عمر ايوب جي استعيفا ۽ خاقان عباسي جو نامڪمل سچ ۽ ملڪي سياست

تحرير: رحمت الله ٻرڙو

تحريڪ انصاف جي اهم اڳواڻ عمر ايوب پي ٽي آءِ جي سياسي عهدي سيڪريٽري جنرل تان استعيفي ڏئي ڇڏي آھي،سندس جو شوشل ميڊيا تي ڇڏيل ٽوئيٽ تي موقف آھي ته جيڪو پڻ پي ٽي آءِ باني چيئرمين جي نالي سان منسوب ڪيل آھي جنهن ۾ هو چوي ٿو ته  مئي 2023 کان پي ٽي آءِ جي جنرل سيڪريٽري طور خدمتون هڪ اعزاز هو،مون تي اعتماد ڪرڻ واري عمل تي مان ٿورائتو آھيان،هن وڌيڪ لکيو آ ته مون کي لڳي ٿو ته مان هاڻي عهدي سان انصاف ناهيان ڪري سگهيو.پارٽي جو حصو آھيان،قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر واري عهدي تي ڪم ڪندو رهندس.

اهڙي نموني نواز ليگ جي خاص عهديدار ۽ اڳوڻي وزير اعظم شاهد خاقان عباسي جو چوڻ آھي ته پاڪستان جون سموريون سياسي پارٽيون ناڪام ٿي چڪيون آھن.ملڪ جا اهم عوامي ۽ ملڪي مسئلا تمام گهڻا آھن جن کي سياسي پارٽيون حل نٿيون ڪري سگهن. اهي مٿيان بيان ۽ سياسي صوتحال کي جڏهن پڙھي جائزي طور سامهون رکون ٿا ته پاڪستان ٺھڻ کان اڳ ۾  مسلم ليگ واحد سياسي پارٽي هئي جيڪا مسلمانن جي ترجمان پارٽي هئي،ان ۾ ڪو بگاڙ نه آيو ۽ هو يڪجهتيءَ  سان گڏ هليا ايئن هنن پاڪستان حاصل ڪيو.اهڙي طرح هندوستان ۾ ڪانگريس جيئن هئي تيئن آھي هن وقت به خود موديءَ  واري پارٽي ڏسو تنهن ۾ به ڌڙابندي ناهي.

ڏٺو اهو ويو آھي ته هڪ ڊگهي عرصي کان وٺي سياسي تربيت پڻ ناهي ٿي رهي.اهو سلسلو اسان وٽ ئي ناهي پر پاڙيسري ملڪ سريلنڪا ۽ بنگلاديش سميت کوڙ سارن ملڪن ۾ پڻ آھي.دنيا جي ڪامياب جهموريت پسند ڌرين ۾ ايئن ناهي،لازمي آھي ته اتي سياسي ورڪرز جي تربيت ٿئي ٿي،انڪري اتي سياسي ورڪر يا پارٽي زميوار روز روز  سياسي وفاداريون ناهن مٽائيندا.ان ڪري جيڪڏهن مٿين صورتحال جيڪا ملڪ ۾ پيدا  ٿيندي رهي آھي ۽ اڳتي به عمرايوب جي استعيفا ۽ خاقان عباسيءَ  جي پاران نواز ليگ مان نڪري نئي پارٽي جو اعلان ڪرڻ سان پڻ سياسي پارٽيون بجاءِ مضبوط ٿيڻ جي وڌيڪ ڪمزور رهنديون،جنهن سان لازمي آھي غير سياسي حلقن کي مدد ملندي رهندي.ان عمل سان سياسي پارٽين جي رٽ قائم نه رهندي ته پوءِ  سياسي پارٽيون ڪيئن قائم ۽ دائم رهي سگهنديون.اهو هڪ جذباتي لاڙو آھي جيڪو سياسي قوتن لاءِ  بهتر ڪونهي.

