پنهنجي قوم جي عورتن جي دل ۾ زمين جي محبت وجهو ڇو جو ان جي ڪک مان جنم وٺندڙ نسل پنهنجي زمين کي فتح ڪري ئي سک جو ساهه کڻندو ( نامعلوم چوڻي)
عورت مرد کان اڳ پوڙهي ڇو نظر ايندي آهي؟ عورت خدا جي طرفان مليل تمام خوبصورت انساني تخليق آهي اسان ڪڏهن اهو سوچيو آهي ته عورت جو خوبصورت جسم ڏسندي ئي ڏسندي ايئن بدصورت ڇو نظر اچڻ لڳندو آهي تنهن جا انيڪ سبب آهن.جيئن ته هڪ پڙهيل لکيل ڇوڪري جي شادي جو فيصلو گهڻي ڀاڱي ڇوڪري جا مائٽ ڪندا آهن جڏهن ته اسلام ۾ ڇوڪري کان سندس پسند پڇڻ جو پورو اختيار مليل آهي پر ائين ٿيندو ناهي ان ڪري جو اڪثر والدين جو اهو خيال هوندو آهي ته هو جيڪو جيون ساٿي ڇوڪري لا پسند ڪندا آهن سو ئي بهتر هوندو آهي بنسبت ڇوڪري جي پسند جي. اتان کان شروعات ٿئي ٿي عورت جي دماغ کي ڀڃي ڀورا ڪرڻ جي. مائٽن ان کان فيصلي جو حق کسي ورتو ايئن ڇوڪري انهن جي عزت خاطر ڪنڌ جهڪائي هلي ساهرين. هاڻي هن جي ٻي شخصيت شروع ٿي وئي اتي ڪنهن جي چاچي ڪنهن جي مامي ڪنهن جي ڀاڄائي بڻجي وئي اوچتو ئي اوچتو هو اهڙي گهيراءُ ۾ اچي وئي جتي ڪيئن هلجي ڪنهن سان ڇا ڳالهه ڪجي کيس ڪا خبر نه هئي. هوءَ مست ملنگ ڇوڪري جيڪا سڄو ڏينهن پئي نچندي ڪڏندي هئي ڳائيندي هئي وڏا وڏا ٽهڪ ڏيندي هئي جنهن کي ماڻهن جي اندر جي ڪا خبر نه هئي ته ڪنهن سان ڪيئن هلجي هوءَ ڏک توڙي سک ۾ خوش گذاريندي رهي ڪير هن جو دشمن ڪير سڄڻ ڪا خبر نه هيس جڏهن جسم سنهڙو سهڻو هيو وار وڏا ته مڙس کي فرصت ئي نه هئي زال کي ڏسڻ جي ان جي تعريف ڪرڻ جي ان وقت اها سختي هوندي هئي منهجي ٻار کي رهڙ به نه اچي پنهجي هار سينگار جون سڀ شيون لاهي ڦٽي ڪرائي ڇڏيون ائين ڪندي ٻار مٿان ٻار ٿيندا ويا ائين ذميواري جي ٻوجهه ۾ هو ايترو گم ٿي وئي جو پنهجو پاڻ سنوارن سميت سڀ ڪجهه وسري ويو وقت گذريو ته اها زال جيڪا ڏھ سال ننڍي هئي پنهنجي مڙس کان سا هاڻي ويھه سال وڏي نظر اچڻ لڳڻ لڳي تڏهن هر ڪنهن جي نظر ۾ هو ٿلهي غير ذميوار بي عقل ڇڳري جهڙن لقبن سان سڏجڻ لڳي ڳالهھ ڳالهه تي مڙس کان ذليل ٿيڻ ٻارن اڳيان مجرم محسوس ڪرڻ لڳندي هئي. مڙس کي چئي سگهڻ جهڙي پوزيشن ۾ به نه هئي ڇو جو هو گهر کاڌو ڏي پيو. وقت گذري ويو.
آخر عورت اک پٽي ڇا ڏسي ته هن جي زندگي جي ڏور ته ڪنهن ٻئي جي هٿ وس آهي هي ته رڳو هڪ روبوٽ جيان آهي آخر هن اهي رسمي زنجيرون توڙي ساهه کڻڻ شروع ڪيو ته زماني کي اهو کٽڪڻ لڳو تڏهن سچ چوندا آهن هي معاشرو عورت جو نه پر مرد جو ئي آهي