اولهھ ۾ جتي يوڪرائن روس جي نئين سرد جنگ جي ڪري روس کي معاشي اقتصادي طور نقصان ڏيڻ ۽ اڪيلو ڪرڻ جي ڪوشش ٿي رھي آھي ملڪن کي روس سان ڪي معاھدا ڪرڻ تي اگرن نتيجن کي منھن ڏيڻ جا خوف ڏنا پيا وڃن پر نه رڳو اھي سڀيئي رياستون جن روس کان آزادي حاصل اھي روس سان گڏ آھن پر اتي روسي صدر پيوٽن چائنا، پاڪستان انڊيا ايران سميت ٻين پاڙيسري ملڪن سان واپـاري لاڳاپا وڌائڻ تي عملي ڪم ڪري رھيو آھي جيئن اولھه جي پابندين کي منھن ڏيـئي سگھجي.
توڙي جو روس اھو ملڪ آھي ان تي ھڪ وڏو امتحان آيو جڏھن ھن کان ڪافي علائقا الڳ ٿي ويا روس تي اھو ڏکيو وقت آيو جڏھن ميخائيل گورباچوف ڊاڪٽر نجيب جي حمايت ۾ افغا نستان ۾ فوجون لاٿيون اتي امريڪا پاڪستان ان وقت روس جي خلاف طالبان جي مدد ڪئي ۽ انڊيا روس سان خاموش رھيو وري افغانستان ۾ جڏھن امريڪا نيٽو اتحادي فوجون آيون ته انڊيا آمريڪا سان گڏ ھو روس به جي ايٽ جو اتحادي ھو ان ڪري سندس ھمدرديون نيٽو سان ھيون ۽ جڏھن يوڪرائن جو مسئلو ٿيو روس جي ايٽ مان نڪتو مٿس امريڪا اولھه جي ملڪن جي تنقيدن جا تير شروع ٿي ويا جيڪي اڃ تائين جاري آھن، پر روس جي جيڪڏهن مضبوطي کي ڏسنداسين ته زار پيٽر کان وٺي پيوٽن تائين ھو ڪنھن به ملڪ جي دٻاءُ کي قبول نه ڪيو آھي ان جو وڏو سبب ھڪ روس دنيا جو وڏي ۾ وڏو ملڪ آھي ٻيو تقريبن تمام ٿڌو ملڪ آھي جنھن ڪري ٻاھرين فوجن لاءِ ٿورو ڏکيو ملڪ آھي اھڙي غلطي ھٽلر ڪري ھڪ وڏو جرمن فوج جو برگيڊ مارائي ڇڏيائين، ھن وقت يوڪرائن جي مٿان روسي فوج جا حملا جاري آھن امريڪا يوڪرائن ھٿيارن جو وڏي کيپ اماڻي رھيو آھي ان ڪري اتحادي نيٽو، اولهه روس کي روڪڻ جي تياري ۾ آھي ڪيڏي مھل ھڪ وڏي سرد جنگ شروع ٿي سگھي ٿي
جنگ ھڪ اھڙي شئي آھي چاھي اھا ھن وقت روس طرفان يوڪرائن تي مڙھيل ھجي چاھي آمريڪا اسرائيل نيٽو جون من مانيون ھجن انھن جنگين ھميشه معصوم انسان جي رت وھايو آھي ۽ ھر مھذب مڪتبه فڪر جي انسان ان جي نندا ڪئي آھي، يقينن تازو پاڪستاني وزير اعظم جي شھنگائي تعاون تنظيم جي اجلاس پيوٽن سان واپاري رابطا رکڻ واري ڳالھه امريڪا ۽ اولھه کي ناراض ڪيو ھوندو ۽ جيڪا ڳالھه آءِ ايم ايف انتظاميا کي نه وڻي ھوندي پر ڀارت کي ان مسئلي تي جھڙوڪر ڇوٽٰ حاصل آھي ھو ھڪ ئي وقت اولھه سان گڏ آھي ۽ روس سان به گڏ آھي ھو پنھنجي پراڻي ٻن ٻيڙين ۾ سواريءَ واري عادت کي برقرار رکيو اچي پيو ان جو مثال تازو مودي جي روس جي دوري مان ڪري سگھجي ٿو.
