جان سينا جو ريسلنگ تان رٽائرمينٽ جو اعلان

آمريڪي اداڪار ۽ ريسلر جان سينا ورلڊ ريسلنگ انٽرنينمينٽ (ڊبليو ڊبليو اي) تان رٽائرمينٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
پرڏيهي ميڊيا موجب ڊبليو ڊبليو اي جو خاص ايونٽ مني ان دي بينڪ ڪينيڊا جي شهر ٽورنٽو ۾ ٿيو.
ان ايونٽ ۾ 47 ورهين جي جان سينا اعلان ڪيو ته 2025 ۾ هو ريسلنگ جي دنيا کي الوداع چوندو، 2025 ۾ ريسل مينيا ريسلر طور سندس آخري ايونٽ هوندو.
پرڏيهي ميڊيا جو چوڻ آهي ته جان سينا پنهنجي ريسلنگ ڪيريئر دوران 16 ڀيرا ورلڊ چيمپيئن بڻيو.

johncena wwe hollywood

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.