پاڪستان جي اڳوڻي وزير اعظم شاهد خاقان عباسي ۽ ٻين ناراض مسلم ليگين پنهنجي نئين سياسي جماعت ” عوام پاڪستان پارٽي“ جي نالي سان جوڙي پنهنجي الڳ سياسي راهه اختيار ڪئي آهي.
ان موقعي تي شاهد خاقان عباسي پنهنجي خطاب ۾ چيو آهي ته اها ملڪ جي بدقسمتيءَ آهي جو اسٽيبلشمينٽ سياسي پارٽيون ٺاهيون.
ان ڳالهه ۾ ڪو شڪ ناهي ته اسٽيبلشمينٽ جي اثر کي قبول ڪرڻ هر پارلياماني سياست ڪندڙ پارٽي جي مجبوري آهي، ڇاڪاڻ ته اسٽيبلشمينٽ جي رضا کان سواءِ ڪا به پارٽي اقتدار ته ڇا پر يوسي جي سيٽ به حاصل ڪري نٿي سگهي، اسٽيبلشمينٽ جي آڪسيجن کان سواءِ سياسي دنيا ۾ گهڻي دير تائين جيئرو رهڻ ممڪن ناهي، ان لاءِ سياسي پارٽيون عوامي ميڊئيٽ هجڻ جي باوجود به اسٽيبلشمينٽ جي آڏو گوڏا کوڙڻ لاءِ مجبور ٿينديون رهيون آهن.جيتوڻيڪ پاڪستان پيپلز پارٽي ڊڪٽيٽر ايوب خان سان ٽڪر کائڻ جي نتيجي ۾ وجود ۾ آئي ۽ ان جو باني ذوالفقار علي ڀٽو ٻئي ڊڪٽيٽر ضياءَالحق جي هٿان ڦاسي چڙهيو ويو، محترم بينظير ڀٽو جو قتل پڻ اهڙي وقت ۾ ٿيو هو جڏهن ملڪي اقتدار تي آمر پرويز مشرف قابض هيو. پي پي پي کي ملڪي تاريخ ۾ جيتري عوامي حمايت حاصل رهي اهڙي ڪنهن ٻئي پارٽي کي شايد ئي رهي هجي، پر اها به پنهنجو پاڻ کي ۽ ملڪي سياست کي اسٽيبلشمينٽ جي اثر کان آجو ڪرائڻ ۾ ڪامياب نه ٿي سگهي.
شاهد خاقان عباسي، پاڪستان مسلم ليگ (ن) جو حصو رهيو آهي. نواز شريف جي عدالتي نااهلي کان پوءِ کيس وزيراعظم بڻايو ويو. جيڪڏهن نواز ليگ جي سياسي تاريخ کي ڏسجي ته اهو معلوم ٿيندو ته اها اسٽيبلشمينٽ جي پئداوار نظر ايندي، شاهد خاقان عباسي شايد ان ئي تناظر ۾ اها ڳالهه ڪئي آهي.
شاهد خاقان عباسي ، جنهن سياسي دنيا ۾ پنهنجي ساٿين سميت نئون دڳ ورتو آهي. ان لاءِ ڪيئي دشواريون درپيش ۽ چينجلز نظر اچن ٿا، اقتدار جي دروازي جي چاٻي اسٽيبلشمينٽ جي قبضي ۾ آهي، جيڪا صرف اهائي جماعت حاصل ڪري سگهي ٿي جا سندن اميدن ۽ توقع ٿي پوري لهندي.
پاڪستان پيپلز پارٽي، مسلم ليگ(ن) ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جن وٽ افرادي قوت به آهي، انهن کي به اقتدار ۾ اچڻ لاءِ اسٽيبلشمينٽ کي راضي ڪرڻ کان سواءِ ٻيو ڪو چارو نظر نٿو اچي، ان صورتحال ۾ شاهد خاقان عباسي پنهنجي پارٽي کي اڳتي ڪئين کڻي هلندو، اهو هڪ اهم سوال آهي.
مٿي ذڪر ڪيل ٽئي سياسي پارٽين اسٽيبلشمينٽ سان ٽڪر کاڌو، موجوده وقت ۾ عمران خان پڻ اسٽيبلشمينٽ سان ڳالهيون ڪرڻ جا واضح اشارا ڏئي رهيو آهي، ڇاڪاڻ ته کيس ان ڳالهه جو احساس ٿي چڪو آهي ته طاقتور سسٽم سان وڙهڻ لاءِ تحريڪ انصاف سميت ملڪ جي ڪنهن به سياسي جماعت ۾ ايتري طاقت ناهي. محترمه بينظير ڀٽو شهيد ۽ نواز شريف جي ٻه ڀيرا حڪومت برطرف ڪئي وئي هئي. جو جيڪي ماڻهو اقتدار ڏئي سگهن ٿا اهي کسي به سگهن ٿا، اهڙي طرح پاڪستان تحريڪ انصاف کي پڻ آسمان تي آندو ويو ۽ اڳتي هلي ان سان به ساڳيو نواز ليگ ۽ پي پي وارو ورتاءُ ڪيو ويو.
حقيقت اها آهي ته شاهد خاقان عباسي پنهنجي نيئن سياسي پارٽي ان خيال سان ناهي ٺاهي ته هو ان پليٽ فارم تان جدوجهد ڪري غير سياسي قوت جي سياست ۾ مداخلت کي ختم ڪندو پر ان مسلم ليگ ۾ مريم نواز جي قيادت ۾ ڪم ڪرڻ پسند نه ڪيو.
جيڪڏهن ملڪ جو عوام سمجهي ٿو ته اسٽيبلشمينٽ کان سواءِ سياست نٿي ڪري سگهجي ته مان منهنجي خيال ۾ اهو غلط نٿو سمجهي ڇاڪاڻ ته ملڪي سياسي تاريخ ۾ اسان کي اهو سڀ ڪجهه ئي نظر اچي ٿو، جيڪڏهن شاهد خاقان عباسي اسٽيبلشمينٽ جي آشيرواد کان سواءِ اقتدار يا ايوان تائين پهچڻ ۾ ڪامياب ٿئي ٿو ته يقينن اهو ملڪي تاريخ جو غير معمولي واقعو ۽ معجزو هوندو.