هن وقت اسان جي حالت ھڪ اھڙن ايئر لائنز جي مسافرن جهڙي آهي، جيڪي پنهنجي سيٽ بيلٽ ٻڌي جھاز جي اڏامڻ جي انتظار ۾آهن، انجڻ بند آهي، تنھنڪري اي سي نھ ھلڻ سبب ڪيبن ۾ ُگھٽ وڌي رھي آھي،ھوائي ميزبانن جي ڪاڪ پٽ ۾ اچ وڃ لڳاتار جاري آهي. گرائونڊ تي پڻ زميني عملو ڪجهه وڌيڪ ُچست آهي.
دريءَ مان ٻاھر جھاتيءَ پائيندڙ يا اپ سک ٿي پاسا ورائيندڙ بيوس مسافرن کي ڪجهه سجھي نھ پيو تھ اڏام ۾ دير جو سبب آخر ڪهڙو آهي؟ ڪنھن وي آءِ پي، جو انتظار آھي؟ ڪا ٽيڪنيڪي خرابي درست ڪرڻ جي ڪوشش ٿي رهي آهي؟ ڇا پائلٽ يا ڪو پائلٽ مان ڪنھن جي طبيعت خراب آهي؟ يا ڪو ٻيو پراسرار سبب آهي؟ ڪيبن جي پسينجر ايڊريس سسٽم تي هر اڌ يا ُمني ڪلاڪ کان پوءِ،ڪنھن ھوائي ميزبان جي مشيني لھجي سان ُلب لباب آواز بيزار مسافرن جي چڙ وڌيڪ وڌائي رھيو آھي. ”اڻٽر ٽيڪنيڪي سبب جي ڪري دير ٿيڻ تي اسين معذرت خواھ آھيون.اسين انشاءَ الله ٿوري دير ۾ اڏام ڀري وينداسين. مھرباني ڪري پنھنجين سيٽن تي تشريف رکو. ڪرسيءَ جي ُپٺ کي سڌو رکو وغيرھ وغيره.“ انھن ”حقيقتن جي خزاني“ مان مسافر جيڪو چاھي نتيجو چونڊي سگهي ٿو يا وري پنهنجو ئي رت پيئندو رھي.
جڏهن کان اسان هوش سنڀاليو آهي، رياست جو جهاز به ساڳي ئي حالت ۾ آهي. انجڻ ڪڏهن آن ٿيندي آهي ۽ ڪڏهن آف. پر جهاز ُچري نھ پيو.ڪڏهن تھ ائين لڳندو آهي ته ھي ٽائرن بدران سِرن تي بيٺو آهي. پر تاثر مسلسل اھو ڏنو پيو وڃي ته اسان ٿوري ئي دير ۾ ٽيڪ آف ڪرڻ وارا آھيون. 25 ڪروڙ مسافرن کي اھو تھ اندازو آهي ته ڪجهه ُابتو ُسبتو ٿيندو پيو رهي. پر رياستي ايئر لائن جو عملو نه ته مسافرن کي پوري سچائيءَ سان اعتماد ۾ وٺڻ جي جرئت ڪري ٿو. نه ئي پنھنجي ڪجھ غلط ھجڻ جو اعتراف ڪري ٿو.نه وري مسئلي جي نوعيت ٻڌائڻ لاءِ تيار آهي، اھو بھ نھ پيو ٻڌائي تھ خرابي ڪيتري وقت ۾ ختم ٿي ويندي؟
اهڙي بي يقيني صورتحال جي کڏِ ۾ افواھ اڀرن ٿا.افواھن جي ڌڻ کي حقيقتن جي روشنيءَ سان ڀڄائڻ جي بدران ڊسيپلين جي قانون جو بار اڃان وڌائي انهن کي دٻائڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ٿي ۽ جيڪو ”دٻدٻي“ ۾ نه اچي، ان تي شرپسند،ملڪ دشمن ،ٻاھرين جي ھٿ ۾ کيڏندڙ وغيرا وغيرا جي ڪيئن اسٽيڪرز مان ڪو ھڪ چنبڙائي ڇڏبو آھي. اهڙين ُبتين ُسبتين حرڪتن ۽بد انتظامي بدحواسين سان بي اعتماديءَ جي وڇوٽي اڃان وڌي وڃي ٿي ۽ ان وڌي ويل وڇوٽي کي ختم ڪرڻ جي اڍنگي طور طريقي سان وڌيڪ سختي ڪئي وڃي ٿي. اهڙيءَ طرح وڌيڪ غلط فهمي وڌي ويجھي ٿي، ايئن اسين سڀ هڪ شيطاني چڪر جا قيدي ٿي بڻجي گول گول ڦرندا رھندا آهيون.
جن رياستن کي پاڻ تي اعتماد ھوندو آھي انھن جا اڪابر سوچ ويچار ڪري اهڙي انتظامي، سياسي ، معاشي قانون سازي تي ڌيان ڏين ٿا، جنھن جي نتيجي ۾ هڪ عام شهري رياستي معاملن ۾ برابري جي ڀائيواري۽ ان ڀائيواري سان وفاداري محسوس ڪري.
پر جيڪي رياستون مٿين طبقن ۽ ادارن جي مفادن کي ھميشھ اوليت ڏين ٿيون، انهن کي اھڙي گوريءَ کي عام ماڻهوءَ جي نڙيءَ مان ڳڙڪائڻ جي لاءِ سماجي، مذهبي، معاشي و سياسي جبر ۽ منافق پرست حڪمت عملي جو سھارو وٺڻو پوندو آهي.
