دنيا جي مختلف ملڪن ۾ حيرت انگيز طور تي ترقي پسند فڪر ۽ سياست جي مقبوليت ۾ ڏينهون ڏينهن اضافو ٿي رهيو آهي ۽ مختلف ملڪن ۾ ٿيل تازين عام چونڊن ۾ ترقي پسند ۽ سوشلسٽ جماعتن ۽ قيادت جي وڌندڙ عوامي مقبوليت ۽ عام چونڊن ۾ عوام جي وڌندڙ ووٽن سبب تازو فرانس ۾ ٿيل صدارتي چونڊن ۾ کاٻي ڌر جي سوشلسٽ جماعت جي وڏي اڪثريت سان ڪاميابي ۽ فرانس جو سوشلٽ صدر چونڊجي وڃڻ دنيا جي ڪجهه وڏن ملڪن ۾ تيزي سان ٿيندڙ تبديلين جو هڪ مثال آهي.
جڏهن ته آمريڪا ۾ 4 سال اڳ ٿيل صدارتي چونڊن ۾ نسل پرست ۽ انتها پسند اڳوڻي صدر ڊونلٽ ٽرمپ ۽ سندس ساڄي ڌر جي جماعت، ري پبلڪن پارٽي کي وڏي شڪست ڏيئي ڊيموڪريٽڪ پارٽي جي روشن خيال صدر جو بائيڊن جو وڏي اڪثريت سان صدر چونڊجي وڃڻ بعد 5 نومبر 2024ع تي هڪ ڀيرو وري امريڪا ۾ صدارتي چونڊن وارو ميدان گرم ٿي رهيو آهي، ممڪن آهي ته هڪ ڀيرو وري به ڊيموڪريٽڪ پارٽي ۽ صدر جو بائيڊن چونڊون کٽي وڃي.
اهڙي ريت، تازو برطانيا جي عام چونڊن ۾ پڻ ترقي پسند جماعت ليبر پارٽي وڏي اڪثريت سان چونڊون کٽي برطانيا ۾ حڪومت قائم ڪري ورتي آهي. اهڙي ريت، دنيا جي هڪ ٻئي اهم ملڪ ۽ اسان جي اولهه ۾ موجود پاڙيسري ايران جي گذريل ڏينهن ٿيل صدارتي چونڊن ۾ ايران جي روشن خيال ۽ سڌارن جي علمبردار مسعود پزشڪيان وڏي اڪثريت سان ڪاميابي حاصل ڪئي آهي. هندستان ۾ پڻ ترقي پسند جماعتن ۽ قيادت جي مقبوليت ۾ تيزي سان ٿيندڙ اضافو ڏٺو ويو آهي ۽ هندستان ۾ حڪمران هندو انتها پسند جماعت ڀارتيا جنتا پارٽي ۽ ان جي ليڊر ۽ وزير اعظم نريندر مودي جي مقبوليت ۾ تمام وڏي گهٽتائي آئي آهي ۽ اها جماعت لوڪ سڀا ۾ پنهنجي اڪثريت وڃائي ويٺي آهي ۽ ترقي پسند جماعت انڊين نيشنل ڪانگريس وري مقبوليت حاصل ڪري ويئي آهي.
معلوم ٿي رهيو آهي ته دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ آيل سوشلسٽ انقلاب واپس ٿي وڃڻ بعد دنيا ۾ سوشلزم ۽ ترقي پسند سوچ ۽ سياست جيڪا پٺتي ڌڪجي ويئي هئي 30 سالن بعد دنيا وري ان ۾ دلچسپي وٺڻ شروع ڪئي آهي ۽ انقلابن بجاء جمهوري طريقيڪار يا عام چونڊن ذريعي عوام طرفان ترقي پسندي ۽ سوشلسٽ سياست ۽ حڪومتن کي سندن ملڪن ۾ رائج سرمائيداري نظام ۽ عالمي معاشي بحرانن کي منهن نه ڏيئي سگهڻ ڪري عوام طرفان پنهنجن مسئلن جي حل بابت اميدون ترقي پسند سياست ۽ حڪومتن مان رکڻ شروع ڪيون آهن. هڪ صدي اڳ دنيا ۾ ڪارل مارڪس جي انقلابي سوشلسٽ ۽ ڪميونسٽ نظرئي تحت سوشلسٽ انقلاب برپا ڪرڻ وارا دور آيا ۽ سموري دنيا ۾ تمام وڏي اٿل پٿل آڻڻ جو سبب بڻيا ۽ هڪ لحاظ کان انهن انقلابن جا اثر سموري دنيا تي پيا. ڪيترائي پٺتي پيل ملڪ ۽ معاشرا انقلابن سبب پنهنجي قومي ۽ رياستي وسيلن جو عوام جي فلاح بهبود ۽ ترقي لاءِ استعمال ڪري پنهنجن ملڪن کي ترقي يافتا ۽ خوشحال بنائڻ وارا ڪارناما ڪرڻ ۾ ڪامياب ۽ خوشحال ٿي ويا بعد ۾ روس ( سوويت يونين ۾ شامل وچ ايشيا جون رياستون)، چين، بلغاريه، چيڪو سلواڪيا، پولينڊ، اتر ڪوريا، ويٽنام، ڪيوبا ۽ ٻيا ملڪ انهن کي انقلابن سبب جيڪي ڪجهه ترقي حاصل ٿي هئي اها سندن اڄ به طاقت ۽ ورثي طور انهن وٽ موجود آهي. دنيا ۾ ووٽ يا عام چونڊن ذريعي سوشل ازم آڻڻ يا سوشلسٽ حڪومت قائم ڪرڻ جو مثال لاطيني آمريڪا جي ملڪ وينزويلا ۾ سوشلسٽ ليڊر هيوگو شاويز جي سربراهي ۾ ٿيو. پر وينزويلا ۾ انقلابي نظام لاڳو ڪرڻ بجاء رائج ڪرڻ يا ووٽ ذريعي قبول ڪرڻ وارو واقعو پڻ ان ڏس ۾ هڪ مثال پڻ آهي. اهڙي ريت مختلف ملڪن ۾ ترقي پسند فڪر واري جدوجهد سموري دنيا ۾ لڳاتار جاري آهي.
