ملڪ جنھن حساب سان بحرانن جي ڌٻڻ ۾ ڦاسندو پيو وڃي ان مان لڳي ٿو تھ ملڪ جي سياسي قيادت بلوغت کان واجھيل آھي.خيال ھو تھ اٺين فيبروري جي چونڊن سان اڳي موجود سياسي گھوٽالي کي حل ڪرڻ ۾ مدد ملندي ۽ وري نوان تازا ٿي ڪري ملڪ جي سياسي،معاشي ۽ آئيني بحرانن کي حل ڪرڻ ۾ ڪا مدد ملندي،پر بدقسمتي سان ھميشھ جيان ھن ڀيري پڻ چونڊن ۾ ٿيل مداخلت سان جيڪي نتيجا سامھون آيا تھ ان سان ھڪ ڀيرو وري نئين سري سان بحرانن ڪر کنيو آھي.
ملڪ جي اسٽيبلشمنيٽ سميت حڪمران ڌر جون جملي جماعتون ڪم ٺپائڻ واري جمھوريت سان ملڪ کي ريڙھڻ جي ڪوشش ڪري رھيون آھن،جڏھن تھ تازين چونڊن سان پئدا ٿيل بحران وقت گذرڻ سان گڏ گھٽجڻ بدران وڌي رھيو آھي،جنھن ڪري ھاڻي تھ اپوزيشن خاص ڪري پاڪستان تحريڪ انصاف ۽ حڪومت ھڪ ٻئي جي آمھون سامھون ٿي ويون آھن،ڪجهھ وقت جي ھڻ ھڻان بعد ھاڻي جڏھن ھڪ ڀيرو وري عدليھ قانون جي روءِ سان فيصلا ڪرڻ شروع ڪيا آھن تھ صورتحال ھڪ دم تبديل ٿيندي نظر اچي رھي آھي.جنھن ڪري حڪومت کي ھر محاذ تي اخلاقي طور تي شڪست ٿي رھي آھي.
حڪومت پاران پاڪستان تحريڪ انصاف جي باني چيئرمين خلاف ٺاھيل ڪيسن کي عوام انتقامي ڪارروائي قرار ڏئي رھيو آھي. بدقستيءَ سان پاڪستان ۾ اھا پراڻي روايت رھي آھي تھ عوام جي مسئلن تي آواز بلند ڪرڻ جي ڏوھ ۾ ملڪ ۾ سياسي اڳواڻن مٿان غداري سميت اڻڳڻيا ڪيس ٺاھي ٺوڪيا وڃن ٿا،وري انھن ڪيسن کي دٻا تحت تھ فٽ ڪيو وڃي ٿو پر ان جي وڌيڪ قانوني پاسن کي جاچڻ ۽ پرکڻ سان عدليھ انھن ڪيسن ۾ ملزمن کي ڪجھھ ئي وقت ۾ رليف ڏئي ٿي ڇڏي،ملڪ ۾ حڪومت ۽ اسٽيبلشمينٽ جي پريشر تي جوڙيل اھڙن ڪيسن سبب ان کي وقتي رڪاوٽ سمجھي ڪري سياسي ڌريون اڳتي وڌي ٿيون وڃن.
ٻئي پاسي عدليھ جي فيصلن تي حڪومت سخت تنقيد ڪري رھي آھي، سپريم ڪورٽ جي فل بينچ پاران اٺن پنجن جي اڪثريت سان ڏنل فيصلي بابت مسلسل شڪ جو اظهار ڪيو پيو وڃي ته اهو ڪيتري حد تائين قانون جي دائري ۾ اچي ٿو.سرڪاري ترجمانن کان علاوه بچاءَ واري وزير خواجا آصف به عدالتي فيصلي کي آئين خلاف قرار ڏنو آهي.هن چيو ته اهو آئيني فيصلو ناهي. ان جا سياسي اثر نظر اچن ٿا. آئين کي ٻيهر لکيو ويو جيتوڻيڪ اهو اختيار صرف پارليامينٽ وٽ آهي.
بهرحال اهو سوال بحث جو موضوع بڻيل رهندو ته سپريم ڪورٽ جي ججن کي سياسي پيچيدگين کي محسوس ڪرڻ ۽ قوم کي مشڪل صورتحال مان ڪڍڻ جي ذميواري ڇو ڏني وڃي؟ يا اهي ملڪ ۾ ضرورت جي نظريي تحت ”سياسي حساسيت يا مجبورين“ جي ڪري سپريم ڪورٽ آئيني دائري کان ٻاھر وڃي فيصلا ڪري سگھي ٿي يا نھ ؟
سپريم ڪورٽ کي آئين جي خود تشريح ڪرڻ کان روڪڻ لاءِ مستقبل ۾ ڪو ميڪنزم تيار ڪرڻ يا آئيني ترميم آڻڻ جي ضرورت آهي. پر تازي فيصلي ۾ سپريم ڪورٽ جي اڪثريتي ججن عوام جي صحيح نمائندگي جي اصول کي مقدس ۽ قابل احترام سمجهندي تحريڪ انصاف کي مخصوص سيٽون ڏيڻ جو حڪم ڏنو. چئي سگهجي ٿو ته اهو فيصلو نيڪ نيتيءَ سان ڪيو ويو آهي، پر رڳو نيڪ نيتي ڪو اصول ناهي جنهن ذريعي عدالت جي آئين کان مٿاھين فيصلن کي جائز قرار ڏئي سگهجي.
