ن ليگ ۽ سندس اتحادين تي ٻڌل حڪومت اڄڪلهه بحراني ڪيفيت ۾ ورتل آهي جيڪا نه وزيراعظم کان هلي ٿي نه وري ادارا بهتر نموني ڪم ڪري رهيا آهن رڳو هڪ ٻئي جا پير ڪڍڻ جي ڪوشش ٿي رهي آهي. وزيراعظم جناب محمد شهباز شريف پنهنجي حڪومت جي نه هلڻ جي تصديق ڪندي قومي ۽ اخلاقي مدد حاصل ڪرڻ لاءِ ڪالهه ايوان صدر ۾ صدر مملڪت آصف علي زرداري وٽ ان وقت وڃي پهتو جڏهن سپريم ڪورٽ جو فيصلو سامهون آيو جنهن ۾ پي ٽي آءِ کي بطور سياسي پارٽي جي تصور ڪندي مينڊنٽ موجب کيس مخصوص سيٽون واپس ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو ويو. وزيراعظم ساڳي وقت سينٽرل بورڊ آف روينيو جي اعلي ڪامورن ۽ وزارت خزانه جي ڪامورن آڏو به پنهنجي بيوسي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته هو عهدو ڇڏي ڏيندو پر ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ ڪڏهن به پوئتي نه هٽندو ۽ سڀني کي پنهنجي پنهنجي حصي جو ڪم ڪرڻو پوندو. صدر مملڪت ۽ وزيراعظم وچ ۾ سپريم ڪورٽ جي فيصلي بعد ٿيل ان ملاقات جا ڪهڙا نتيجا نڪتا اها ڌرين کي خبر آهي پر صدر پاران وزيراعظم کي اهو ئي مشورو مليو هوندو ته هو ڪنهن به قسم جي تڪڙ نه ڪري ۽ معاملن کي سنجيدگي سان وٺي حل ڪري اتحادين کي اعتماد ۾ وٺي ۽ ايوان ۾ وڃي پنهنجي اڪثريت ظاهر ڪري.
صدر مملڪت آصف علي زرداري هن کان اڳ لاهور ۾ اهو صاف چئي چڪو هو ته ن ليگ کان حڪومت نٿي هلي ۽ کيس حڪومتون ٺاهڻ ۽ ڊاهڻ به اينديون آهن جنهن کانپوءِ وزيراعظم ميان محمد شهباز شريف ۽ ن ليگ سربراهه ميان محمد نوازشريف ٻڏتر جو شڪار نظر اچي رهيا آهن وري جو سپريم ڪورٽ جو حڪومت مخالف فيصلو آيو تنهن ته ن ليگ کي وڏا گهاءِ ڏئي ڇڏيا آهن ۽ حڪومت سخت پريشان آهي ته اهڙي فيصلي کي ڪيئن منهن ڏجي.
سپريم ڪورٽ جي سخت فيصلي اچڻ بعد وزير اعظم پنهنجي وڏي ڀاءُ پارٽي قائد ميان محمد نوازشريف سان به مري پهچي ملاقات ڪئي آهي جنهن ۾ پئدا ٿيل سياسي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ خيالن جي ڏي وٺ ۽ مشورا ڪيا ويا آهن جنهن کانپوءِ ئي ن ليگ جي قائد ميان محمد نوازشريف پارٽي قيادت جو هڪ مشاورتي اجلاس اڄ سومر تي ڪوهه مري ۾ سڏايو آهي جنهن ۾ قانون ۽ سياسي معاملن وارا وفاقي وزير به شريڪ ٿي فيصلي جي روشني ۾ بريفنگ ڏيندا. سياسي حلقن موجب بريفنگ ڇا ڏيندا اعلي عدليه جي فيصلي تي رويو پٽيشن دائر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي جنهن لاءِ وفاقي وزير اعظم تارڙ ۽ ٻين اڳواڻن اڳ ۾ ئي پنهنجو موقف ظاهر ڪيو آهي ۽ چيو آهي پي ٽي آءِ سپريم ڪورٽ کان ڪجهه گهريو ئي نه هو ته پوءِ ان جي جهولي ۾ داڻا ڪهڙي سبب وجهي انجي غير آئيني طور طرفداري ڪئي آهي. اهي به قياس