائق، ڪرپٽ ۽ ڪارين رڍن جي خراب ڪارڪردگي سبب ڏوھارين اڳيان گوڏا کوڙي، بي حس، بيوس، لاچار ۽ نه فقط پنهنجي رِٽ مڪمل طرح وڃائي ڇڏي، پر عوام اڳيان به پنهنجي ماضيءَ واري ساک ۽ اعتماد تي به سواليه نشان ھڻائي ڇڏي آهي.

ياد رھي ته اغوا براءِ تاوان جو ھڪ سنگين واقعو ھڪ مهينو اڳ ٺُل مان رپورٽ ٿيو آهي. تفصيل موجب جيڪب آباد ضلعي جي تعلقي ٺُل جي آر ڊي 52 ٿاڻي جي حدن ۾ واقع ڳوٺ پيارو خان کوسو ۾ پنهنجي اوطاق مان 11 جون 2024ع جي رات جي پوئين پهر ۾ 9 ھٿياربندن ھٿان کنڀجي ويل 60 ورھين جي عمر رسيدہ ۽ نفيس جسم جو مالڪ اُستاد بهرام خان کوسو تي سخت جسماني تشدد ڪرڻ کانپوءِ کيس کڻي نامعلوم ھنڌ لاپتا ڪري ڇڏيو آهي، جنهن کي 35 ڏينهن گُذري چُڪا آهن، پر تان حال سندس بازيابي عمل ۾ اچي نه سگهي آهي. تازو ڪجھه وقت پهريان اغواڪارن سندن وارثن سان رابطو ڪرائي بازيابيءَ لاءِ 5 ڪروڙ رپيا ڀُنگ، 2 راڊو ڪمپنيءَ جون قيمتي واچون ۽ ھڪ آءِ فون موبائل جو مُطالبو رکيو آھي. ڪرپٽ حڪمرانن جي شاھي خرچن، مھا ڪرپشن ۽ ڏينهون ڏينهن وڌندڙ مهانگائيءَ سبب عوام جياپي جي جنگ وڙھي رھي آھي. تمام تنگ معاشي حالتن مان گذري پنهنجن ٻچڙن لاءِ ٻه ويلا ماني ڪمائي ٿو ۽ غريب طبقو بيروزگاري سبب بک، بدحالي جي ڪري ٻچا وڪڻڻ ۽ خودڪشيون ڪري رھيا آھن. اھڙي صورتحال ۾ شريف ماڻهن کي اغوا ڪري وارثن کان ڪروڙين رپيا ڀنگ طلب ڪرڻ ۽ تاوان ادا نه ڪرڻ تي مُغوين کي سخت جسماني تشدد ۽ ايذاءُ ۽ پيڙائن مان گذارڻ وارن واقعن تي سرڪار جي خاموشي سمجهه کان ٻاهر آهي.

جديد ٽيڪنالاجي واري دور ۾ ڏوھارين پاران مُغوين جي تشدد ٿيل وڊيوز ته منظرعام تي اچي وڃن، پر بدقسمتيءَ سان ائٽمي قوت ملڪ جي قانون لاڳو ڪندڙ عسڪري ادارن کي نه ته اغوا ڪندڙ ملن ٿا ۽ نه وري کين مُغوين جو ڪو به ڏس پتو پئجي سگهي ٿو.

افسوس! جيڪب آباد ضلعي پوليس ٽوپي ڊرامو ڪندي پيرسن مُغوي بهرام خان کوسو کي باحفاظت بازياب ڪرائڻ لاءِ روايتي طور طريقا ۽ حربا استعمال ڪندي سُستي ۽ ٽال مٽول کان ڪم وٺي محض ٽائيم پاس ڪري سنجيده ڪوششون وٺندي ھرگز نظر نه پئي اچي.