ٿورو پوئتي وينداسين ته خبر پوندي 9/11 کان پوءِ آمريڪا هندستان تي زياده مهربان رهيو آهي ۽ هندستان جي عالمي ۽ علائقائي مسئلن کي حل ڪرڻ ۾ پيس پيش رھيو آھي جتي ڪشمير مسئلي تي ڀارت مٿان ھلڪو ھٿ رکندو رھيو آھي ڇوته امريڪا کي ڀارت پاران دلائي لاما جي سپورٽ پسند آھي ھو چائنا ۽ ڀارت جنگ کي ڇيڙڻ چاھي ٿو ھوئن به امريڪا جي اھا پاليسي رھي آھي ته ڪنھن ملڪ کي سبق سيکارن لاءِ ڪنھن ٻئي ان جي پاڙيسري ھڪ يا ان کان وڌيڪ ملڪن جي ڪلھن تي بندوق رکي ھلائيندو رھيو آھي عراق ايران جنگ ۾ عراق کي سپورٽ وري صدام خلاف سعودي، ڪويت، متحده عرب امارات، ايران جي مدد سان صدام جو تخت اونڌو ڪيائين اتر ڪوريا لاءِ ڏکڻ ڪوريا جو ڪلھو استعمال ٿيندو رھيو افغانستان جي طالبان حڪومت کي سيکت ڏيڻ لاءِ خاص ڪري لادن جي ڳولا ۾ جتي پاڪستان کي استعمال ڪيائين اتي انڊيا تي ايترو مھربان ٿيو جو نيٽو اتحادين جيڪا ڀڃ ڊاھ ڪئي ھئي اھو ٺيڪو انڊيا کي مليو ان مان نه رڳو انڊيا سٺو ناڻو ڪمايو پر ساڳي وقت را ۽ موساد جي ايجنٽن کي اتي منظم ڪري اھو ٽاسڪ ڏنو ويو ته حالتون ايترويون خراب ڪريو جو امريڪا نيٽو ھتان واپس نه ٿين ساڳي وقت ماڻھن جو پاڪستان خلاف برين واش ڪري پاڪستان مخالف مائنڊ سيٽ تيار ڪيو ويو ايتري قدر پاڪستان پاران لکين مھاجرن جو بار کڻن باوجو حامد ڪرزئي ۽ اشرف غني امر الله صالح جھڙن انڊيا نواز ليڊر به ھر وقت پنھنجي تقريرن ۾ پاڪستان خلاف زھر اوڳاڇيندا رھيا پر امريڪا جڏھن پنھنجي ناڪامي ۽ نقصان کي ڏٺو ته ٽرمپ ھڪ اعلان ڪري فوجون افغانستان مان ڪڍي ويو اتي انڊيا موساد جي ايجنٽن ساه بچائي گرام ايئر بيس تان ساڻن گڏ اڌ کان مٿي سامان ڇڏي ڀڳا بھرحال ڳالھه ٿي ھلي انڊيا جي جيڪو ھر ان پراڪسي وار ۾ گڏ ھو آمريڪا مان وائدا حاصل ڪرڻ سان گڏ روس سان اندروني طور ھا ۾ ھا ملائيندو رھيو تنھنڪري هاڻ ڀارت اولھه کي ڪاميابيءَ سان چريو بڻائڻ کانپوءِ روس سان پنهنجا لاڳاپا مضبوط ڪري رهيو آهي.
