ملڪ مٿان 67816 ارب رپيا ڏيهي ۽ پرڏيهي قرض چڙهي ويو

اسلام آباد (م ڊ) : هلندڙ سال مئي جي آخر تائين پاڪستان حڪومت تي چڙهيل ڏيهي ۽ پرڏيهي قرض 67 هزار 816 ارب رپيا ٿي  ويو آهي. اسٽيٽ بئنڪ پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب هڪ سال دوران ان قرض ۾ 15 سيڪڙو اضافو رڪارڊ ڪيو ويو، مئي 2023 ۾ اهو قرض 58 هزار 964 ارب رپيا هو. هلندڙ سال اپريل کان مئي جي مهيني دوران ملڪ جي مجموعي قرضن ۾ 2.6 سيڪڙو اضافو ٿيو. اپريل 2024ع ۾ قرضن جي ماليت 66083 ارب رپيا هئي. انگن اکرن موجب قرضن ۾ ملڪي بئنڪن ۽ مالياتي ادارن کان ورتل قرض پرڏيهي قرضن کان وڌيڪ آهي. ڏيهي قرض 46,208 ارب رپيا رهيو، جيڪو گذريل سال جي ڀيٽ ۾ 24.7 سيڪڙو وڌيڪ آهي. اپريل جي مهيني جي مقابلي ۾ مئي جي آخر تائين هن قرض ۾ اٽڪل چار سيڪڙو اضافو رڪارڊ ڪيو ويو. ٻئي طرف هڪ سال دوران پرڏيهي قرضن  ۾ گهٽتائي آئي آهي. مئي 2024ع جي آخر ۾ پرڏيهي قرضن جي ماليت 21608 ارب رپيا هئي، جيڪا گذريل سال مئي جي آخر ۾ 21908 ارب رپيا هئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.