محرم دوران سوشل ميڊيا بند ڪرڻ جي درخواست رد

اسلام آباد (م ڊ) وفاقي حڪومت محرم الحرام ۾ سوشل ميڊيا بند ڪرڻ جي صوبن جي درخواست رد ڪري ڇڏي. ذريعن موجب گهرو  وزارت ٻڌايو ته فيس بڪ، ٽڪ ٽاڪ، واٽس ايپ سميت ٻيون سوشل ميڊيا ايپليڪيشنز بند نه ٿينديون. مختلف صوبن طرفان ايپليڪيشنز کي 6 کان 11 محرم تائين بند رکڻ جي درخواست ڪئي وئي هئي. گهرو وزارت جي ذريعن موجب سيڪيورٽي کي وڌيڪ فعال ۽ اثرائتو بڻايو وڃي، موبائيل سگنلز به انهن جاين تي بند ٿيندا جتي جلوس ۽ مجلسون ٿينديون.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.