پاڪستان آمريڪي ٺھراءُ جو نوٽيس ورتو آھي جوابي ڪاروائي طور ٺهراءُ پيش ڪري ڇڏيو آھي ھي ان مھل ٿيو جڏھن قومي اسيمبلي ۾ آمريڪي ڪانگريس ۾ پاڪستاني چونڊن بابت پاس ڪيل ٺھراءُ تي سني تحريڪ جي ميمبر آواز اٿاريو جڏھن حڪومت پڪستان قومي اسيمبلي مان ٺھراءُ پاس ڪري مخالف ڌرين سان مشورو ڪري آمريڪا کي جواب ڏين جو اعلان ڪري ڇڏيو آھي، قومي اسيمبلي ۾ ميمبرن ان آمريڪي قراداد جي خلاف پنھنجو پنھنجو موقف اختيار ڪيو آھي خاص ڪري پرڏيھي وزير اسحاق ۽ سينيٽ چيرمين رضا رباني ان تي سخت موقف اختيار ڪيو آھي رضا رباني چيو آھي پاڪستان آمريڪا جي ڪا فتح ٿيل محڪوم رياست ناھي جو آمريڪا کي جيئن وڻي جھڙا قراداد پاس ڪري سندس ان عمل کي پنھنجي خودمختياري تي وار سمجھون ٿا.
آمريڪا جي ماضي کي ڏسنداسين نه رڳو ٻين ملڪن جي اندروني مسئلن ۾ مداخلت ڪندو رھيو آھي پر سندس ملڪ جو بنياد ريڊ انڊين جي لاشن تي پيل آھي پر ان کان سواءِ جاپاني جي ٻن شھرن ھيروشيما ناگاساڪي جي تباھي سميت دنيا جي لکين معصوم انسانن جي قتل جو سڌي يا اڻ سڌي طرح آمريڪا ذميوار رھيو آھي ساڳي ريت جارج واشنگٽن کان وٺي جو بائڊن تائين ھي ھڪ اھڙو ملڪ آھي جيڪو ٻين ملڪن جي مسئلن تي پوليس مين وارو ڪردار ادا ڪندو رھيو آھي اتي لبيا، عراق، شام، ايران جا اندروني مسئلا ھجن چاھي افغانستان يا پاڪستان ۽ ٻين ڪيترن ئي ملڪن جا اندروني يا ذاتي مسئلا ھجن اتي امريڪا جي مداخلت ارھ زوري ڏاڍ مڙسي ٿيندي رھي آھي پر اسرائيل مصر، شام، لبنان جي علاقن کي ڦٻائي ويو ڪو مسئلو ناھي فلسطين جي ٻارن، بزرگن، عورتن جا اسرائيلي فوج لاش ڪيرائي نسل ڪُشي ڪري ته اتي ماٺ ڪرڻي آھي جي اتر سوڊان ۽ اوڀر تيمور ۾ عيسائين سان مسئلو ھوته اتي نيٽو UN امريڪا ھڪ پيج تي کين ڪجهھ وقت ۾ ملڪ آزاد ڪري ڏنو ويو پر فلسطيني ڪشميري ڀلي آزادي جي جنگ ۾ شھيد ٿين انھن کي اھميت ناھي ڏيڻي ڇوته اھا آمريڪي ٿنڪ ٽينڪس جي سئو ساله پاليسي جو حصو آھي سندس ھٿ ڌرمي کي جيڪڏھن ڪير چيلينج ڪري ٿو يا ڪنھن ملڪي پاليسي يا ڪنھن ليڊر جي پاليسي سندس مفادن کي پائي ٽڪي جيترو نقصان ڏنو ته امريڪا بھادر تپي باھ ٿي ويندو آھي ساڻس گڏ نيٽو جي سيون، جي ايٽ، يو اين ادارا به اٿي پوندا آھن.
