ايپل جي پهرين فولڊ ايبل فون ۽ آءِ فون 18 سيريز متعارف

ڪيترين ئي ڪمپنين پاران اسمارٽ فون تيار ڪيا وڃن ٿا، پر ايپل جا آءِ فون سڀ کان وڌيڪ مشھور آھن.

اهو ئي سبب آهي جو هر سال سڄي دنيا ۾ ماڻهو نئين آءِ فون جو بي صبريءَ سان انتظار ڪندا آهن.

هن سال آءِ فون 18 سيريز 9 سيپٽمبر تي متعارف ڪرائڻ جو امڪان آهي ۽ هاڻي ڪمپني ان جي پڌرائي جي تاريخ جو اعلان پڻ ڪري ڇڏيو آهي.

آءِ فون 18 سيريز سان گڏ ايپل واچ سيريز 12، ايپل واچ الٽرا، هوم پوڊ مني، آءِ پوڊ ۽ ايپل ٽي وي پڻ متعارف ڪرائڻ جو امڪان آهي.

رپورٽ موجب هن سال اهم ڳالهه اها آهي ته ايپل طرفان آءِ فون متعارف ڪرائڻ جو طريقو تبديل ڪيو پيو وڃي.

مختلف ليڪس موجب هن ايونٽ ۾ آءِ فون 18 ۽ 18 پرو ميڪس سان گڏ ايپل جو پهريون فولڊ ايبل اسمارٽ فون ’آءِ فون الٽرا‘ جي نالي سان متعارف ڪرايو ويندو.

جڏهن ته معياري آءِ فون 18 ۽ آءِ فون ايئر 2 کي 2027ع جي شروعات ۾ متعارف ڪرائڻ جو امڪان آهي.

فولڊ ايبل آءِ فون ڪمپني جو سڀ کان مهانگو آءِ فون هوندو، جنهن جي قيمت 2 هزار ڊالر کان وڌيڪ هجڻ جو امڪان آهي.

اهڙي طرح بلومبرگ جي هڪ رپورٽ موجب ايپل طرفان آءِ فون 18 پرو سيريز جي قيمتن ۾ پڻ اضافو ڪيو ويندو.ان کان اڳ گذريل سال ايپل آءِ فون 17 سيريز جي قيمتن ۾ واڌ کان پاسو ڪيو هو.

هن وقت اهو چوڻ مشڪل آهي ته ايپل قيمتن ۾ ڪيترو اضافو ڪندي، پر رپورٽ موجب ممڪن طور تي 100 ڊالر جو اضافو ٿي سگهي ٿو. يعني آءِ فون 18 پرو جي شروعاتي قيمت 1099 ڊالر بدران 1199 ڊالر ٿي سگهي ٿي. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته قيمتن ۾ اضافو ريم ۽ ٻين چِپس جي قيمتن ۾ واڌ سبب ڪيو ويندو.

You might also like