جيڪب آباد مان معصوم ٻار جو تشدد ٿيل لاش هٿ

جيڪب آباد  (رپورٽ: حضور بخش سومرو) جيڪب آباد مان پوليس کي 4 ورهين جي ٻارڙي جو تشدد ٿيل لاش مليو آهي، واقعو صدر ٿاڻي جي حد ڳوٺ محمد ميان سومرو ۾ پيش آيو، معصوم ٻار جي سڃاڻپ چئن سالن جي  خدا بخش سومرو طور ٿي آهي، ان ڏس ۾ مقتول ٻار جي والد صحافين کي ٻڌايو ته هن کي اطلاع مليو ته سندس پٽ جو لاش گھر ڀرسان گهٽي مان مليو آهي، هن وڌيڪ چيو ته ظالمن منهنجي معصوم پٽ کي بيدردي سان قتل ڪري ڇڏيو آهي، هن مطالبو ڪيو تهه پٽ جي قاتلن کي گرفتار ڪري ڦاهي تي چاڙهي انصاف ڪيو وڃي. ٻئي طرف واقعي بعد سومرا برادري جا ماڻهو وڏي تعداد ۾ گڏ ٿي ويا، آل پاڪستان سومرا ايسوسيئيشن جي صدر حاجي گل حسن سومرو، مير انور علي سومرو، ذوالفقار عثمان سومرو ۽ ٻيا به وارثن وٽ پهچي ويا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.