بجلي 7.12 رپيا في يونٽ مهانگي ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن،ماهوار هڪ هزار تائين فڪس چارجز به لاڳو

ڪراچي ( رپورٽر) وفاقي سرڪار سنڌ سميت سموري ملڪ لاءِ بجلي مهانگي ڪري ڇڏي آهي ۽ وفاقي حڪومت ان حوالي سان نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪري ڇڏيو آهي. گهريلو صارفين لاءِ بجلي جي بنيادي ٽيرف ۾ 7.12 روپيه تائين اضافي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو. بنيادي ٽيرف  ۾ اضافي جو نوٽيفڪيشن پاور ڊويزن طرفان جاري ڪيو ويو.  نوٽيفڪيشن ۾ ماهوار 200 يونٽ تائين گهريلو صارفين کي 3 مهينن لاءِ اضافي کان ڇوٽ ڏني وئي آهي جڏهن ته ٻين گهريلو صارفين لاءِ بجلي جو بنيادي ٽيرف في يونٽ 7.12 روپين تائين وڌايو ويو آهي. گهريلو صارفين لاءِ بجلي جو في يونٽ بنيادي ٽيرف 48 روپيا 84  پئسن تائين پهچي ويو. ماهوار 201 کان 300 يونٽ تائين جو ٽيرف 7.12 روپيه اضافي سان 34.26 روپيه ماهوار 301 کان 400 يونٽ جو ٽيرف 7.02 روپيه اضافي سان 39.15 روپيه ٿي ويو.  ماهوار 401 کان 500 يونٽ جو ٽيرف 6.12 روپيه اضافي سان 41.36 روپيه، ماهوار 501 کان 600 يونٽ جو ٽيرف 6.12 روپيه اضافي سان 42.78 روپيه، ماهوار 601 کان 700 يونٽ جو ٽيرف 6.12 روپيه اضافي سان 43.92 روپيا ۽ ماهوار 700 يونٽ کان وڌيڪ جو ٽيرف 6.12 روپيا اضافي سان 48.84 روپيه ٿي ويو. ٽيڪسن کي ملائي سليب جي حساب سان في يونٽ ٽيرف جي قيمت وڌيڪ وڌي ويندي. ماهوار 50 يونٽ تائين لائف لائين صارفين لاءِ هڪ يونٽ 3.95 روپيه ۽ ماهوار 51 کان 100 يونٽ تائين لائف لائين صارفين لاءِ هڪ يونٽ 7.74 روپيا رهندو .

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.