اوستا محمد ۾ قتل ٿيل جي يو آءِ اڳواڻ جا جوابدار گرفتار نه ٿيا، ڪراچي ۾ احتجاج

ڪراچي اوڀر  (ن ع آ) بلوچستان جي شھر اوستا محمد ۾ 14 ڏينھن اڳ ھٿياربندن ھٿان قتل ٿيل  جي يو آء اڳواڻ مير اسلم خان عمراڻي جي قتل جا جوابدار گرفتار نـ ٿيڻ خلاف عمراڻي اتحاد طرفان وائيس چيئرمين ڏاڏو الھورايو عمراڻي فنانس سيڪريٽري بابل عمراڻي جي اڳواڻي ۾ ڪراچي اوڀر پريس ڪلب اڳيان ھٿن ۾ بئنر کڻي احتجاجي مظاھرو ڪندي قاتلن جي گرفتاريء لاء سخت نعريبازي ڪئي ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن صحافين سان ڳالھائيندي چيو تـ ڏاڏو الھورايو عمراڻي , بابل عمراڻي, محمد علي, احسان عمراڻي, رياض جلباڻي, غلام علي بليدي, زبير عمراڻي, شيرجان کوسو, يونس جلباڻي, رجب عمراڻي, جاويد, راجو, نادر ميراڻي, خادم انڙ, غلام رسول عمراڻي ۽ ٻين ڳالھائيندي چيو تـ 14 ڏينھن اڳ بلوچستان جي شھر اوستا محمد ۾ جي يو آء جي اڳواڻ مير اسلم عمراڻي کي زمين ۾ پاڻي ڇڏڻ تان ھٿياربندن ان کي بيگناھ گوليون ھڻي قتل ڪيو ھو جڏھن تـ اوستا محمد پوليس ھن وقت تائين قاتلن کي گرفتار نـ ڪيو آھي ھنن چيو تـ مير اسلم عمراڻي جي قتل جا جوابدار جلد گرفتار ڪيا وڃن ٻئي صورت ۾ سنڌ پنجاب بلوچستان ڏانھن ويندڙ روڊ رستا بلاڪ ڪنداسين

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.