سنڌ ۾ ڪجهه سالن کان گرمي جي لهر ۾ مسلسل واڌارو اچي رهيو آهي، جيڪا هاڻ ناقابل برداشت حد تائين اچي پهتي آهي، جيڪڏهن گرمي پد ۾اهڙي طرح مسلسل واڌ ايندي رهي ته انساني وجود ۽ جهنگلي جيوت خطري ۾ پئجي ويندا.
ڇاڪاڻ ته هر سال گرمي وڌندي رهي ٿي ۽ ان کان بچڻ جا ذريعا جهڙوڪ وڻ ٽڻ، بجلي ۽ برف وغيره گهٽجندا پيا وڃن، جنهن سبب گرمي جي سٽ نه سهندي هڪ هفتي جي اندر رڳو ڪراچي شهر ۾ پنج سئو کان وڌيڪ ماڻهن جي فوت ٿيڻ جي تصديق ٿي آهي.جيڪو هڪ وڏو سانحي سان گڏ خطري جي گهنٽي پڻ آهي ان تناظر ۾ ڏٺو وڃي ته ايندڙ وقت انساني زندگي لاءِ اڃا به وڌيڪ نقصانڪار ثابت ٿي سگهي ٿو.
ڏٺو وڃي ته جڏهن کان ٻيلا وڍرائي انهن جي زمينن تي قبضا ڪرايا ويا آهن، تڏهن کان نه رڳو موسمن پنهنجو مزاج بدلائڻ شروع ڪيو ۽ فطرتي سونهن متاثر ٿيڻ لڳي پر سنڌ مان امن جو پکي پڻ اڏامي ويو ۽ قبيلائي جهيڙن ۾ شدت اچڻ لڳي، ڇو ته سنڌ جي ڪچي ۾ قبيلائي جهيڙن تحت انساني قتلام جو سڀ کان وڏو ڪارڻ اهي سرڪاري زمينون آهن.
ٻيلي کاتي جي لکين ايڪڙ زمين تي مختلف برادرين سان تعلق رکندڙ ماڻهن جو قبضو آهي. ٻيلي کاتي جا علمدار پنهنجي رپورٽن ۾ انهن کي ڌاڙيل ڄاڻائي خود کي ڪم ڪار ۽ ڪنهن پڇاڻي کان آجو ڪرائيندا ٿا اچن. جڏهن ته سچ اهو آهي ته ٻيلي کاتي تي قابض سڀئي ماڻهو ڌاڙيل ناهن، انهن ۾ اڪثريت عام شهرين جي آهي.
ٻيلي کاتي جي ملازمن جو انگ هزارن ۾ آهي، جيڪي گهرن ۾ ويهي مفت جون پگهارون کڻي رهيا آهن ڇاڪاڻ ته ٻيلا ته رهيا ئي ناهن، جيڪڏهن سنڌ سرڪار ايتري بيوس ۽ قبضا گيرن جي اڳيان لاچار آهي جيڪا ٻيلي کاتي جي زمينن تان قبضا ڇڏرائي نٿي سگهي ته ان جي ملازمن کي مختلف سرڪاري کاتن ۾ ضم ڪيو وڃي ته جيئن سرڪاري خزاني تي اهو اجايو بار ته ختم ڪري سگهجي.
حقيقت اها آهي ته ٻيلي کاتي جي زمينن تي قبضا ختم ڪرائڻ ۾ ٻيلو کاتو، پوليس ۽ سنڌ سرڪار مخلص ناهن، جيڪڏهن اهي چاهين ته تمام ٿوري وقت اندر گهڻي ڀاڱي سرڪاري زمينن تان قبضا ختم ڪرائي سگهن ٿا.
