سپريم ڪورٽ جو فيصلو ۽  ان جا امڪاني اثر

تحرير: غلام حسين لغاري

ملڪ جي اعلي عدالت يعني سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ڪالهه سني اتحاد ڪائونسل پاران داخل ڪيل ان آئيني پٽيشن تي پنهنجو فيصلو ٻڌايو جنهن ۾ اليڪشن ڪميشن پاڪستان کي ڌر ٺهرائي مٿس آئيني ڀڃڪڙي جو الزام مڙهي سندس مخصوص ۽ عورتن واريون سيٽون حڪمران ڌرين حوالي ڪيون ويون هيون۔سپريم ڪورٽ پنجن ۽ اٺن ججن جي فيصلي سان اليڪشن ڪميشن جو اٺين مارچ ۽ پشاور هاءِ ڪورٽ جي ان ڏس ۾ ڏنل سمورن فيصلن کي رد ڪندي پي ٽي آءِ کي سياسي پارٽي قرار ڏيندي مخصوص سيٽن لاءِ پي ٽي آءِ کي اهل قرار ڏنو ۽ کيس پندرهن ڏينهن اندر مخصوص سيٽن لاءِ اميدوارن جي فهرست اليڪشن ڪميشن حوالي ڪرڻ جو حڪم ڪيو۔ عدالت پنهنجو مختصر فيصلو ٻڌايو جڏهن ته تفصيلي فيصلو بعد ۾ ٻڌايو ويندو۔سپريم ڪورٽ اڱاري ڏهاڙي اهو فيصلو محفوظ ڪيو هو جيڪو ٻن ڏينهن جي مشاورت بعد ٻڌايو ويو آهي۔اها سموري ڪارروائي عدالت ۾ سڌي سنئين هلائي وئي جنهن کي سڄي دنيا ڏسندي رهي.
سپريم ڪورٽ جي فيصلي اچڻ سان پي ٽي آءِ ۾ جشن جو سمان ڏسڻ ۾ آيو جڏهن ته ن ليگ ۽ سندس اتحادين ۾ مايوسي ڏسڻ ۾ آئي جو سپريم ڪورٽ جو فيصلو سندن دل وٽان ناهي آيو ۽ اهي پارليمينٽ ۾ ٻه ڀاڱي ٽي واري اڪثريت وڃائي ويهندا ۽ مخصوص بل پاس ڪرائڻ ۾ ڏکيائي پيش ايندي۔هن فيصلي اچڻ ٻعد سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس جناب قاضي فائز عيسي  جي مدت ملازمت ۾ واڌ وارو امڪاني بل به شايد پاس ٿي سگهي جنهن جي اميد ڪئي پئي وئي۔سپريم ڪورٽ جي هن فيصلي اچڻ کانپوءِ ٿي سگهي ته ن ليگ جون اتحادي پارٽيون به ن ليگ کان وڇوٽيون اختيار ڪن۔
پ پ پ جي سربراهه ۽ صدر مملڪت جناب آصف علي زرداري ڪجهه ڏهاڙا اڳ چئي چڪو آهي ته هو حڪومتون ٺاهڻ ۽ ڊاهڻ ڄاڻي ٿو۔ايم ڪيو ايم به ن ليگ ڪجهه وٿيري نظر پئي اچي۔جي يو آءِ جو سربراهه مولانا فضل الرحمان به پي ٽي آءِ کي مشورو ڏئي چڪو آهي ته اها اسيمبلين کان الڳ ٿئي ته جيئن نين چونڊن طرف وڃجي۔جيڪا صورتحال آهي ۽ صدر آصف علي زرداري جو جيڪو رويو ۽ بيان آهي ته ملڪ ويجهڙائي ۾ نين چونڊن طرف هليو وڃي ۽ ن ليگ جو قائد ميان محمد نواز شريف به ڪمزور ۽ لولي لنگڙي حڪومت کان خائف آهي ٻي ڳالهه ته صدر آصف علي زرداري جڏهن لاهور ويل هو ته پنجاب جي وڏي وزير محترمه مريم نواز شريف سندس استقبال ڪرڻ کان وٿيري رهي جيڪا به صدر آصف علي زرداري کي دل ۾ گهاءُ ڪري چڪي آهي.