آمريڪا، پاڪستان ۽ چائنا کي سيکت ڏيڻ خاطر ڀارت تي ھٿ رکيو ويٺو ھوندو آھي ٿورو پوئتي وينداسين ته شھيد ذوالفقار علي ڀٽي صاحب اسلامي ملڪن جي گڏيل بينڪ کولڻ ۽ سعوديه جي شاه فيصل لبيا جي ڪرنل قدافي مصر جي جمال عبدالناصر ساڻس حامي ڀري اتي ڊالر جي بالادستي کي ختم ڪري گڏيل ڪرنسي ڇاپڻ لاءِ انھن ليڊرن ٻين سلامي ملڪن کي آماده ڪيو اتي دنيا ڏٺو ان چئني ليڊرن کي پنھنجن ماڻھن ھٿان مارايو ويو، روس کي ٽوڙن لاءِ ڊاڪٽر نجيب الله کي لادن ۽ طالبان ھٿان ختم ڪرايو ويو وري لادن جڏھن رخ بدلايو ته ورلڊ ٽريد سيٽر جو واقعو ڪرائي لادن جو خاتمو ڪرائي ڇڏيائين ۽ ڪيترائي سال افغانستان ۾ پنھنجي نيٽو ٽيم سان گڏ انسانن جو خون وھايو ويو آخر ڪار ڪا ھڙ حاصل نه ٿي ته ان وقت جي آمريڪي صدر ڊونل ٽرمپ نه رڳو افغانستان پر پوري دنيا مان فوجون واپس ڪرائي پوليس مين واري ڪردار کان ھٿ کڻڻ جو اعلان ڪيو پر جڏھن چائنا پاڪستان وچ ۾ سي پيڪ ڪاميابي ڏانھن وڃن لڳو آھي ٺيڪ ان وقت آمريڪي ايوان نمائندگان کي ياد اچي ويو آھي ته 8 فيبروري2024 ۾ پاڪستان ۾ جيڪا اليڪشن ٿي ھئي اھا جمھوري معيارن مطابق نه ھئي اتي امريڪي ڪانگريس پاڪستان ۾ جمهوريت جي حمايت ۾ ٺهراءُ پاس ڪيو آھي تاثر ڏنو ويو آھي ته گذريل اليڪشن ۾ اميدوارن کي هراسان ڪري، تشدد ڪيو ويو آھي ، نظربندي ڪري انٽرنيٽ جي رسائي تي پابندي لڳائي وئي ھئي
ٻئي طرف قومي اسيمبلي ۾ قرارداد آڻڻ کان اڳ پاڪستاني سياستدانن آمريڪي ٺهراءُ تي پنهنجو خدشو ظاھر ڪندي چيو آهي ته آمريڪي ايوان ڪانگريس مان پاس ڪيل قرارداد پاڪستان ۾ چونڊ عمل کي نظر انداز ڪرڻ جو نتيجو آهي، پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهرا بلوچ چيو آهي ته اهڙيون قراردادون نه تعميري آهن ۽ نه ئي مقصد واريون آهن، اميد آهي ته آمريڪي ڪانگريس ان تي سوچيندي، بچاءَ واري وزير خواجا آصف چيو آهي ته آمريڪا پنهنجو 100 سالن جو رڪارڊ ڏسي ته پهرين پنھنجن چونڊن کي شفاف بڻائي ۽ پوءِ ٻين تي الزام هڻي ، بچاءَ واري وزير چيو ته قرارداد اهڙي ملڪ کان آئي آهي جنهن ھميشه جمهوري حڪومتن جو تختو اونڌو ڪيو آھي جيڪو فلسطينين جي نسل ڪشي ۾ سهولتڪار آهي، خواجا آصف چيو ته جمهوري، ريپبلڪن ۽ ڊيموڪريٽس چونڊن ۾ هڪ ٻئي تي پرڏيهي مداخلت ۽ ڌانڌلي جا الزام لڳايا آهن، اقوام متحده کان مطالبو ڪيو وڃي ته آمريڪي چونڊن ۾ ڌانڌلي جي جاچ ڪئي وڃي، ھن چيو ته پي ٽي آءِ هن وقت آمريڪا ۾ تمام گهڻي سرگرم آهي، جنهن پاڪستان خلاف ٺهراءُ پاس ڪرايو.
قومي اسيمبلي جي مرڪزي اڳواڻ حنيف عباسي آمريڪي قرارداد کي صهيوني سازش قرار ڏيندي چيو آهي ته ان جي پٺيان جاويد برڪي ۽ ڊاڪٽر آصف جو هٿ آهي، ڪانگريس ۾ لابنگ ڪرڻ تي ڪروڙين ڊالر خرچ ٿيا آهن، عارف علوي آمريڪي ايوان نمائندگان طرفان چونڊن بابت قرارداد جي منظوري جي آجيان ڪئي آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ عارف علوي چيو ته آمريڪي ايوان نمائندگان ۾ قرارداد جي منظوري صحيح رخ ۾ کنيل قدم آهي،
عارف علوي چيو ته پاڪستان ۾ جمهوري عمل کي خراب ڪرڻ تي 368 ووٽن جي وڏي اڪثريت سان مذمت ڪئي وئي آهي جڏھن ته 7 ميمبرن ان جي خلاف ووٽ ڏنو آھي پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ ۽ سينيٽر شيري رحمان جو چوڻ آهي ته پاڪستاني چونڊن جي جاچ بابت آمريڪي ايوان نمائندگان ۾ پاس ڪيل ٺهراءَ سان ڪو به فرق نه پوندو، هڪ انٽرويو ۾ هن چيو ته ايوان جي قرارداد 901 نومبر 2023ع ۾ پيش ڪئي وئي هئي ان تي بحث ڪندي ڪانگريس ميمبر ڊين ڪالڊي پاڪستان خلاف ٿورڙي تنقيد ڪئي پاڪستاني سياستدان نه رڳو امريڪي ڪانگريس جي ٺھراءُ رد ڪيو آھي بلڪه آمريڪا کان مطالبو ڪيو آھي ته بجاءِ پاڪستان تي اھڙا الزام لڳائن جي پنهنجي 100 سالن جي جمهوريت جو رڪارڊ ڏس ته خبر پوي اوھان ڪيترا جمھوريت پسند آھيو ڪانگريس جي پاڪستان خلاف امريڪي قرارداد تي وائيٽ ھائوس ترجمان ميٿيو ملر ڳالھائن کان ڪترائيندي ايترو چيو آھي ته حڪومت پاڪستان آئيني ۽ عالمي ذميداريون پوريون ڪري، بھرحال پاڪستان جوابي ٺھراه آڻي رھيو جنھن سان آمريڪا کي جواب ملي ويندو.