افغانستان ۾ ٽي ٽي پي وڏو دھشتگرد گروپ آھي :گڏيل قومون

گڏيل قومن جي رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آھي پابندي وڌل تنظيم تحريڪ طالبان پاڪستان کي افغان طالبان جي پٺڀرائي ۽ حمايت حاصل آھي.اھارپورٽ  اسلام آباد جي ان  دعوي ٰ جي تصديق ڪري ٿي تھ ان کي پاڪستان تي  حملن لاءِ  استعمال ڪيو پيو وڃي.

گڏيل قون جي هڪ تازي  رپورٽ ۾ چيو ويو آھي تھ ٿا شدت پسند گروپن جي اتحاد تحريڪ طالبان پاڪستان (ٽي ٽي پي) افغانستان ۾ اڄ پڻ ”وڏو دھشگرد گروپ“ آھي ۽ سرحد پار کان پاڪستان ۾  حملن ڪرڻ لاءِ افغانستان جي طالبانن جي انھن کي حمايت مليل آھي.رپورٽ ۾ وڌيڪ ڄاڻايو ويو آھي تھ تحريڪ طالبان پاڪستان کي ھاڻي القاعدھ  جھڙي دھشتگرد نيٽ ورڪ کان پڻ آپريشنل ۽ لاجسٽڪ مدد ملي رھي آھي. گڏيل قومن جي پابندي جي نگراني ڪندڙ ٽيم جي اربع ڏينھن جاري ڪيل پنھنجي رپورٽ اھڙي وقت ۾ جاري ڪئي آھي جڏھن ٽي تي پي پاران پاڪستاني سيڪيورٽي فورسز ۽ شھرين خلاف دھشتگردي جي حملن ۾ اضافو ٿيو آھي ۽ ڪجھ ھفتن ۾ درجنن جي حساب سان ماڻھو ماجي ويا آھن.

دھشتگرد گروپ داعش،القاعدھ ۽ طالبان جي مانيٽرنگ ڪندڙ گڏيل قومن جي ٽيم پنھنجي 15 ھين رپورٽ سلامتي ڪائونسل ۾ پيش ڪري ڇڏي آھي.

رپورٽ ۾ چيو ويو آھي تھ  ”ٽي ٽي پي افغانستان ۾ ھاڻي وڏي پئماني تي سرگرم آھي ۽ اتان کان پاڪستان ۾دهشتگردي جي ڪاررواين جي لاءِ اڪثر افغانين کي استعمال ڪري رھي آھي “رپورٽ موجب تحريڪ طالبان پاڪستان ۾ ڇھھ ھزار کان ساڍا ڇھھ ھزار ويڙھاڪ آھن.جيڪي اتان پنھنجون سرگرميون انجام ڏيڻ ۾ مڪمل آزاد آھن.

وڌيڪ اھو ھتھ افغانستان جا طالبان حڪمران ٽي ٽي پي.کي ھڪ دھشتگرد گروپ طور نھ ٿا ڏسن ۽ ٻنھي ۾ ڪافي ويجھڙائپ آھي.

رپورٽ  موجب ٽي ٽي پي پاڪستان خلاف حملا تيز ڪري ڇڏيا آھن.خاص ڪري سن 2021 ۾ 573 ۽ 2023 ۾715 حملا ڪيا.جڏھن تھ 2023 ۾ حملا وڌي ڪري 1210 ٿي ويا.اھو ئي لاڙو ھلندڙ سال بھ جاري آھي.

اھا رپورٽ ان ڳالھ جي بھ تائيد ڪري ٿي تھ افغان طالبان ٽي ٽي پي.کي رات جي اونداھي ۾ ڏسڻ جي صلاحيت سميت نيٽو جا ھٿيار فراھم ڪيا آھن. جنھن ڪري پاڪستاني سرحدن وارين چوڪين تي دھشتگردي جي حملن ۾ اضافو ٿيو آھي.

طالبان  اختيارين گڏيل قومن جي رپورٽ تي تڪڙو ردعمل ظاھر نھ ڪيو آھي.پر اھي ماضي ۾ اھڙين رپورٽن کي رد ڪندا رھيا آھن.

گڏيل قومن جي رپورٽ ۾ اھو بھ ڄاڻايو ويو آھي تھ ٽي ٽي پي، جي مقامي ويڙھاڪن کي القاعدھ جي ڪئمپن ۾ ترتيب ڏني پئي وڃي.جيڪي قنڌار،ڪنڙ ۽ نورستان جھڙن سرحدي صوبن ۾ قائم آھن.

رپورٽ موجب خطي ۾ ھڪ ٻيو دھشتگرد گروپ ”اسلامڪ اسٽيٽ خراسان “(آءِ ايس ڪي) بھ سرگرم آھي، ان سان لاڳاپيل تنظيمن جا چار کان ڇھھ ھزار ويڙھاڪ سرگرم آھن.ڪي ان جو انگ اڍائي کان ساڍا ٽي ھزار ڄاڻائين ٿا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.