آرائيون آهن ته مري اجلاس بعد هڪ ڀيرو ٻيهر اعلي عدالتن ۽ ان جي ججن کي سخت تنقيد جو نشانو بڻايو وڃي جن اڪثريت راءِ سان فيصلو ڏنو آهي. هونئن به فيصلي اچڻ بعد ن ليگ قيادت ججن جي روين تي سوال اٿاريا آهن ۽ فيصلي کي هڪ طرفو قرار ڏنو آهي جڏهن ته مخالف سياسي ڌريون سپريم ڪورٽ جي ان فيصلي کي ساراهيو آهي ۽ چيو آهي ته اهڙن فيصلن سان ادارا ۽ جمهوريت مضبوط ٿيندي. ن ليگ جي ڪک مان نڪتل نئين سياسي پارٽي عوام پاڪستان جي سربراهه شاهد خاقان عباسي به عدالتي فيصلي کي جمهوريت ۽ آئين جي بالادستي قرار ڏنو آهي ۽ اشارو ڪيو آهي ته اهڙي فيصلي بعد وزيراعظم کي پارليامينٽ مان اعتماد جو ووٽ وٺي اڪثريت ثابت ڪرڻ گهرجي. هونئن به اعتماد جو ووٽ وٺڻ ضروري ٿيندو پر اتحادين هٿان ووٽ وٺڻ وقت کين پريشاني کي منهن ڏيڻو پوندو ۽ انهن جون گهرجون پوريون ڪرڻيون پوندس. جيڪڏهن ن ليگ کان حڪومت ۽ ادارا نٿا هلن ته ان ۾ ملڪ ۽ قوم جو ڪهڙو ڏوهه ن ليگ سان هن وقت به اتحادي گڏ آهن جنهن ڪري ايوان ۾ اڪثريت اٿس ۽ کيس ڪنهن به قسم جو ڪو ڊپ ڊاءُ نه هجڻ گهرجي.
جيڪڏهن پي ٽي آءِ کي پنهنجيون مخصوص سيٽون ملن به ٿيون ته به اڪثريت حڪومت جي رهندي پر حڪومت وٽ ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت نه رهندي جنهن لاءِ هو بل تڪڙا پاس ڪرائي سگهي۔ن ليگ کي وڏو ڊپ پ پ پ جي روين مان آهي ته ڪٿي اها ڦيرو نه کائي وڃي يا وفاق ۾ وزيراعظم کي اعتماد جو ووٽ نه وٺڻو پوي جنهن جا به امڪان آهن. ٿي سگهي ته ڪوهه مري ۾ ٿيندڙ اڄوڪي اجلاس ۾ وزيراعظم کي اعتماد جو ووٽ وٺڻ جو مشورو ڏنو وڃي ته جيئن هو ايوان ۾ پنهنجي اڪثريت ظاهر ڪري ۽ کيس وٺڻو لازمي پوندس جو حڪومت هن وقت بحراني ڪيفيت ۾ آهي ۽ هر طرف کان مخالفت ۾ وڪوڙيل آهي. جيڪڏهن اعتماد جي ووٽ وارو سوال اٿيو ته پ پ پ ۽ ايم ڪيو ايم به وزيراعظم کي شرطيه اعتماد جو ووٽ ڏيندي ۽ اهي شرط ن ليگ لاءِ ڳرا به ثابت ٿين ۽ حڪومت ۾ رهڻ لاءِ ن ليگ کي اهڙا شرط مڃڻا به پوندا جو لاهور ۾ صدر آصف زرداري حڪومت تي سخت تنقيد ڪري چڪو آهي ۽ ن ليگ کان ڊو مور جو مطالبو ڪرڻ جو ارادو رکي ٿو.
هن وقت ملڪ ۾ ڪشيده ۽ انتقامي روين تي ٻڌل صورتحال ۽ اهي به امڪان آهن ته ڪنهن به امڪاني ڳنڀير صورتحال کان بچڻ لاءِ يا وري فارم 45 وارو عدالت ۾ پهچي وڃي اڇا ڪارا پڌرا ٿي پون ڌريون هڪ ڀيرو وري ملڪ ۾ عام چونڊون ڪرائڻ تي متفق ٿين ۽ ملڪ نگران سيٽ اپ طرف ڪجهه عرصو هليو وڃي جنهن لاءِ مخالف ڌر به اهڙو مطالبو سامهون آڻي سگهي ٿي. جي يو آءِ ۽ پي ٽي آءِ به اهڙو مطالبو ڪري به رهي آهي۔ملڪ جي استحڪام لاءِ نيون چونڊون يا وري فارم 45 واري حڪومت اڻٽر آهي جنهن لاءِ به سياسي ڌريون سپريم ڪورٽ جو رخ ڪري سگهن ٿيون.
