فيسبڪ ۾ سڃاڻپ لڪائڻ وارو فيچر اچي ويو، استعمال ڪيئن ڪجي؟ ڄاڻيو

انٽرنيٽ ٽيڪنالاجي ڪمپني ميٽا اعلان ڪيو آهي ته هاڻي فيسبڪ گروپس ۾ پوسٽ ڪرڻ وقت اصلي نالي بدران ميمبر پنهنجي مرضي جو ”نِڪ نيم“ استعمال ڪري سگهندا، جنهن لاءِ گروپ ايڊمن جي اجازت ضروري هوندي.
رپورٽ موجب، جڏهن گروپ ايڊمن اجازت ڏيندو ته ميمبر پنهنجي پوسٽ، تبصرو يا ري ايڪشن اصل نالي بدران نِڪ نيم ۽ اواتار تصوير جي صورت ۾ ڪري سگهندا.
نِڪ نيم رڳو ان گروپ تائين محدود رهندو، جڏهن ته ٻئي گروپ ۾ ميمبر جو اصلي نالو نظر ايندو.
جيڪڏهن توهان نِڪ نيم استعمال ڪندئو ته فيسبڪ توهان جي پراڻي پوسٽ کي به نئين نِڪ نيم سان اپڊيٽ ڪري ڇڏيندو.
نِڪ نيم دوران لائيو وڊيو، نجي پيغام يا ڪنهن ٻئي پليٽ فارم تي پوسٽ شيئر ڪرڻ وارا فيچر عارضي طور بند ٿي ويندا ته جيئن فيچر جو غلط استعمال نه ڪري سگهجي.
گروپ ايڊمنز کي اختيار هوندو ته هو نِڪ نيم فيچر آن يا آف ڪن يا هر نئين نِڪ نيم جي انفرادي منظوري وٺن ته جيئن گروپ جا شرط ۽ ضابطا برقرار رهن.
ميٽا موجب، اها تبديلي اهڙن واهپيدارن لاءِ آهي جيڪي پنهنجي ذاتي سڃاڻپ لڪائڻ چاهين ٿا يا حقيقي نالي جي استعمال ۾ پريشاني جو شڪار آهن، مثال طور صحت، ذاتي مسئلن يا ٻين حساس معاملن تي بحث دوران، اهڙي نموني ماڻهو وڌيڪ آزاداڻي ۽ بنا ڪنهن ڊپ جي پنهنجي خيالن جو اظهار ڪري سگهندا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.