ليجنڊري آشا ڀوسلي جو آخري فلمي گانو سندس سالگرهه تي جاري ڪيو ويندو

ممبئي(ويب ڊيسڪ) ڀارت جي ليجنڊ گلوڪارا آشا ڀوسلي جو آخري فلمي گانو ايندڙ مهيني رليز ڪيو ويندو.

ڀارتي ميڊيا موجب فلم سازن اعلان ڪيو آهي ته آشا ڀوسلي طرفان فلم لاءِ رڪارڊ ڪيل آخري گانو، ايندڙ ڊراما ڪاميڊي فلم ’اوم ڪا هري‘ (Om Ka Hari) جو حصو هوندو ۽ اهو 8 سيپٽمبر تي سندس سالگرهه جي موقعي تي جاري ڪيو ويندو.

”اي ميري زندگي، تو ڇپي هي ڪهان“ جي عنوان سان هي گانو 2023ع جي آخر ۾ رڪارڊ ڪيو ويو هو. فلم ساز هريش وياس جي هي ڊراما فلم پيءُ ۽ پٽ جي رشتي تي ٻڌل آهي.

واضح رهي ته آشا ڀوسلي ستن ڏهاڪن کان وڌيڪ عرصي تائين بالي ووڊ تي راڄ ڪيو ۽ 12 هزار کان وڌيڪ گانا رڪارڊ ڪيا، جن ۾ ’دم مارو دم‘، ’پيا تو اب تو آجا‘، ’چرا ليا هي تم ني جو دل ڪو‘ ۽ ’يه ميرا دل‘ جهڙا مشهور گانا شامل آهن.

ليجنڊ ڳائڻي هلندڙ سال 12 اپريل تي 92 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري وئي هئي.

You might also like