آمريڪا جي صدارتي چونڊ گھڻن ئي حوالن جي ڪري دنيا جي لاءِ اھم ھوندي آھي.جيتوڻيڪ چونڊن ۾ اڃان ڪجهھ مھينا آھن پر ان کان اڳ اميدوارن ۾ ٿيندڙ بحث ۽ انھن جون تقريرون بھ دنيا جي ميڊيا جي بحث جو وڏو موضوع ٿينديون آھن.
تازو صدارتي اليڪشن جي پهرين بحث ۾ جوبائيڊن ۽ ڊونلڊ ٽرمپ هڪ ٻئي تي ذاتي قسم جي حملا ڪيا ۽ سخت زبان استعمال ڪئي. 81 ورهين جي بائڊن ۽ 70 سالن جي ٽرمپ ۾ ڪيترن ئي معاملن تي تڪرار بھ ٿيو.
آمريڪي صدر جو بائيڊن ۽ سندس ريپبلڪن حريف ڊونلڊ ٽرمپ هن سال نومبر ۾ ٿيندڙ صدارتي چونڊن جي پهرين بحث ۾ گذريل رات هڪ ٻئي سان آمهون سامهون ٿيا.آمريڪا جي مشھور ميڊيا اداري، سي اين اين ائٽلانٽا ۾ ٻنھي اميدوران جي بحث جو اھتمام ڪيو ۽ 90 منٽن جي ان بحث کي لکين آمريڪين ٻڌو ۽ ڏٺو.
بحث جي شروعات صدر جو بائيڊن ڪئي. جنهن پنهنجي مخالف ٽرمپ تي الزام لڳايو ته ھن ھڪ ” ٻڏندڙ معيشت“ ڇڏي ھئي۽ سندس اقتدار سنڀالڻ بعد پتو پيو تھ ڪورونا کي تمام خراب طريقي سان سنڀالڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وئي.جو ڪيترائي ئي ماڻھون مري رهيا هئا.جواب ۾ ٽرمپ پاران بائيڊن انتظاميه جو رڪارڊ پيش ڪندي جواب ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي۽ چيو ته ھنن خراب ڪارڪردگي جو مظاھرو ڪيو آھي مهانگائي اسان جي ملڪ کي ماري رهي آهي.
ٽرمپ ثبوت پيش ڪرڻ بنا دعويٰ ڪئي آهي ته سندس دور بهترين ھو.جنھن تي سي اين اين جي اينڪر ڊيوڊ ڪنگ چيو تھ ٽرمپ فيڪٽ چيڪ مشين کي ايترا ڀير ٽوڙيو آھي جو اڄ رات منھنجي لاءِ اھو ڳڻڻ بھ ممڪن نھ ھوندو.
بحث دوران بائيڊن جي ڪارڪردگي به تمام سٺي نه هئي. ڪيترا ڀيرا هن بنا ڪنهن سبب جي وڏي آواز سان جواب ڏنا ۽ ڪافي ڀيرا ھن کي سوچن ۾ گم ۽ خلاءَ ۾ گھوريندي ڏٺو ويو. سي اين اين جي اينڪر ايبي فلپس ان موقعي تي چيو تھ بائيڊن جا جواب ڪيترن ئي معاملن تي بي ربط رھيا آھن.بحث دوران ٽرمپ باربار بائيڊن جي معيشت ۽ سندس پرڏيهي پاليسي جي رڪارڊ تي حملو ڪيو، جڏهن ته بائيڊن پنهنجي مخالف جي سزا، عدالتي ڪارروائي کي نشانو بڻائيندو رهيو ۽ 2020 جي چونڊن کي واري ھنگامي جي مبينا ڪوششن جو ذڪر ڪيو.
پرڏيهي پاليسي جي بحث جو گهڻو حصو غزه ۽ يوڪرين جي جنگين تي مرڪوز هو. ٽرمپ دعويٰ ڪئي ته يوڪرين لاءِ واشنگٽن جي حمايت آمريڪي معيشت کي نقصان پهچائي رهي آهي.هن چيو ته ”جيڪڏهن هن جنگ ۾ اسان جو اڳواڻ هجي ها ته اها جنگ اھڙي آھي جيڪا ڪڏهن به شروع نه ٿيڻ کپي ها. هن چيو تھ اسان يوڪرين کي 200 بلين ڊالر يا ان کان وڌيڪ ڏنو آهي. اهو تمام گهڻو پئسو آهي. مان نه ٿو سمجهان ته اهڙو ڪجهه ڪڏهن ٿيو آهي.پر بائيڊن جوابي وار ڪندي چيو ته يوڪرين کي فوجي امداد آمريڪا جي ٺاهيل هٿيارن جي صورت ۾ ڏني آهي ۽ ٻين ملڪن بھ ساڳي امداد ڪئي آهي.
صدارتي اميدوارن جي وچ ۾هن سال جو ھي پهريون بحث آهي. پول جائزن موجب، ٻئي اميدوار مقبوليت جي لحاظ کان مهينن کان لڳ ڀڳ هڪجهڙائي آهن.حڪمران پارٽي ڊيموڪريٽس صدر جي ڪارڪردگي تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي، ڪجهه آمريڪي ميڊيا پارٽي جي اندروني ذريعن جو حوالو ڏيندي لکيو آهي ته صدر جي شروعاتي جوابن خوف جو ماحول پيدا ڪيو.پر نائب صدر ڪمالا هيرس بائيڊن جو دفاع ڪيو ۽ سي اين اين کي ٻڌايو تھ اها صرف هڪ سست شروعات آهي ۽ ان جي پڄاڻي ڪافي مضبوط ھوندي. 2020 کان پوءِ ھي ٻيو ڀيرو هوندو جڏهن ڊيموڪريٽڪ جو بائيڊن ۽ ريپبلڪن ٽرمپ وائيٽ هائوس لاءِ هڪ ٻئي کي چيلينج ڪندا.