اسلام آباد (م ڊ) وزيراعظم ٽيڪس ڏيڻ جوڳي آمدني رکڻ باوجود فائلر نه بڻجندڙ ماڻهن کي فوري طور تي ٽيڪس نيٽ ۾ آڻڻ ۽ بندرگاهن تي سامان جي درست اسڪريننگ لاءِ عالمي معيار جا اسڪينر لڳائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. وزيراعظم هدايت ڪئي ته ڪسٽمز اپريزرز جو صوابديدي اختيار فوري ختم ڪيو وڃي. اهڙيون هدايتون هن ايف بي آر جي سڌارن بابت اعليٰ سطحي جائزي اجلاس جي صدارت ڪندي ڏنيون. اجلاس ۾ لاڳاپيل عملدارن ۽ وزيرن شرڪت ڪئي، اجلاس کي ايف بي آر جي سڌارن ۽ ڊجيٽلائزيشن جي عمل تي اڳڀرائي ڏني وئي. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته بندرگاهن تي جديد ۽ عالمي معيار جا اسڪينرز لڳايا وڃن جيئن ڪرپشن جو خاتمو ٿئي، ٽيڪس چوري جو ڪاٿو ۽ ان جي رنڊ روڪ لاءِ رپورٽ پيش ڪئي وڃي. اربين رپين جي ٽيڪس چوري روڪڻ لاءِ ٽيڪس نظام جي ڊجيٽلائزيشن حڪومت جي پهرين ترجيح آهي.
-
پي ٽي آءِ کي مليل جلسي جي اجازت سيڪيورٽي خدشن سبب رد
اسلام آباد (م ڊ) وفاقي راڄڌاني جي ضلعي انتظاميا تحريڪ انصاف کي ڏنل جلسي جي اجازت رد ڪري ڇڏي. انتظاميا پشاور روڊ ترنول وٽ پي ٽي آءِ کي جلسي جي اجازت ڏني هئي پر هاڻي سيڪيورٽي خدشن ۽ دهشتگردي جي امڪانن سبب اجازت نامو رد ڪيو ويو. چيف ڪمشنر اسلام آباد جي صدارت هيٺ محرم الحرام ۽ ٻين سيڪيورٽي خدشن جي صورتحال جو جائزو وٺڻ لاءِ اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو جنهن ۾ لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي جڏهن ته دعوت باوجود ڪو سياسي نمائندو شريڪ نه ٿيو. ڊي سي طرفان ڏنل اجازت نامي جو نئين سر جائزو ورتو ويو. چيف ڪمشنر سيڪيورٽي جي صورتحال، محرم الحرام جي آمد ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي سفارشن تي جلسي جو اين او سي معطل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. پڌرائي ۾ چيو ويو ته شهرين جي جان مال جي تحفظ لاءِ جلسي جو اين او سي معطل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
-
ايف بي آر جي ڊجيٽلائزيشن جا خرچ ملينڊا گيٽس فائونڊيشن کنيا: وفاقي وزير
اسلام آباد (م ڊ) سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطاءُالله تارڙ چيو آهي ته فيڊرل بورڊ آف روينيو جي ڊجيٽلائزيشن ۾ حڪومت جو هڪ رپيو خرچ ناهي ٿيو، سڀ خرچ ملينڊا گيٽس فائونڊيشن کنيا آهن، ان دوران ٽيڪس نه ڏيندڙ 45 لک ماڻهن جي نشاندهي ٿي آهي. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس دوران هن چيو ته گذريل ڪجهه ڏينهن دوران ٽي لک کان وڌيڪ نون فائلرز ٽيڪس جمع ڪرايو، حڪومت جو ڀرپور ڌيان ڊجيٽلائزيشن تي آهي.