ظلم جي خلاف مزاحمت ۾ جيڪا بي چيني جنم وٺي ٿي ان کي ُسھڻي طريقي سان گھٽ ڪرڻ جي طريقن سوچڻ بدران، ان کي دٻائڻ لاءِ وڌيڪ ظلم جو سھارو ورتو ويندو آھي ۽ ان جبر کي ٻاھرين دنيا جي لاءِ تڪڙي ھضم لائق بڻائڻ جي لاءِ رنگ برنگي قانوني لباس پارائڻا پون ٿا ۽ پوءِ ان ”سهڻي انتظام“ کي آئيني، قانوني ۽ جمهوري قرار ڏئي ڪري استحصال جو سلسلو جاري رکيو وڃي ٿو.
ايئن سمجهو ته حڪمران اشرافيه جي ويجھو عام ماڻهو اهو گڏھ آهي، جنهن جي سامھون مستقبل جي سنھرن ڏنڊن تي ُپر اميدي جون گجرون ٻڌي ھن تي اڻڳڻيون سواريون ڳنڍيون سٿيون وڃن ٿيون.جڏهن گڏهه ٿڪجي ساڻو ٿي ڪِري پئي ٿو تھ ان جي جوان ٻچن کي گاڏيءَ ۾ جوٽيو وڃي ٿو.
اھڙي گڏھائي ڪار وھنوار جي نتيجي ۾ رياست آهستي آهستي ٻن واضح طبقن ۾ ورھائجي وڃي ٿي.هڪ اهوجنهن جو هڪ هٿ وسيلن ۾ آهي ۽ ٻئي ھٿ ۾شخصي، طبقاتي ۽ ادارتي مفادن جي تحفظ جو قانوني ڏنڊو آهي ۽ ٻي ڌر اھا مسئلن ۾ ڦاٿل مخلوق آهي جيڪا ان ڏنڊي سان مسلسل سٽِي ۽ ُڪٽي وڃي ٿي.
ستم ظريفي ھي آھي تھ استحصال جاري رکندڙن کي بھ رياست جي جٽاداري تي اعتماد نھ ھوندو آهي. وسيلن، سهولتن ۽ ميرٽ جي منصفاڻي ورڇ کي رد ڪندڙ مٿيون طبقو به ان مستقل خوف ۾ ورتل رهندو آهي ته، جي سڀاڻي اھو سڀ ڪجهه کسجي ويو يا وري رياست ئي ڦرجي وئي تھ
ڇا ٿيندو.
انهيءَ لالچي پريشاني جي ڪري ظلم ۽ ڦرلٽ جي رفتار اڃان وڌي وڃي ٿي.لِڪ لڪان ۾ وهندڙ گنگا ۾ کلي عام اشنان ڪندڙن کي هر پاڇولو پنهنجو دشمن نظر اچڻ لڳي ٿو، هر اڀريل ڪِل جو علاج مترڪو ٺوڪڻ ۾ ڳوليو وڃي ٿو. جيستائين محروم محڪوم کي جديد و ڪھنھ ڊجيٽل ۽ نان ڊجيٽل چالاڪين سان دھشت جو چھٻڪ لھرائي لھرائي دٻائي سگھجي ٿو۽ جڏهن زمين پيرن هيٺان زمين کسڪندي محسوس ٿئي ٿي تڏھن سماج، ملڪ ۽ قومي ڍانچي کي ان جي حال تي ڇڏي ڀڄڻ جو رستو ورتو وڃي ٿو .
تاريخ اهڙن ڪئين مثالن سان ڀرئي پئي آهي. جنھن طبقي کي مسلسل توهين، عزت نفس جي پائمالي، جان ۽ مال جي عدم تحفظ، ٻئي ۽ ٽئين درجي جي شهري هجڻ جو مسلسل احساس، سماجي ومذهبي ُگھٽ ُٻوسٽ۽ ترقي جي موقعن جي بند گهٽي، کي منهن ڏيڻو پوي ٿو. ان وٽ آخر ۾ٻھ ئي رستا بچن ٿا، يا ته اُٿي کڙو ٿئي يا پنھنجي زمين ڇڏڻ تي مجبور ٿي وڃي. يعني جنهن وٽ بھ قابليت يا نڪري وڃڻ جو وسليو ھجي اھو ھتان ھليو وڃي. تنهنڪري اسان سڀ ڏسي رھيا آھيون تھ ھر ڪو پرسوري رھيو آهي. لٽيرا به ٻاھرين رياستن ۾ پنھنجو ۽ پنهنجي نسل جو تسلي بخش انتظام ڪري چڪا آھن ۽ لٽجندڙ به پهرين فرصت ۾ نڪرڻ چاهين ٿا.
هيءَ رياست ٺھي تھ آزاديءَ جي واعدي تي ھئي، پر ان سان مسلسل هڪ جديد بيٺڪيت جھڙو ورتاءُ ڪيو ويو.فرق بقول غالب بس ايترو پيو تھ ڳوري جي قيد مان آزادي ملي تھ ڪاري جي قيد ۾ اچي وياسين. البتھ حڪمران طبقو اڄ بھ ڳوري جي اقتصادي ۽ ذهني قيد ۾ آهي ۽ اسان پنهنجي خرچ تي ”ڪارن“ جي قيد ۾ آهيون. ڄڻ تھ غلام جو نشانو غلام ئي آهي.