نريندر مودي جو تازو ماسڪو جو دورو ان سلسلي جي هڪ اهم ڪڙي آهي. مودي جو وزيراعظم چونڊجڻ جو، ھي ٽيون دفعو آھي تازو ھن ماسڪو جو ٻن ڏينهن جو دورو ڪيو آھي جتي روسي صدر ولاديمير پيوٽن سندس استقبال ڪيو ۽ کيس روس جي اعليٰ ترين سول اعزاز آرڊر آف سينٽ اينڊريو دي اپوسٽل سان نوازيو آھي، سينٽ اينڊريو جي نالي تي ھي ايوارد پھريون دفعو زار پيٽر جاري ڪيو ھو، سينٽ اينڊريو ڪير ھو؟ سينٽ اينڊريو حضرت عيسيٰ جي پھرين حواري هو جنھن جي ناليواري ايوارڊکي حاصل ڪندي مودي ان کي هندستان جي عوام ۽ هندستان ۽ روس جي وچ ۾ دوستي جي روايتي لاڳاپن جي نالي سان منسوب ڪيو. نريندر مودي چيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ خاص اسٽريٽجڪ پارٽنرشپ آهي اهو اعزاز منهنجو نه پر هندستان جي هڪ سئو چاليھه ڪروڙ عوام جو آهي. ان کان اڳ روسي صدر ولاديمير پيوٽن جي آفيس جو چوڻ هو ته نريندر مودي جي دوري تي مغربي ملڪ حسد ڪري رهيا آهن.
دوري دوران پيوٽن ۽ مودي وچ ۾ وفدن جي سطح جي ملاقاتن کان علاوه خانگي ملاقات به ٿي آھي ڀارتي ميڊيا موجب مودي جي وزارت عظميٰ دوران صدر پيوٽن سان اها ڇهين ملاقات آهي. يوڪرين جنگ شروع ٿيڻ کانپوءِ نريندر مودي جو روس جو هي پهريون دورو آهي. مودي 2019 ۾ روس جو دورو ڪيو جڏهن ته پيوٽن 2021 ۾ هندستان جو دورو ڪيو. پر مودي جو ھي دورو جتي امريڪا اولھ جي ارمانن جي برعڪس ٿيو آھي اتي يوڪرائني عوام کي به ڏاڍو خراب لڳو آھي ان تي يوڪرين جي صدر ولاديمير زيلنسڪي چيو آھي ته دنيا جي سڀ کان وڏي جمھوريت جو دعويدار خونخوار مجرم کي گلي لڳايو. يوڪرين سان همدردي جي اظهار جي باوجود، مودي اڃا تائين يوڪرين تي روسي حملي جي مذمت نه ڪئي آهي. آمريڪا ۽ مغربي ملڪن جڏهن به ان حوالي سان ڀارت تي دٻاءُ وڌو ته مودي ڪاميابيءَ سان ان دٻاءُ کي غير موثر بڻائي ڇڏيو. اهڙي طرح آمريڪا جو اسٽريٽجڪ پارٽنر هندستان روس سان پنهنجي پراڻي پارٽنرشپ کي ڪاميابيءَ سان برقرار رکي رهيو آهي مٿين سرد جنگ وران ھندستان تي اولهھ مهربان رهيو ۽ هندستان روس کان سستو تيل خريد ڪري پنهنجي معيشت کي سنڀاليو پر ان جي برعڪس يوڪرين جي جنگ پاڪستان جي استحڪام کي نقصان ڏنو آهي هڪ طرف وزيراعظم عمران خان کي متفقه فيصلي تحت روس موڪليو ويو ته ٻئي طرف آمريڪا کي شڪايتون ڪيون ويون، اسان جو وزيراعظم پنهنجي مرضي سان روس ويو آھي جڏهن مغربي ملڪن روس جي مذمت لاءِ پاڪستان تي دٻاءُ وڌو ته جواب ۾ وزيراعظم ڀارت جي غير جانبدار رهڻ جو عذر پيش ڪيو ته پوءِ جنرل قمر جاويد باجوا اڳتي وڌي اهو مطالبو پورو ڪيو ۽ يوڪرين بابت هڪ سيمينار ۾ روس جي مذمت ڪندي واضح موقف اختيار ڪيو
پاڪستان کي گھرجي ھا ھو روس يوڪرائن جنگ تي نيوٽرل رھي روس کان سستو تيل ۽ گيس خريد ڪري ملڪي معيشت کي مضبوط بنائي.