دنيا جي هڪ ٻئي اهم ملڪ ۽ اسان جي اولهه ۾ موجود پاڙيسري ايران جي گذريل ڏينهن ٿيل صدارتي چونڊن ۾ ايران جي روشن خيال ۽ سڌارن جي علمبردار مسعود پزشڪيان وڏي اڪثريت سان ڪاميابي حاصل ڪئي آهي. جڏهن چونڊن ۾ شڪست حاصل ڪندڙ مخالف اميدوار سعيد جليلي ايران جي نئين چونڊيل صدر جي حمايت ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي سندس چوڻ هو ته جنهن کي عوام چونڊيو آهي ان جي عزت ڪرڻ گهرجي ۽ پوري قوت سان سندس ( پزشڪيان ) جي مدد ڪرڻ گهرجي ته جيئن هو مضبوطيءَ سان اڳتي وڌي. هوڏانهن اسان جي اوڀر ۾ موجود دنيا جي هڪ ٻئي وڏي ۽ طاقت ور ملڪ هندستان ۾ پڻ تمام گهڻو بدلاءِ آيو آهي ۽ جون 2024 جي آيل چونڊ نتيجن موجب اتان جي انتها پسند هندو انتها پسند جماعت ڀارتيا جنتا پارٽي ۽ گذيل ٻن مدتن کان حڪمران وزير اعظم نريندر مودي جي جماعت، راجيا سڀا جي چونڊن ۾ عوام ۾ پنهنجي اڪثريت وڃائي ويٺي آهي ۽ سندس جماعت کي اڪيلي سر حڪومت ٺاهڻ لاءِ گهربل سادي اڪثريت حاصل نه ٿي سگهي آهي ۽ هو ڪيترين ئي رياستن ۾ پڻ چونڊون هارائي ويئي آهي ۽ . آخرڪار بي جي پي اتحادين جي مدد سان ئي اتحادي حڪومت ٺاهي سگهي آهي. جڏهن ته هندستان جي ترقي پسند جماعتن جي ووٽن ۽ سيٽن ۾ تيزي سان ۽ وڏي پيماني تي اضافو سامهون آيو آهي. هندستان جي اڳوڻي حڪمران ترقي پسند جماعت انڊين نيشنل ڪانگريس جي پڻ وڌندڙ ڪاميابي هندستان جي سوچ ۽ فڪر ۾ پيدا ٿيل ترقي پسندي واري لهر ۽ مقبوليت جو گراف گهڻو وڌائي ڇڏيو آهي ۽ ڪانگريس جي ليڊر راهول گانڌي پارليمان ۾ مخالف ڌر جو اڳواڻ چونڊيو ويو آهي.