ڏٺو وڃي ته اهي عدالتي فيصلا ملڪ جي سياسي صورتحال تي اثرانداز ٿين ٿا. شهباز شريف جي حڪومت سياسي طور تي مسلسل دفاعي پوزيشن ۾ آهي. 8 فيبروري تي ٿيندڙ چونڊن ۾ مسلم ليگ (ن) جي واضح ڪاميابي بابت شڪ وڌي رهيا آهن. حڪومت ملڪي معيشت کي هٿي وٺرائڻ لاءِ آءِ ايم ايف جا مطالبا پورا ڪرڻ تي مجبور آهي، پر انهن جي ڪري ڪيل فيصلا عوام جي مفاد ۾ ناهن. ماڻھن جي مشڪلات ۾ اضافي جو سبب بڻجي رھيا آهن. ۽ نتيجي طور، حڪومت وڌيڪ ڦاسندي نظر اچي رھي آھي.
شهباز شريف وزيراعظم جي حيثيت سان مثالي ليڊر جو ڪردار ادا ڪرڻ ۾ مڪمل ناڪام رهيو آهي. معاشي فيصلا ڪرڻ ۽ بجيٽ ٺاهڻ ۾ روايتي طريقا استعمال ڪيا ويا، جن مان عام تاثر اهو مليو تھ حڪومت عام ماڻهن تي اڻ سڌي طرح ٽيڪس لڳائي آمدني وڌائڻ جو سمورو مقصد حاصل ڪرڻ چاهي ٿي ان کان علاوه تحريڪ انصاف پاران سياسي طور تي دٻاءُ وڌي رهيو آهي.
اهي سڀئي ڳالھيون آھن جنھنڪري تبديليءَ جي هوا جا اشارا ملي رھيا آهن. غير مقبول ۽ شڪي نمائندگي واري ڪمزور حڪومت پنج سال پورا ڪيئن ڪري سگهي ٿي؟ حڪومت پاران بحران مان نڪرڻ لاءِ گهربل قدم کڻڻ ۾ ناڪامي کان علاوه تحريڪ انصاف جي خود غرضيءَ به ڏکيائيون پيدا ڪيون آهن. عمران خان حڪومت سان ڳالهين لاءِ تيار ناهي ۽ اسٽيبلشمينٽ کان چونڊن جو مطالبو ڪري رهيو آهي. جڏهن ته، هو فوج کي سياسي عمل کان پوئتي هٽڻ جو مشورو پڻ ڏئي ٿو. حڪومت جي اها مجبوري سمجهي سگهجي ٿي ته عمران خان يا تحريڪ انصاف سان ڪنهن به قابل عمل مستقبل واري سمجهوتي تي اتفاق راءِ کانسواءِ عمران خان جي آزاد ٿيڻ حڪومت لاءِ وڏو مامرو ٿي سگھي ٿو، ان ڪري حڪومت اهڙو ڪو به خطرو نه کڻندي.
ڪجھه حلقن ۾ ھاڻي کان ئي چوٻول آھي تھ ان مسئلي مان نڪرڻ لاءِ حڪومت کي وچ مدي وارين چونڊون لاءِ ڪو رستو ڳولڻ گھرجي.ھي ئي اھو رستو ھوندو جنھن تي تحريڪ انصاف راضي ٿي ويندي.
جيڪڏھن ائين نھ ڪيو ويو ۽ ڇڪتاڻ وقت گذرڻ سان گڏ وڌندي رهندي جنھن جا امڪان چٽا نظر اچي رھيا آھن تھ اهو بحران شدت اختيار ڪري ويندو.ھتي اھو ياد رکڻ ضروري آھي تھ ھن ڀيري ملڪ حقيقي طور نازڪ ۽ حساس صورتحال ۾ اچي ويو آھي.
جيڪڏھن حڪومت ۽ اپوزيشن ڪنھن حل ڏانھن نھ ٿيون وڌن تھ پوءِ گھوٽالي سان عوام ۽ ملڪ کي وڏو نقصان رسي سگھي ٿو.وقت جي گھرج آھي تھ سياسي ڌريون ڪو عمل جوڳو حل ڳولين ۽ ملڪ مان سياسي،معاشي ۽ آئيني بحران کي ختم ڪرڻ جي لاءِ ٿڌي دماغ سان سوچين ۽ ڪو بھتر فيصلوڪن.