اسين وزير اعليٰ سِنڌ، آءِ جي سنڌ پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ٻين اعليٰ عسڪري ادارن کان مُطالبو ڪريون ٿا ته نهايت معزز ۽ معتبر شخصيت بهرام خان کوسو کي ظالم ڌاڙيلن جي قيد واري زندانن مان جلد کان جلد باحفاظت بازياب ڪرائي سندس خاندان مان مايوسي ۽ بيچيني ختم ڪئي وڃي.

سنڌ جي غريب ۽ مظلوم ماروئڙن جي اُھا بدقسمتي آهي جو ڪو اھڙو وقت به ھو ته ڪنهن به ٽي وي چينل تي جيڪڏهن ڪنهن به خبر جو ٽِڪر ھلندو ھو ته اقتدار جي ايوانن ۾ هلچل مچي ويندي ھئي ۽ واسطيدار ڌُريون فورن حرڪت ۾ اچي مسئلي جو سبب معلوم ڪندي بروقت ئي مسئلي جو حل ڪڍي متاثر ماڻهوءَ کي انصاف ڏيڻ جو پورو پورو ڪوشش ڪندا ھئا. ان جي برعڪس اڄڪلھ امن امان بحال ڪرائڻ ۽ مُغوين جي بازيابيءَ لاءِ جيڪڏهن ڪلاڪن جا ڪلاڪ يا ڏينهن جا ڏينهن قومي شاهراهه يا مکيه روڊ رستا مُڪمل بند ڪجن يا وري شهرن ۾ شٽربند هڙتال جو سڏ ڏئي احتجاجي مُظاهرا توڙي بک هڙتالي ڪئمپون لڳايون وڃن ٿيون ته به وقت جي ظالم ۽ بيحس حُڪمرانن ۽ واسطيدار کاتي جي نااھل آفيسرن ۽ ڪرپٽ ڪامورن جي ڪن تي ڄڻ جُونءِ به ڪا نه ٿي چُري.

ھاڻي عوام سڀ ڪجهھ چڱيءَ طرح ڄاڻي ٿي ته سِنڌ صوبي اندر وڌندڙ راڪاس بدامنيءَ جي نتيجي ۾ اغوا انڊسٽري يا ڪلاشنڪوف ۽ ڌاڙيل ڪلچر کي پروموٽ ڪرڻ جي پُٺيان ڪنهن جا سياسي مفاد جڙيل آھن ۽ ڏوھارين کي اغوا براءِ تاوان واري گورک ڌنڌي ۾ ڪنهن جو ڪيترو حصو پتي مقرر ٿيل آھي ۽ ڌاڙيلن کي ڪنهن جي پُشت پناهي حاصل آھي…؟ ۽ پوليس جي عملداري کي ناڪام بڻائڻ جا اصل مُحرڪات ۽ انهن جو صحيح حل به مُقتدر قوتن وٽ موجود آھي، پر سياسي مُصلحتن وسيلي پوليس کي فقط مُخالفن کان سياسي اِنتقامي ڪاروايون وٺڻ ۽ وي آءِ پي ڪلچر کي پروٽوڪول ڏيڻ ۾ سندس پروفيشنل صلاحيتون ضايع ڪري مورال ئي ڊائون ڪيو ويو آهي. سنڌ صوبي اندر پوليس جا ھٿ پير ٻڌي بي اختيار بڻائي قربانيءَ جو ٻڪرو بڻايو وڃي ٿو، روز جوانن جون شهادتون ان ڳالھه جو واضع ۽ کليل دليل آھن ته ويچارو بڻيل پوليس فورس ھاڻي پنهنجي دفاع به ڪري نه ٿي سگهي. شايد جوانن جي قتلن جا اصل ذميوار به حڪمران ٽولو آهي، جيڪو سپاھي کان وٺي آءِ جي پوليس جي سطح تي مقرري ۽ بدلي پنهنجي پسند، مرضي ۽ منشا سان ڪرائيندا رھن ٿا ته پوءِ پوليس سان گڏوگڏ بدامنيءَ جا سڌا سنوان ذميوار پاڻ آھن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.