ڇو ته جڏهن سنڌ جي ڪچي ۾ ڇهه ماهي فصل تيار ٿيندو آهي ته ڌاڙيلن خلاف نام نهاد ۽ ٻيلي جي زمينن تان قبضا ختم ڪرائڻ لاءِ آپريشن شروع ڪيو ويندو آهي، جنهن جو مقصد صرف سرڪاري زمينن تي قابض ماڻهن کان پنهنجو حصو پتي اڳاڙڻ هوندو آهي. جڏهن آپريشن ڪري سوين مڻ ڪڻڪ، چڻا، مٽر، مڱ ۽ ٻيو اناج انهن قابض ماڻهن، جن کي ٻيلي کاتي جا علمدار ۽ پوليس ڌاڙيل ڪوٺيندي رهي ٿي، کان حاصل ڪري سگهجي ٿو ته پوءِ انهن کان قبضا ڇو نٿا ڇڏرائي سگهجن؟
هڪ پاسي سنڌ پوليس ۽ ٻيلي کاتي جا علمدار زمينن تي قابض ماڻهن کان پنهنجو حصو اهڙي ريت اوڳاڙيندا رهن ٿا، جهڙوڪ انهن کين پنهنجي سروي زمين مقاعدي تي ڏني هجي، ۽ ٻئي پاسي اهي سرڪاري ڪم ڪار کان آجا ٿي پنهنجا ذاتي ڪاروبار ڪندي نظر ايندا آهن. حيرت جي ڳالهه اها آهي ته ٻيلي کاتي جا آفيسر پنهنجي اعليٰ علمدارن کي اهي رپورٽون ڪيترائي ڀيرا لکي چڪا آهن ته زمينن تي ڌاڙيلن جا قبضا آهن، پر تنهن جي باوجود به هر سال نوان ٻوٽا لڳائڻ جي نالي تي لکين رپيا هڙپ ڪيا ويندا آهن، جڏهن ته سرزمين تي ڪو به ٻوٽو پوکيل ناهي ملندو.
ايريگيشن ڊيپارٽمينٽ ۾ پڻ ساڳيو ڪرپشن جو نسخو آزمايو وڃي ٿو.ڪٿي ڪٿي نوان ٻوٽا پوکيا ته وڃن ٿا پر انهن جي مناسب سار سنڀار نه ٿيڻ سبب اهي ڪجهه ڏينهن جي اندر ئي سڙيو وڃن، ان سلسلي ۾ ايريگيشن جا اعليٰ علمدار بيلدارن ۽ مالهين کان به پڇاڻو نٿا ڪن، جنهن جو مطلب اهو آهي ته وڻ پوکي موسم ۽ ماحول کي سازگار ۽ انسان دوست بڻائڻ لاءِ اسان جا ادارا ۽ علمدار سنجيده ناهن
نوان ٻوٽا پوکڻ ته رهيو پري پر جيڪي قدرتي طور پاڻمرادو پيدا ٿيل ٻوٽا جڏهن وڻ ٿي ويندا آهن ته انهن کي به وڍرائي انهن جي قيمتي ڪاٺ کي وڪرو ڪيو ويندو آهي. اهڙي ئي طرح سکر شهر ۾ پڻ ڪرپشن ۽ لا پرواهي جو هڪ وڏو ڪيس سامهون آيو آهي. رپورٽ موجب ” سکر گرين“ منصوبي تحت سکر ميونسپل ڪاميٽي پاران هزارن جي انگ ۾ پوکيل ٻوٽا سار سنڀار نه ٿيڻ سبب سڪي ۽ سڙي ويا آهن، جنهن سبب ان منصوبي تي سرڪاري خزاني مان خرچ ڪيل لکين رپيا ضايع ٿي ويا آهن.
ضلعي انتظاميه کي گهرجي ته ذميدار ماڻهن جي خلاف قدم کڻي کانئن پڇاڻو ڪيو وڃي. غفلت ۾ ملوث ملازمن کي سخت سزا ڏني وڃي.
سنڌ سرڪار کي گهرجي ته بنا ڪنهن دير جي پنهنجا سمورا وسيلا ڪتب آڻي ٻيلي کاتي جي زمينن تي فوري طور تي قبضا ختم ڪرائي ٻيلا ٻيهر آباد ڪرڻ ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪري . اها وقت جي تقاضا پڻ آهي ته انساني خدمت پڻ. ڇاڪاڻ ته موجوده گرمي پد کي ڏسي ڪنهن به قسم جي ڪن لاٽار اسان کي تمام وڏو نقصان رسائي سگهي ٿي جنهن جو ازالو به شايد اسان نه ڪري سگهون.