سپريم ڪورٽ جو ڪالهوڪو فيصلو اليڪشن ڪميشن مٿان ڪنهن داغ کان گهٽ ناهي جنهن هر وقت آئين کان مٿاهان قدم کنيا آهن ۽ مخصوص ڌرين جي ڌر بڻيل رهي۔پي ڊي ايم جي دور حڪومت ۾ اليڪشن ڪميشن ڌر بڻيل رهي اهو ئي سبب هو جو انوقت جي سپريم ڪورٽ جي فيصلن کي باءِ پاس ڪندي رهي پنجاب ۽ ڪي پي ڪي ۾  پي ڊي ايم جي حڪومت سان هم صلاح ٿي آئين جي ڀڃڪڙي ڪندي صوبائي چونڊن نه ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو هو ۽ پي ڊي ايم حڪومت فنڊ نه هجڻ جو بهانو بڻايو هو۔اهڙي طرح پي ٽي آءِ کي عوام ۽ چونڊن کان پري رکڻ لاءِ پي ٽي آءِ تي پابنديون مڙهيون ويون انجي بيٽ جو نشان واپس ورتو جو انجا سمورا اميدوار آزاد بيٺا اڪثريت سان ڪامياب ٿيا ايتريقدر جو کيس مخصوص سيٽون ڏيڻ کان نابري واري وئي۔ سپريم ڪورٽ اليڪشن ڪميشن جي اهڙن فيصلن کي رد ڪري ظاهر ڪيو آهي ته اليڪشن ڪميشن آئين کان مٿاهان قدم کنيا آهن ۽ هن فيصلي سان اليڪشن ڪميشن تي هر ماڻهو آڱريون کڻندو بلڪ کڻي رهيو آهي ته فيبروي 24  ۾ ڪرايل چونڊون به هڪ طرفيون هيون ۽ حڪومت فارم 47 جي پئداوار آهي ۽ اهو به ممڪن آهي ته ايندڙ وقت ۾ فارم 47 وارو معاملو به ڪر کڻي ۽ ن ليگ جو مستقبل اونداهو ڏسڻ ۾ اچي جو عدالتون ۽ انهن جا جج هاڻ آئين ۽ قانون جا تابع آهن ۽ نٿا چاهين ته ملڪ ڪنهن غير آئيني بحران جو شڪار ٿئي.
بهرحال سپريم ڪورٽ جي تيرهن ججن مان اٺن ججن جي اڪثريت ملڪ جي حالتن ۽ آئين کي نظر ۾ رکندي فيصلو ڏنو آهي جنهن تي قوم کي فخر آهي ۽ ايندڙ وقت ۾ جمهوريت ۽ آئين مضبوط ٿيندا۔سني اتحاد ڪائونسل جي درخواست تي آيل فيصلو ٻڌائي ٿو ته سياسي پارٽين کي چونڊن ۾ حصي وٺڻ جو پورو پورو حق حاصل آهي ۽ پي ٽي آءِ کي عام چونڊن کان پري رکي ۽ انجون مخصوص سيٽون حڪمران ڌرين حوالي ڪري آئين جي لتاڙ ڪئي وئي آهي جنهن لاءِ مهذب ۽ آئيني طريقو اهو آهي ته چيف اليڪشن ڪمشنر کي هاڻ پاڻ کي ڪنهن جي ڌر  ٿيڻ بدران اداري مان الڳ ٿئي ۽ مستعفي ٿيڻ گهرجيس جيئن ملڪ سياسي جمهوري ۽ آئيني طور مضبوط ٿئي۔سپريم ڪورٽ جي هن فيصلي سان پي ٽي آءِ هڪ ڀيرو ٻيهر طاقتور عوامي سياسي قوت ٿي اڀرندي جڏهن ته ن ليگ ويتر ڪمزور ۽ سياسي نقشي تان پاسيري ڏسڻ ۾ ايندي۔

سپريم ڪورٽ اليڪشن ڪميشن جي اهڙن فيصلن کي رد ڪري ظاهر ڪيو آهي ته اليڪشن ڪميشن آئين کان مٿاهان قدم کنيا آهن ۽ هن فيصلي سان اليڪشن ڪميشن تي هر ماڻهو آڱريون کڻندو بلڪ کڻي رهيو آهي ته فيبروي 24  ۾ ڪرايل چونڊون به هڪ طرفيون هيون ۽ حڪومت فارم 47 جي پئداوار آهي ۽ اهو به ممڪن آهي ته ايندڙ وقت ۾ فارم 47 وارو معاملو به ڪر کڻي ۽ ن ليگ جو مستقبل اونداهو ڏسڻ ۾ اچي جو عدالتون ۽ انهن جا جج هاڻ آئين ۽ قانون جا تابع آهن ۽ نٿا چاهين ته ملڪ ڪنهن غير آئيني بحران جو شڪار ٿئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.