هاڻي ڏٺو وڃي ته هي جيڪو سياسي پارٽين جو ٽٽڻ وارو ڪلچر آھي سو سياسي ڌرين لاءِ  جمهوريت لاءِ  ۽ ملڪي سياست لاءِ  بهتر ڪونه آھي.ڇو ته جيڪڏهن ماضيءَ  تي نظر ڦيرايون ٿا ته مسلم ليگ اڳتي هلي ڌڙا بندي جو شڪار ٿي ڪيترن ئي ڌڙن ۾ شڪل اختيار ڪري چڪي آھي.جيئن  هن وقت جوڻيجو ليگ مان نواز ليگ،نواز ليگ مان قائد اعظم ليگ،اهڙي نموني پيپلز پارٽيءَ  مان نيشنل پيپلز پارٽي،شهيد ڀٽو پارٽي،پيپلز پارٽي شيرپائو گروپ،هوڏانهن جي يو آءِ ف مان به جي يو آءِ شيرواني گروپ،جي يو آءِ انقلابي گروپ،جي يو آءِ سميع الحق گروپ،ايم ڪيو ايم مان ڪيترائي ايم ڪيو ايم گروپ صورت اختيار ڪري چڪا آھن.جڏهن ته هن وقت تائين مختصر عرصي اندر پي ٽي آءِ پنهنجي سياسي حيثيت قائم ڪونه ڪري سگهي،سندس مان عليم خان ۽ جهانگير ترين پاڪستان استحڪام پارٽي ٺاهي ۽ هن وقت عمر ايوب جي استعيفي پويان ڪيترائي ڳجها راز سمجهھ ۾اچن ٿا جن جو نتيجو ڪجهھ ڏينهن اندر منظر عام تي اچي ويندو.اهڙي طرح شاهد خاقان عباسي پاران پاڪستان عوام پارٽي ٺاهي سياسي قيادتن تي تنقيد ڪرڻ پويان به ڪيترا ئي سياسي ۽ غير سياسي قوتن جا مقصد سامهون اچڻ جا وڏا چٽا ۽ واضع امڪان آھن،جن سان سياسي حلقا ڪمزور ۽ غير سياسي قوتون پڻ پنهنجي مقصدن ۾ ڪامياب ٿيندي نظر اچي رهيون آھن.جنهن سان ڄڻ ته هي سياسي ماحول مارشل لا جو ماحول پيدا ڪرڻ جي ڪوشش پڻ آھي.جنهنجو  فائدو لازمي آھي ته غير سياسي قوتون کڻڻ جي ڪوشش ڪنديون.جڏهن ته دنيا جي ٻين ملڪن ۾ ايئن ناهي،سياسي پارٽيون هلنديون رهن ٿيون اوهان ڏسو امريڪا يا يورپ جي ڪيترن ئي ملڪن ۽ لنڊن ۾ هلن ٿيو ۽ اتي سياسي قيادتون يا پارٽي سربراھ سياسي ڌارا جو  حصو آھن.پاڪستاني سياست ۾ سياسي طور جيڪا غير سنجيدگي آھي ان ڪري پاڪستاني سياست ڪمزور ٿي وئي آھي.سياسي پارٽين جي تنظيمي ڀڃ ڊاھ کان پوءِ  جيڪا سياسي قيادتن جي خانداني ڀڃ ڊاھ وڏي غير سنجيدگيءَ  کي جنم ڏئي ٿي جيڪا پڻ سياسي قيادتن لاءِ   ۽ ملڪ جي سياسي ماحول لاءِ  بهتر ڪونه آھي.ان سياسي غير سنجيدگيءَ  سبب سياسي ماڻھون غير سياسي قوتن کي ڄڻ ته دعوت ڏئي آڻڻ جي ڪوشش ڪن ٿا.

