ڊونلڊ ٽرمپ حملي ۾ زخمي، حملي آور سميت ٻه ڄڻا مارجي ويا

واشنگٽن (م ڊ) آمريڪا جو اڳوڻو صدر ۽ ريپبلڪن  پارٽي جو صدارتي اميدوار ڊونلڊ ٽرمپ چونڊ ريلي ۾ فائرنگ سبب زخمي ٿي پيو ۽ حملو ڪندڙ مارجي ويو جڏهن ته واقعي ۾ هڪ شهري مارجي ويو ۽ 2 زخمي ٿي پيا آهن. پرڏيهي خابرو اداري موجب، ڊونلڊ ٽرمپ آمريڪي رياست پنسلوانيا جي شهر بٽلر ۾ ريلي ۾ ڪارڪنن کي خطاب لاءِ اسٽيج تي موجود هو جنهن دوران فائرنگ جو واقعو پيش آيو. ڊونلڊ ٽرمپ تقرير دوران گوليون هلڻ دوران هيٺ جهڪي ويو ۽ ريلي ۾ ڀاڄ پئجي وئي، ٿوري دير بعد ٽرمپ اُٿي بيٺو ۽ مڪو ڏيکاريو، ان وقت اڳوڻي صدر جي ساڄي ڪن تي رت جا نشان نظر اچي رهيا هئا، فوري طور سيڪريٽ سروس جي اهلڪارن، ڊونلڊ ٽرمپ کي پنهنجي پهري ۾ روانو ڪيو، واقعي بعد ريلي ختم ڪئي وئي. ڪائونٽي پراسيڪيوٽر موجب، آمريڪا جي اڳوڻي صدر ڊونلڊ ٽرمپ کي گولي لڳي هئي. آمريڪي ميڊيا موجب، حملو ڪندڙ ماهر نشاني باز هو، جنهن جي سڃاڻپ ظاهر ناهي ڪئي وئي. فائرنگ ۾ زخمي ٿيندڙ ريپبلڪن پارٽي جي صدارتي اميدوار ۽ آمريڪا جي اڳوڻي صدر ڊونلڊ ٽرمپ هڪ بيان جاري ڪندي چيو آهي هو بلڪل ٺيڪ آهي ۽ ڪنهن کان به ڊڄڻ وارو ناهي. ڊونلڊ ٽرمپ جو چوڻ هو ته کيس يقين ئي ناهي ته اهڙو عمل سندن ملڪ ۾ ٿي سگهي ٿو، هن وقت تائين فائرنگ ڪندڙ بابت ڪجهه به پتو نه پئجي سگهيو آهي. آمريڪي صدر جو بائيڊن اڳوڻي صدر ڊونلڊ ٽرمپ تي چونڊ ريلي دوران حملي جي مذمت ڪندي چيو ته ٽرمپ حملي ۾ محفوظ رهيو اِهو ڄاڻي خوشي ٿي، اهڙي قسم جي تشدد جي ڪائي گنجائش ناهي. هوڏانهن صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف، آمريڪا جي اڳوڻي صدر ڊونلڊ ٽرمپ تي چونڊ ريلي دوران حملي جي مذمت ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.