پاڪ فوج جي ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس تازو ئي ”عزم استحڪام“ فوجي آپريشن خلاف سياسي راءِ جو اظهار ڪندڙ عنصرن بابت ڳڻتي جو اظهار ڪندي واضح ڪيو آهي ته پاڪ فوج قومي سلامتي جا مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ متحد آهي. 265هين ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس کانپوءِ جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته ڪجهه عنصر ڄاڻي واڻي آپريشن جي غلط تشريح ڪري اجائي تنقيد ڪن پيا.
گذريل مهيني جي آخر ۾ حڪومت نيشنل ايڪشن پلان جي سينٽرل ايپڪس ڪميٽي جي اجلاس کانپوءِ اعلان ڪيو هو ته دهشتگردي جي خاتمي لاءِ ”عزم استحڪام“ نالي هڪ نئون آپريشن شروع ڪيو ويندو. ايپڪس ڪميٽي ۾ خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور جي شموليت سبب سمجهيو پي ويو ته تحريڪ انصاف کي ان تي اعتراض نھ ھوندو.پر بعد ۾ تحريڪ انصاف سميت ٻين اپوزيشن پارٽين به ان آپريشن خلاف سخت احتجاج ڪيو بلڪھ علي امين گنڊاپور چيو ته ايپڪس ڪميٽي جي اجلاس ۾ اهڙي ڪا به ڳالهه نه ٿي.
وزيراعظم ۽ حڪومتي نئين فوجي آپريشن بدران ان کي دهشتگردي خلاف جاري فوجي آپريشن جو تسلسل قرار ڏنو ۽ حڪومت ان حوالي سان آل پارٽيز ڪانفرنس سڏائي غلط فهميون دور ڪرڻ جو به اعلان ڪيو آهي.اڳ آپريشن جي مخالفت ڪندڙ تحريڪ انصاف جي باني چيئرمين ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ “عزم استحڪام“ جي حوالي اعلانيل اي پي سي ۾ شرڪت جو اعلان ڪيو.ان اعلان کي رڳو سڌي ريت رابطي لاءِ سٺو سونئڻ سمجھڻ گھرجي.
بجيٽ تي بحث دوران وزيراعظم شهباز شريف تحريڪ انصاف کي سڌي ريت ڳالهين جي دعوت ڏيڻ سان گڏ عمران خان کي آڇ ڪئي ته جيڪڏهن جيل ۾ ڪو مسئلو آهي ته هو ان سلسلي ۾ رابطو ڪري سگهي ٿو. مخالف ڌر جي اڳواڻ عمر ايوب ان تجويز تي حڪومت کي فارم 47 جي پيداوار قرار ڏيندي چيو ته حڪومت بي اختيار آهي. هن چيو ته جيستائين عمران خان جيل ۾ آهي حڪومت سان ڪا به ڳالهه ٻولهه نه ٿيندي.جنھن سان سرڪار ۽ اپوزيشن ۾جاري ڇڪتاڻ ختم ڪرڻ جي هڪ وڌيڪ ڪوشش ناڪام ٿي وئي
عمران خان جو ھاڻوڪو بيان تحريڪ انصاف جي اڳوڻي سخت موقف جي مقابلي ۾ يوٽرن جي حيثيت رکي ٿو. سياست ۾ وقت ۽ حالتن مطابق راءِ کي تبديل ڪرڻ خراب نه آهي. ان ڪري جيڪڏهن تحريڪ انصاف آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪري حڪومتي قدم جي حمايت جو اعلان ڪري رهي آهي ته پوءِ ان کي ملڪي سياست ۾ مثبت اڳڀرائي تصور ڪرڻ گهرجي. ڪور ڪمانڊر ڪانفرنس جي ”چتاءُ“ سان گڏ تحريڪ انصاف پاران خير سگالي جو اعلان به ملڪي سياست تي اسٽيبلشمينٽ ۽ فوجي قيادت جي غلبي کي ظاھر ڪري رھيو آھي.