ضرورت ان ڳالهھ جي آھي ته سياسي قيادتن کي کپي ته ان  غير سنجيده سياسي ماحول کي سياسي نموني سلجهائن.هي جيڪو سياست ۾ استعيفائن جو ڪلچر آھي يا ڪنهن تعمير اختلاف سبب پارٽي نيڪالي ڏيڻ واري روايت آھي اها سياسي ماحول ۽ سياسي حلقن لاءِ  چڱي ڪونه آھي.ڇا عمر ايوب هن صورتحال ۾ جيڪا استعيفي ڏني آھي ته هو سياسي طور خاموش رهندو ڪڏهن به نه،ممڪن آھي يا ڪنهن پارٽي ۾ شامل ٿيندو يا وري شاهد خاقان عباسيءَ  وانگر نئين پارٽي ٺاهيندو.ان اهڙي عمل سان جيڪو سياسي طاقت آھي اها ڪمزور ٿئي ٿي وڃي. هي سياسي نابالغيءَ  جا مظاهرا آھن وقت جي تقاضا آھي ته سياسي حلقن کي سياسي طور بالغ پڻو اختيار ڪرڻو پوندو.هنن عملن سان سياسي نابالغ پڻي سبب عوامي ڪم نٿا ٿي سگهن ۽ ان سان سياست فعل ٿيڻ جا اشارا ملن ٿا.ان سان غير سياسي قوتون مضبوط ٿين ٿيون ۽ سياسي قوتون سياسي ۽ عوامي فيصلا ڪرڻ ۾ ڪمزور ٿين ٿيون.هاڻي سياسي قوتن جي هنن مظاهرن مان لڳي ٿو ته هن وقت غير سياسي قوتن کي مارشل لا لڳائڻ جي به ضرورت پيش ڪو نه ٿيندي.ڇو ته سياسي ماڻھون خودهنن کي پاڻ  پيش ڪن ٿا.

ملڪ جي سياسي پارٽين اندر پارٽي انٽرا اليڪشن جو ڪلچر بلڪل به ڄڻ ته ختم ٿي ويو آھي،جي پي ٽي آءِ انٽرا پارٽي اليڪشن ڪرائي هان ته شايد هن کي موجوده ڏکيايون پيش نه اچن ها.ان عمل مان محسوس ٿئي ٿو ته هي پوليٽيڪل ڪلچر جي ڪمزوري آھي جو هو پوليٽيڪلي ۽ ڊيموڪريٽيڪلي پارٽين اندر انٽرا پارٽي کان خوفزده آھن ته لازمي ٿو ٿئي هي ملڪ جو ڪلچر بهتر نٿا ڪري سگهن ۽ ايئن سياسي ڪلچر بجاءِ ترقي ڪرڻ جي وڃي پيو زوال پذير ٿيندو.ان ڪري غير سياسي قوتن سامهون اچڻ بند ڪري ڇڏيو آھي ڇو ته سياسي ماڻھون هنن کي کڻڻ ۾ڪا ڏکيائي ڪونه ٿي ٿئي.هن سياستدان پنهنجي سياسي طور جذباتي ڪمزورين سبب اليڪٽوريل رول کي ڪنٽرول ناهن ڪري سگهيا.ان ڪري هاڻي غير سياسي قوتون هنن منجهان ئي ماڻھون آڻين ٿا جيڪو پڻ مارشلائن وانگر ئي ملڪي سسٽم لاءِ  خطرناڪ آھي.

هن وقت ملڪ کي هڪ بهترين سياسي عمل جي ضرورت آھي جنهن جي ذريعي ملڪي رياست جا مسئلا،رياستي ادارن جي بهتري،کان ويندي عوامي مسئلن جي حل لاءِ  هڪ ٿي سياسي حلقن کي وڏي خوش دليءَ  سان هڪ ٻئي کي ويلڪم ڪري سياسي سنجيدگيءَ  جو مظاهرو ڪرڻ پوندو.ان لاءِ  ڀلي پارليامينٽ اندر ۽ پارليامينٽ کان ٻاهر ويهي بحث ڪرڻ ۽ ان جو حل ڳولهڻ جي فوري ضرورت پڻ آھي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.