مير رضا قتل ڪيس: جوڊيشل ڪميشن پاران جاچ شروع، والدين کي نوٽيس جاري

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) جوڊيشل ڪميشن مير رضا قتل ڪيس جي باقاعده جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.

رپورٽ موجب ڪراچي ۾ قتل ٿيل نوجوان واپاري مير رضا جي قتل ڪيس جي جاچ لاءِ جوڊيشل ڪميشن ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي ۽ ان سلسلي ۾ نوٽيس پڻ جاري ڪيا ويا آهن.

جوڊيشل ڪميشن مير رضا جي وارثن ۽ وڪيل جبران ناصر کي 28 آگسٽ لاءِ نوٽيس جاري ڪيو آهي.ان کانسواءِ ڪميشن سنڌ حڪومت جي فوڪل پرسن کي پڻ نوٽيس جاري ڪيو آهي.

واضح رهي ته ڪراچي جي نوجوان واپاري مير رضا جي والد جي وڪيل جبران ناصر سنڌ حڪومت طرفان جوڊيشل ڪميشن ٺاهڻ واري فيصلي کي رد ڪري ڇڏيو هو.

رپورٽ موجب نجي ٽي وي کي انٽرويو ڏيندي وڪيل جبران ناصر چيو ته مير رضا جا وارث جي آءِ ٽي لاءِ هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪندا ۽ جوڊيشل ڪميشن جي مخالفت ڪندا. سندس چوڻ هو ته مير رضا جي وارثن کي اعتماد ۾ وٺڻ کانسواءِ جوڊيشل ڪميشن ٺاهيو ويو ۽ جاچ جا ٽي او آرز به عوام آڏو ناهن آندا ويا.

You might also like