سني اتحاد ڪائونسل جي درخواست تي سپريم ڪورٽ جي فل بينچ ٻن ڏينهن کانپوءِ نيٺ ڪالهه مخصوص سيٽن وارو محفوظ ٿيل فيصلو ٻڌايو ۽ اهڙو فيصلو ٻڌايو جنهن تي پاڻ پي ٽي آءِ کي به ڪا گهڻي اميد نه هئي ته جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي چيف جسٽس هوندي سندن حق ۾ فيصلو ايندو ۽ سپريم ڪورٽ جي فل بينچ سموريون مخصوص سيٽون پي ٽي آءِ کي ڏيندي جنهن کان اليڪشن ڪميشن پهريون بيٽ وارو چونڊ نشان کسيو جنهن جي نتيجي ۾ پي ٽي آءِ هڪ سياسي جماعت طور 8 فيبروري 2024ع جي چونڊن ۾ پي ٽي آءِ پوءِ آزاد ميمبرن کي ميدان تي لاٿو جيڪي اصل ۾ سندن پارٽي جا ميمبر هيا ۽ حيرت انگيز طور تي پي ٽي آءِ جي انهن آزاد اميدوارن کي عوام وڏي اڪثريت ۾ ڪامياب ڪرايو. جيڪڏهن تڏهن ئي پي ٽي آءِ کي هڪ سياسي جماعت طور چونڊن ۾ بهجڻ ڏجي ها ۽ ان نتيجي ۾ کين سندن مخصوص سيٽون ملن ها ته اها ممڪن آهي ته حڪومت ڪرڻ جي پوزيشن ۾ اچي وڃي هان. پر اليڪشن ڪميشن اهي مخصوص سيٽون مسلم ليگ (ن)، پ پ ۽ ايم ڪيو ايم ۽ ٻين جماعتن ۾ ورهائي ڇڏيون هيون.
هاڻي جڏهن سپريم ڪورٽ جي فل بينچ پي ٽي آٰءِ کي مخصوص سيٽون ڏئي ان کي پارليامينٽ جي سياسي جماعت طور قبول ڪيو آهي ته سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته ڇا ان سان حڪومت ۽ پاليامينٽ تي ڪو خراب اثر ته نه پوندو ۽ پي ٽي آءِ کي مخصوص سيٽون ملڻ کان پوءِ ڇا اُها وري حڪومت ٺاهڻ جي پوزيشن ۾ اچي سگهي ٿي. ٻيو ته ان فيصلي کي حڪومت ۽ غير جانبدار حلقا توڙي آئيني ۽ قانوني ماهر ڪيئن ٿا ڏسن سو ڏسڻو پوندو.
پي ٽي آءِ جي حق ۾ سپريم ڪورٽ فيصلو ڏنو آهي تنهن ڪري اها ته ان فيصلي سان ظاهر آهي ته خوش آهي پر ڪجهه قانوني ۽ عدالتي ماهرن ان فيصلي تي حيرت کاڌي آهي ته مخصوص سيٽون سني اتحاد ڪائونسل سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪري گهريون هيون سو فيصلو اهو ڪرڻو هو ته اهي مخصوص سيٽون سني اتحاد ڪائونسل کي ڏجن يا نه ڏجن. پر هتي الٽو اهي سيٽون ان پي ٽي آءِ جي جماعت کي ڏينيون ويون جن اهڙي درخواست سپريم ڪورٽ ۾ داخل به نه ڪرائي هئي. هاڻي ان تي سني اتحاد ڪائونسل ڪهڙو ٿي رد عمل ظاهر ڪري. اهو به ڏسڻو آهي. هن عدالتي فيصلي تي هڪڙن غير جانبدار حلقن جو اهو به معنيٰ جوڳو سوال آهي ته جڏهن کان سپريم ڪورٽ جي فل بينچ مخصوص سيٽن بابت فيصلو ڪيو ته اهو فيصلو ٻن ڏينهن تائين ڇو محفوظ رکيو ويو، مختصر فيصلو ته ان ڏينهن ئي ٻڌائڻ گهرجي ها، دير سان فيصلو ٻڌائڻ سان عدالت ڏانهن آڱريون کڄي سگهن ٿيون ته ڇا ان فيصلي ۾ به نظريه ضرورت ۽ پي ٽي آءِ جي حوالي سان عالمي دٻاءُکي ذهن ۾ رکيو ويو آهي؟ چوڻ وارن ته هن کي عدالتي نه پر سياسي فيصلو قرار ڏنو آهي.
