حڪمران، مخالف ڌر جون ذميواريون ۽ آمريڪي مداخلت وارو سوال 

تحرير: رحمت الله ٻرڙو

وزير اعظم ميان محمد شھباز شريف مخالف ڌر پي ٽي آءِ جي اڳواڻن عمر ايوب ۽ بئريسٽر گوھر سان ھٿ ملائي ڳالھين جي پڻ آڇ ڪئي آھي،مرڪزي حڪومت پاران ٻيھر اھا ڪوشش ڪرڻ تمام سٺو عمل پڻ نظر اچي رھيو آھي.اھڙي ئي نموني پاڙيسري ملڪ ھندوستان ۾ اپوزيشن اڳواڻ راھول گانڌي پڻ ھندستان جي وزيراعظم مودي سان پڻ ھٿ ملائي حڪومت ۽ مخالف ۾ بھتر تعلقات رکڻ جي ابتدا ڪرڻ جو پڻ تاثر ڏنو آھي.ان راھول گانڌي ۽ مودي واري عمل کي سامھون رکي وزير اعظم ميان محمد شھباز شريف واري عمل کي ڏسجي ته ھي انجو بھتر عمل پڻ آھي جو ھيءَ ڪوشش ھن ھڪ دفعو ٻيھر ڪئي آھي.

ھوڏانھن آمريڪي ايوان ۾ پاڪستاني رياستي معاملن ۾ مداخلت ڪرڻ واري بل جي پڻ خبر اھميت واري جاءِ والاري آھي،جنھن ۾ آمريڪي ايوان ۾ ھڪ ٺھراءُ ستن جي سامھون 368 ميمبرن جي حمايت سان منظور ڪرايل مان بائيڊنگ ٺھراءَ ۾ چيو ويو آھي ته 8 فيبروري 2024ع تي ٿيل عام چونڊن ۾ مداخلت،بي ضابطگين جي دعوائن جي آزاداڻي جانچ ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو ويو آھي.

مٿين بيان مطابق وزير اعظم ميان شھباز شريف جي عمل سان ھڪ سٺو عمل سامھون آيو آھي جنھن جو تاثر تمام بھتر رستو اختيار ڪندو ۽ ان عمل سان بھتر پارلياماني روايت قائم ڪرڻ ۽ جمھوري عمل کي واڌ ويجهھ ڏيڻ جو تاثر ملي ٿو.ان عمل سان ھاڻي جمھوري عمل مان بھتر تاثر ملي پوندو.هاڻي ڏسو پاڙيسري ملڪ هندستان ۾ راهول گانڌي وزيراعظم مودي سان هٿ ملائي بهتر روايت کي رکيو آھي.اهڙي نموني وزير اعظم شهباز شريف عمر ايوب ۽ سندس ساٿين سان هٿ ملائي بهتر انڊيڪشن آھن،حقيقت ۾ سياستدان کي ذاتي زندگي ۾سٺا تعلقات قائم ڪرڻ گهرجن، اسيمبليءَ ۾ به اهڙي فضا قائم ڪرڻ گهرجي جو عام ماڻھن جا مسئلا حل ٿي سگهن.حڪومت ۽ اپوزيشن جي ويڙھ نه ٿيڻ کپي،اپوزيشن ۽ حڪومت کي بلڪل عوامي مسئلن جي حل بابت هڪ ٻئي سان مخالفت ڪرڻ کپي پراها مخالفت ذاتي زندگي تي اثر انداز نه ٿيڻ کپي.

پوري دنيا ۾ خاص طور تي جمهوري نظام ۾ اپوزيشن سان حڪومت تعلقات بهتر رکندي آھي، ۽ حڪومت اپوزيشن جو لحاظ به رکندي آھي ۽ اپوزيشن کي اڪوموڊيٽ به ڪندي آھي.بدقسمتيءَ سان پاڪستان جي سياسي ۽ حڪومتي حلقن ۾ اها روايت ڄڻ ته صفا ناهي رهي.هتي جيڪا به پارٽي حڪومت ۾ اچي ٿي اها پاڻ کي فرعونيت واري خيال ۾ رکي ٿي،ان ۾ پي ٽي آئي هجي،پي پي پي ۽ نوازليگ هجي يا مارشلا سڀ جا سڀ ساڳي فرعونيت ذھن جا ٿي پنهنجي حڪومتي دور ۾ اپوزيشن کي ڏسن ٿا.اهو ايئن ڪرڻ سٺي روايت پڻ ناهي.جمهوري معاشرن ۾ هڪ ٻئي جي مخالفت ٿيندي آھي پر پر امن طريقي عوامي مسئلن تي ڪندا آھن ذاتي اشوز تي نه.

ٻي اهم خبر اها آھي ته آمريڪي ايوان ۾ هڪ RESOULATION پاس ٿيو آھي،سو پڻ اهم اشو آھي ته آمريڪي ايوان کي ڪهڙا اختيار آھن جو هو پاڪستان جي رياستي معاملن ۾ مداخلت ڪري ٿو. ماضي ۾ آمريڪن اهڙا Resoulation پاس ناهن ڪيا ته هن وقت اهڙي حرڪت ڪرڻ مان لڳي ٿو ته آمريڪا آءِ ايم ايف جي معرفت بليڪ ميل پيو ڪري.انکان علاوه پاڪستان جو ٻيو ڪو اهڙو مسئلو ڪونهي جنهن تي هو اهڙا قدم کڻي،نقصان پهچائي سگهن،بليڪ ميل ڪن.اسان آمريڪا کان امداد ڪو نه پيا وٺون ۽ نئي ڪو آمريڪن پروجيڪٽ پيو هلي جنهن تي هو بليڪ ميل ڪن.