عمران خان جيتوڻيڪ پنهنجي ان موقف تي ڪڏهن به نه شرمسار نھ ٿيو آھي.بلڪھ هو اڃا به فوج سان تعاون چاهي ٿو ۽ ان جي پٺڀرائي سان اقتدار ۾ اچڻ چاهي ٿو. پر تحريڪ انصاف عوامي سطح تي پاڻ کي اسٽيبلشمينٽ مخالف سياسي قوت طور پيش ڪرڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪري ٿي. سوشل ميڊيا تي پارٽي جا سرگرم نمائندا فوج خلاف راءِ عامھ تيار ڪرڻ ۾ مصروف آهن.
اهو بظاهر فوج تي دٻاءُ وجهي سياسي مقصد حاصل ڪرڻ جو طريقو چيو وڃي ٿو. پر تحريڪ انصاف جي اهڙين حڪمت عملين جي جواب ۾ فوج طرفان اڃا تائين ڪنهن به قسم جي نرمي نظر نه آئي آهي.
عمران خان جي بيان ۾ اي پي سي ۾ شرڪت جي اعلان سميت اھو بھ چيو آهي ته ”اسين قومي مفاد ۾ رڳو حڪومتي موقف ٻڌڻ لاءِ وينداسين“. پر ساڳئي بيان ۾ دهشتگردي خلاف جاري مهم کي رد ڪندي ان کي به غير ضروري ڪوشش قرار ڏنو ويو آهي. عمران خان جو چوڻ آهي ته افغانستان سان اختلافن جي موجوده صورتحال ۾ دهشتگردي خلاف ڪا به ڪوشش ڪامياب نٿي ٿي سگهي. جيڪڏهن فوج انهن عنصرن کي پاڪستان مان ڪڍي ته اهي افغانستان هليا ويندا. ان ڪري پاڪستان کي افغانستان سان اختلافن بدران ڪابل حڪومت جو تعاون وٺڻ گهرجي.
ڪابل حڪومت سان پاڪستاني اسٽيبلشمينٽ ۽ حڪومت جو ٽڪراءُ صرف تحريڪ طالبان پاڪستان جي خلاف ان جي ناقابل قبول روش تائين محدود ناهي. شنگهائي سربراهه اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف واضح ڪيو ته طالبان حڪومت پاڙيسري ملڪن ۾ دهشتگردي ۾ ملوث عنصرن خلاف ڪارروائي ڪري دهشتگردي جي خاتمي لاءِ ڪردار ادا ڪري. هن گڏيل قومن کي به ان سلسلي ۾ ڪردار ادا ڪرڻ جي اپيل ڪئي.
پاڪستان دهشتگردي جي مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ افغان طالبان حڪومت سان لاڳاپا بحال ڪرڻ ۾ دلچسپي رکي ٿو پر ڪابل حڪومت جي شرطن تي هاڻي ائين ڪرڻ لاءِ راضي ناهي. طالبان حڪومت پاڪستان جي حڪومت جي انهن قدمن کي رد ڪري ٿي جن ۾ گڏيل واپار، ڊالرن جي خريد و فروخت ۽ ويزا جي پابنديون شامل آهن، جيڪي پاڪستان جي معيشت ۽ رپئي جي قدر لاءِ اهم آهن. ان کانسواءِ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار ۽ ويزا فري اچ وڃ به اسمگلنگ کي هٿي ڏئي ٿي، جنهن جو سڌو سنئون نقصان پاڪستاني خزاني کي ٿئي ٿو.
عمران خان جي بيان ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ انهن معاملن جو ڪو به حوالو ناهي، بلڪه طالبان حڪومت کي ’مطمئن‘ رکڻ جي ڳالهه ڪئي وئي آهي. جڏهن ته پي ٽي آءِ جي دور حڪومت ۾ تحريڪ طالبان پاڪستان جي هزارين ڪارڪنن کي پاڪستان ۾ اچڻ ۽ آباد ٿيڻ ۽ پرامن شهرين جي حيثيت ۾ رهڻ جي سهولت ڏني وئي. سمجھيو وڃي ٿو ته اهي ئي عنصر هاڻي سرحدي علائقن ۾ دهشتگردي جي سرگرمين ۾ ملوث آهن. فوج ۽ حڪومت جي پاليسي کي رد ڪرڻ جي باوجود تحريڪ انصاف هن مشڪل ۽ پيچيده مسئلي جو ڪو به حل سامهون ناهي آندو. ممڪن آهي ته ان حوالي سان ڪي ٺوس تجويزون ”عزم جي استحڪام“ بابت گھرايل آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ پيش ڪيون وڃن.