جيسيتائين ان عدالتي فيصلي سان حڪومت جي متاثر ٿيڻ جو سوال آهي ته ان جو دارو مدار پي ٽي آءِ جي پاليسي تي آهي ته اها ملڪ ۽ پارليامينٽ کي وري ڪنهن نئين ڀونچال ڏانهن ڌڪيندي يا ذميواري جو مظاهرو ڪندي ملڪ کي سياسي استحڪام مُهيا ڪندي. هوڏانهن حڪومتي حلقن جو خيال آهي ته پي ٽي آءِ کي ڀلي مخصوص سيٽون ملن ان سان سندن حڪومت متاثر نه ٿيندي ڇاڪاڻ ته ان کي گهربل سيٽون مليل آهن. اهو به سوال پيدا ٿي رهيو آهي ته ڇا حڪومت ان عدالتي فيصلي کي چيلينج ڪندي يا ملڪي سياسي استحڪام لاءِ ان کي قبول ڪندي ۽ سٺي سوچ سان عدالتي فيصلي کي قبول ڪندي. في الحال مسلم ليگ (ن) سخت رد عمل ظاهر ڪيو آهي ۽ ان کي آئين ۽ جمهوريت کي نقصان ڏيندڙ فيصلو ڄاڻايو آهي. چوڻ وارا چون ٿا ته هاڻي پي ٽي آءِ اندر فارورڊ بلاڪ قائم ڪيو ويندو.
اسان جو خيال آهي ته ٻنهي ڌرين يعني حڪومت ۽ پي ٽي آءِ کي هاڻي ملڪ جي سياسي جٽاءُ جو سوچڻ گهرجي ۽ ان هڪ ڏس ۾ ٻئي سان سهڪار ڪرڻ گهرجي. عوام جي به اها تمنا آهي، ميڊيا به اُهو چاهي ٿي ۽ ملڪ جي مفاد ۾ به اهو ئي آهي ته جمهوري روح موجب ملڪ کي هلائجي. اهو سڀ ان احساس وچان ڪرڻ جي ضرورت آهي ته هاڻي ملڪي معاملا پرڏيهي ملڪن ۾ به ويچارجن ٿا ۽ گڏيل قومن توڙي آمريڪا جي ڪانگريس ۾ پڻ ٺهراءُ پاس ٿين ٿا جن جا اڳتي هلي نتيجا خراب به نڪري سگهجن ٿا. تنهن ڪري ملڪ اندر اهڙو چونڊ، پارلياماني ۽ حڪومتي نظام جوڙجي جو ڪنهن کي آڱر کڻڻ جو موقعو نه ملي سگهي . انهيءَ ۾ پي ٽي آءِ ۾ به ڪو شڪ ناهي ته عالمي سطح تي پنهنجو موقف رکڻ ۽ مڃرائڻ ۾ پي ٽي آءِ جو پنهنجو ڪردار آهي. ان جماعت کي بيانيو بڻائڻ به اچي ٿو ۽ متحرڪ اپوزيشن جو ڪردار ڪرڻ به اچي ٿو پر اهو سڀ پارٽي جي مفاد ۾ ڪيو پيو وڃي. پي ٽي آءِ جو پارليامينٽ جي مضبوطي ۾ ڪو ڪردار نه رهيو آهي پر هاني جڏهن اها ملڪ جي ٽين وڏي سياسي جماعت بڻجي چُڪي آهي ۽ تمام ترمخالفت باوجود اها هن سال چونڊن ۾ غير معمولي ڪاميابي ماڻڻ ۾ ڪامياب ٿي آهي ته هاڻي کيس پنهنجي ڪلهن تي ملڪ ۽ پارليامينٽ جي مضبوطي جي ذميواري پڻ کڻڻ گهرجي.
موجوده عدالتي فيصلي سان ممڪن آهي ته عالمي سطح تي پاڪستان جي عدالتن جي ساک آزاد ۽ خودمختار طور ليکي وڃي پر ملڪ اندر سواءِ پي ٽي آءِ جي موجوده عدالتي فيصلي تي پڻ سوال اٿي رهيا آهن ۽ بحث مباحثا ٿي رهيا آهن. خود عدالتن ۾ موجود ججن ۾ پي ٽي آءِ جي حامي ججن جي حاوي هجڻ جا به اشارا ملي رهيا آهن. ڪورٽ جي موجوده فيصلي ملڪ کي وري هڪ نئين ڀونچال ۾ ضرور وجهي ڇڏيو آهي. ان فيصلي حڪومت کي به پريشان ڪيو آهي ته اندروني رپورٽون آهن ته اسٽيبليشمنٽ کي به ڌڪ لڳو آهي سو ملڪ اندر سنگين حالتن سبب ايمرجنسي لڳڻ جو به خطرو بيان ڪيو پيو وڃي.