هنن وٽ آءِ ايم ايف جو ڪنٽرول آھي جنهن جي ڪري ڏسون ته آءِ ايم ايف جي معرفت ڇا ٿا چاهين يا هاڻي ڏسون ته هن آمريڪي ٺھراءِ کان پوءِ آءِ ايم ايف ڇا ٿي مطالبو ڪري.هن آمريڪي ڌمڪي کي پي ٽي آءِ وارا ايئن نه سمجهن ته ڪو هي هنن جي حق ۾ ٿا ڳالهائن،هي آمريڪي دٻاءُ واري پاليسيءَ جو حصو آھي نه ڪي پي ٽي آءِ جي حمايت آھي.هن آمريڪي عمل تي پي ٽي آء وارا بلڪل به خوش نه ٿين،هي آمريڪاجو هڪ ردعمل آھي جيڪو حڪومت جي خلاف نه بلڪه رياست جي خلاف آھي ردعمل آھي.ان هن وقت پي ٽي آءِ وارن کي آمريڪي فرق کي سمجهڻ کپي ته حڪومت جي خلاف ڪهڙيون شيون هونديون آھي ۽ ايئن رياست جي خلاف ڪهڙيون شيون هونديون آھن.آمريڪا کي ڪهڙي طاقت آھي جو هو پاڪستان جي رياست يا نظام ۾ مداخلت ڪري پيو.جو آمريڪا اسان جي رياستي معاملن کي پنهنجي پارليامينٽ اندر بحث ھيٺ آڻي پيو،پاڪستان ته ايئن ڪڏهن ناهي ڪيو جو آمريڪي رياست يا نظام اندر مداخلت ڪئي هجي.آمريڪي ليڊرشپ يا ڪو نمائندو بيان ڏئي سگهي ٿو باقي پارليامينٽ ۾ کڻي وڃڻ ۽ اتي پاڪستاني نظام هيٺ ٿيل اليڪشن معاملي کي کڻي وڃڻ ۽ ان تي انڪوائري جو مطالبو ڪرڻ عجيب ٿو لڳي ڇو ته ان ۽ اهڙن عملن ۾ مداخلت ڪندڙ آمريڪا ڪير ٿيندو آھي. هي سڌو سنئون پاڪستان کي بليڪ ميل ڪرڻ وارو عمل نظر پيو اچي.ان تي پاڪستان گورنمينٽ کي ڌيان ڏيڻ کپي.جڏهن ته پاڪستان ۾ عدالت موجود آھي ۽ خود اهو اشو عدالت ۾ سماعت هيٺ آھي،جن متعلق فيصلا به اچي رهيا آھن. جيڪو متاثر ٿيو آھي ان عدالت کي درخواست ڪئي آھي اهو ان جو بنيادي آئيني حق آھي.ته پوءِ ڇا ڀلا آمريڪا پاڻ اچي انڪوائري ڪندو ڇا؟پاڪستان ۾ اهو چئجي ته صفا ڪنهن کي عدالت مان انصاف نه پيو ملي ته پوءِ ٻي ڳالهھ ڪجي.هتي عدالتن مان حڪومت مخالف به ۽ اپوزيشن جي حق ۾ به فيصلا اچن پيا.آمريڪا کي اها مداخلت ڪرڻ جي همت ڪيئن ٿي آھي سو پڻ سوچڻ وارو سوال آھي.

حڪومت پاڪستان تي فرض ٿو ٿي ته آمريڪا کي وارننگ ڏئي ته اهڙيون حرڪتون نه ٿيڻ کپن. ۽ ملڪ جي اندروني معاملن ۾ مداخلت ناقابل برداشت آھي.

هن وقت هنن ملڪي حالتن موجب حڪومت ۽ مخالف ڌر کي کپي ته هڪ ٻئي سان خوشگوار ماحول ۾ هڪ ٻئي سان هلن،۽ پارليامينٽ اندر دوستاڻو ماحول پيدا ڪري عوامي ڪمن،رياستي ۽ ادارتي بهتري تي ڌيان ڏين،هڪ ٻئي سان سهڪاري ٿين.ڇو ته پارليامينٽ اندر حڪومتي ميمبرز يا مخالف ميمبرز کي عوام برابر بنياد تي چونڊي پارليامينٽ ۾ موڪليو آھي. ان ڪري اهو بهتر عمل ٿيندو ته اپوزيشن کي کپي ته وزيراعظم واري عملي قدم کي موٽ ڏين،۽ ايئن حڪومتي ڌر جي ٻين ميمبرز کي به کپي ته هو اهو عمل جاري رکن.ان ڪري حڪومت کي به کپي ته اپوزيشن کي پنهنجو پورو پورو حق ڏئي ڇو ته اهي به عوامي ووٽ ذريعي اڳتي آيا آھن.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.