برطانيا، ايران ۽ هندستان جي عوام ۾ ترقي پسند فڪر ۽ قيادت جي وڌندڙ مقبوليت يقينن دنيا ۾ نفرتن، انتها پسندي ۽ مذهبي مت ڀيت واري هلت کي تيزي سان رد ڪرڻ وارو جيڪو سلسلو جاري آهي اهو نه صرف انهن ملڪن ۾ پر هن کان اڳ فيبروري 2024ع وارين چونڊن ۾ پاڪستان ۾ پڻ وڏي تبديلي پيدا ڪئي ۽ جنرلن جي مدد سان چونڊون چوري ڪرڻ ۽ جمهوريت ۽ ترقي پسندي واري نظرئي ۽ روشن خيال فڪر مخالف ليڊر عمران خان ۽ نفرتن جي سياست ڪندڙ ڌر پي ٽي آء ۽ باهيون لڳائڻ واري جماعت جي چونڊون هارائڻ بعد هاڻي سندس قيادت پنهنجن ڏوهن ۾ مبتلا ٿيڻ ڪري هن وقت سزائون ۽ جيلون ڀوڳي رهيا آهن. اهڙي ئي قسم جي سياست ۽ حڪمراني دنيا جي سپر پاور آمريڪا ۾ پڻ ري پبلڪن پارٽي جي ليڊر اڳوڻي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي دور جي صورت ۾ رائج رهي آهي، جنهن جي نتيجي ۾ سموري دنيا کي ڪيترن ئي خطرن ۽ مصيبتن کي منهن ڏيڻو پيو ۽ ٽرمپ جي بڇ تي سندس جماعت جي لٺ بردارن طرفان آمريڪا جي پارليامينٽ تي حملو ڪيو ويو جنهن جي نتيجي ۾ آمريڪا جي بدنامي جي صورت ۾ دنيا ۾ امريڪا ۽ آمريڪي قوم جي عزت پڻ مٽي ۾ ملائڻ وارا اهڙا ته بدنام واقعا ٿيا جو سمورو جهان حيران ۽ پريشان ٿي ويو. آخرڪار آمريڪا جي عوام پاڻ اڳتي وڌي ٽرمپ ۽ ان جي جماعت کي عام چونڊن ۾ عبرتناڪ شڪست ڏيئي اقتدار ۽ حڪومت مان ڌڪي ٻاهر ڪڍيو ويو ۽ آمريڪا ۾ پڻ روشن خيال ۽ ترقي پسند جماعت ڊيموڪريٽڪ پارٽي چونڊون کٽي صدر جوزف بائيڊن پنهنجي حڪومت ٺاهي ۽ آمريڪا کي وڌيڪ تباهين ۽ بدنامي کان بچائي ورتو. هاڻي وري چئن سالن بعد نئين مدت لاءِ 5 نومبر تي آمريڪا ۾ صدارتي ۽ پارلياماني چونڊون ٿي رهيون آهن . اميد ته امريڪا جو عوام پنهنجو بهتر فيصلو ڪندو ۽ توقع آهي ته ڊيموڪريٽڪ پارٽي هڪ ڀيرو وري سوڀ ماڻي سگهي ٿي، اهڙي ريت، يورپ ، آمريڪا ۽ ايشيا کنڊن جي ملڪن ۾ ترقي پسند فڪر ۽ سياست جي وڌندڙ مقبوليت سان دنيا ، ترقي پسندي جي رستي هلندي رهي ته روشن خيال، سيڪولر ۽ ترقي پسند جمهوري حڪومتن جي قيام بعد سوشلسٽ انقلابن برپا ٿيڻ بجاء وينزويلا وانگر جمهوري عمل ۽ عوام جي ووٽن ذريعي پڻ سوشلسٽ معاشرا قائم ٿيڻ جو سلسلو شروع ٿيندو نظر اچي رهيو آهي. ممڪن اهي ته دنيا ۾ لڳاتار وڌندڙ آبادي ۽ مختلف ملڪن ۾ معاشي بدحالي جو بنيادي سبب اهو ثابت ٿي رهيو آهي ته رياستن، ملڪن ۽ دنيا جي وسيلن تي چند هزار چالاڪ ۽ وياج خور خاندان قابض آهن ۽ باقي دنيا جي ملڪن جي آبادي جو عوام روز بروز غريب، محروم ۽ بدحال ٿي رهيو آهي ۽ سندن ملڪ ۽ دنيا تنگ ۽ سندن جياپي لاءِ سوڙهي ۽ ڏينهون ڏينهن وسيلا ۽ جياپي، ترقي ۽ خوشحالي جا رستا بند ٿي رهيا آهن اهڙي ريت مجموعي طور تي سموري دنيا جي اربين انسانن تي مشتمل آبادي لاءِ هي حڪمران طبقي جي حڪمراني، امرن ۽ بادشاهن جي خاندانن جي وڌندڙ والار دنيا کي جهنم بڻائي رهي آهي ته خرابين، بيمارين ۽ آمريتن جي ڪارخانن کي بند ڪرڻ ۽ دنيا کي انسانن جي رهڻ لاءِ زرخيز ۽ ترقي يافتا بنائڻ لاءِ وسيلن جي منصفاڻي تقسيم کانسواء دنيا جا ملڪ ۽ قومن جو بهتر مستقبل ممڪن ۽ محفوظ ٿي نه سگهندو تنهنڪري هر ملڪ ۽ قوم ۾ ترقي پسند فڪر، نظريئي جي واڌ ويجهه لاءِ قدرتي طور تي حالتون ۽ ميدان هموار ٿي رهيا آهن