ٻئي طرف آءِ ايس پي آر پاران ڪور ڪمانڊر ڪانفرنس کانپوءِ جاري ڪيل پڌرنامي جو لھجو سياسي آهي. اعلان کي غور سان پڙهيو وڃي ته معلوم ٿئي ٿو ته فوج پنهنجي مقصدن اڳيان سياسي راءِ کي اهميت ڏيڻ ۽ ٻڌڻ لاءِ تيار ناهي.” عزم استحڪام“ بابت فيصلو وزيراعظم جي سربراهي ۾ اپيڪس ڪميٽي ڪيو. ان ڪري ان جي سياسي نوعيت کان انڪار نٿو ڪري سگهجي. پاڪ فوج جي پبلڪ رليشن ڊپارٽمينٽ طرفان دهشتگردي خلاف نئين حڪمت عملي جو اعلان ناهي ڪيو ويو. ان ڪري ملڪ ۾ اڀرندڙ سياسي راءِ بابت ڪور ڪمانڊر ڪانفرنس جو خدشو سمجھه کان ٻاھرآهي. جيڪڏهن ملڪ جمهوري نظام تحت هلي رهيو آهي ته جمهوريت ۾ اهڙيون ڳالهيون معمول آهن. فوج کي ڪنهن به عوامي پليٽ فارم تي اهڙي بحث يا فيصلن تي پنهنجي راءِ جو اظهار نه ڪرڻ گهرجي.
بيان موجب ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس پاڪستان جي بهادر عوام جي حمايت سان سمورن چئلينجز کي منهن ڏيڻ ۽ پنهنجون آئيني ذميواريون پوريون ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. پاڪ فوج جو چوڻ آهي ته سياسي بنيادن تي ٻاهرين سهولتڪارن جي مدد سان شروع ڪيل ڊجيٽل دهشتگردي رياستي ادارن خلاف آهي. ان جو مقصد قوم ۾ وڳوڙ پکيڙڻ آهي پر پاڪ فوج ۽ قوم اهڙين سازشن کان پوري طرح آگاهه آهي ۽ ملڪ دشمنن جي عزائم کي ناڪام بڻائيندي.
بيان ۾ ٻاهرين سهولتڪارن جي مدد سان ملڪ ۾ افراتفري پيدا ڪرڻ جي سازشن ۽ فوج جي آئيني ذميواري بابت لفظ استعمال ڪيا ويا آهن. اهي ٻئي لفظ ڪور ڪمانڊر ڪانفرنس جي اعلان جي بجاءِ سياسي پارٽيءَ جي اعلان سان مشابهت رکن ٿا. جيڪڏهن ملڪ ۾ ٻاهريان عنصر سازشون ڪري رهيا آهن ۽ ملڪ اندر ڪجهه ته پوءِ ملڪ جي قانوني نظام موجب ان جو پتو لڳائي کين سزا ڏي سگھجي ٿي. ڪور ڪمانڊرز کي ان بابت ڪنهن اعلان جي ضرورت نه آهي. اهڙي طرح فوج جي آئيني ذميوارين جو تعين آرمي ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس ذريعي نٿو ڪري سگهجي. اهو ڪم حڪومت جي هدايتن ۽ پارليامينٽ جي فيصلن موجب ٿيڻ گهرجي.
ياد رکڻ گهرجي ته ملڪي معاملا صحيح رخ ۾ تڏهن ئي اڳتي وڌي سگهن ٿا جڏهن ادارا آئيني حدن ۾ رهن. بهرحال ’آئيني ذميدارين‘ کي پورو ڪرڻ لاءِ غير آئيني رويي کي لفظن ۾ ويڙهي زور تھ پيدا ڪري سگهجي ٿو، پر صحيح منزل جو تعين نٿو ڪري سگهجي.