سپريم ڪورٽ جي فيصلي بعد سيشن ڪورٽ به پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان ۽ سندس وني بيبي بشرا جون سزائون ختم ڪري فوري آزاد ڪرڻ جا احڪامات جاري ڪيا آهن جنهن سان به ن ليگ حڪومت ۽ قيادت ۾ وڏو تاءُ پئدا ٿي چڪو آهي جو کين آزاد ڪرڻ بدران توشا خانه ۽ دهشتگردي جي ڪيسن ۾ ٻيهر گرفتار ڪيو ويو آهي جنهن مان لڳي ٿو ته حڪومت هن وقت عمران خان خلاف لاهي پيهي بيٺي آهي ۽ کيس ڇڏڻ جو ڪو به في الحال ارادو نٿي رکي پر هاڻ معاملا به اعلي عدالتن تائين پهچي سگهن ٿا ۽ اهي معاملا اعلي عدالتن تائين پهچڻ کان اڳ حڪومت عدالتن ۽ ججن خلاف پنهنجا رويا سخت ڪري ۽ انهن جي فيصلن کي مڃڻ کان انڪار ڪري۔ن ليگ نوي واري ڏهاڪي کان عدالت مخالف رويا رکندي پئي اچي ۽ ڪڏهن به حڪومت مخالف عدالتي فيصلن تي عمل ناهي ڪيو ويو ۽ ججن جي توهين ٿيندي رهي آهي. ن ليگ ماضي ۾ سپريم ڪورٽ جي هر فيصلي کي باءِ پاس ڪري اسيمبلي مان آئيني ترميمون ڪرائي حڪومت ڪندي رهي آهي ۽ فيبروري واريون چونڊون به ان جي منشا موجب دير سان ڪرايون ويون جن ۾ عبوري حڪومتن جو به هڪ طرفو دخل رهيو جن فارم 47 وارو نئون رواج ورتو ۽ اليڪشن ڪميشن به ڌر ٿي بيهي رهي جنهن جي نتيجي ۾ سپريم ڪورٽ کي پنهنجو اڪثريتي فيصلو ڏيڻو پيو. ماضي ۾ ن ليگ دور حڪومت ۾ به سپريم ڪورٽ جي سنڌي چيف جسٽس سيد سجاد علي شاهه جي برطرفي ۽ سپريم ڪورٽ تي حملو به ڪنهن کان لڪيل ناهي جيڪو به ن ليگ طرف وڃي ٿو.
ن ليگ قومي مفادن جي جاءِ تي هميشه پنهنجي ذاتي مفادن کي اوليت ڏني آهي جنهن ۾ هن پ پ پ کي ڪمزور ڪرڻ ۽ ان جون حڪومتون ڊاهڻ ۾ اهي رويا سامهون آندا جهڙي طرح پي ٽي آءِ کي ڊاهڻ ۾ سامهون آيا آهن پر اها ڊهڻ بدران مضبوط ٿي. چيف جسٽس سپريم ڪورٽ جسٽس بنديال ۽ ان جي حمايتي ججن خلاف هلايل مهم ۽ سپريم ڪورٽ جو گهيراءُ به ڪو پراڻو معاملو ناهي جنهن ۾ جي يو آءِ ۽ ٻين سياسي پارٽين جو ڪردار رهيو.
خبر ناهي ته سياسي پارٽيون عدل انصاف، جمهوريت ۽ ادارن جي مضبوطي جون ڳالهيون به ڪن ٿيون پر سندن رويا مثبت ناهن جنهن سان ملڪ ۽ قوم تباهي جي ڪناري تي پهتل آهي۔ملڪ قرضن ۾ جڪڙجي چڪو آهي ادارا هڪٻئي پٺيان نيلام پيا ٿين بک بيروزگاري ڪر کنيو بيٺي آهي ڊالر طاقت پيو وٺي بيروزگاري جو ڪو انت ناهي جنهن جو فڪر ٿيڻ گهرجي۔هتي ته اقتدار جي ويڙهه لڳي پئي آهي ۽ ادارن کي هٿ وٺي مفلوج ڪيو پيو وڃي۔جمهوري ماڻهو ۽ ڌريون سياسي ويڙه مان نڪرڻ لاءِ تيار ناهن. جيڪڏهن حڪومت ڪرڻ جي سگهه ناهي ته پوءِ حڪومت ڪرڻ جو ڪهڙو فائدو۔حڪومت اها ئي سگهه وٺي سگهي ٿي جيڪا عوام جي ووٽن سان منتخب ٿي ايندي. ڪمزور ڪلهن تي آيل حڪومتون ڪڏهن به سگهاريون ثابت ناهن ٿيون ۽ ترت ڊهي پون ٿيون. بهتري ان ڳالهه ۾ آهي ته قومي ادارن ۽ عدليه کي داءُ تي نه لڳايو وڃي انهن جي مضبوطي لاءِ اڳتي وڌجي ته جيئن آئين ۽ قانون جي حڪمراني برقرار رهي سگهي.