اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)اسلام آباد جي پمز اسپتال وٽ فائر سيفٽي جو اين او سي موجود نه هجڻ جو انڪشاف ٿيو آهي.
رپورٽ موجب ذريعن جو چوڻ آھي تھ پمز اسپتال وٽ فائر سيفٽي جو اين او سي موجود ناهي، جڏهن ته اسلام آباد هيلٿ ڪيئر ريگيوليٽري اٿارٽي جي پنهنجي آفيس ۾ پڻ فائر سيفٽي جا انتظام ناقص آهن.
ذريعن ٻڌايو ته هيلٿ ڪيئر ريگيوليٽري اٿارٽي وٽ پاڻ به فائر سيفٽي جو ڪمپليشن سرٽيفڪيٽ موجود ناهي، جڏهن ته اسپتالن، ليبارٽرين ۽ ڪلينڪن کي لائسنس جاري ڪندڙ اٿارٽي فائر سيفٽي جا مناسب انتظام نه هجڻ باوجود لائسنس کي تجديد ڪري ٿي.
ذريعن موجب اٿارٽي آءِ ايڇ آر اي ۽ فائر ڊپارٽمينٽ جي اين او سي کانسواءِ ئي لائسنس کي رينيو ڪري ٿي. لائسنس جي تجديد يعني رينيو لاءِ اسپتالن ۾ هر سال نومبر ۽ ڊسمبر دوران ريسڪيو ٽريننگ جون تصويرون ئي ثبوت طور استعمال ڪيون وڃن ٿيون.
ذريعن جو چوڻ آهي ته سي ڊي اي اسپتالن کي فائر سيفٽي جا مناسب انتظام نه هجڻ تي سرٽيفڪيٽ جاري نه ڪرڻ بابت اٿارٽي کي ٻه ڀيرا خط لکي چڪي آهي، پر اٿارٽي طرفان انهن خطن جو ڪڏهن به جواب نه ڏنو ويو.
واضح رهي ته اٿارٽي اسپتالن ۾ مريضن جي حفاظت ۽ سيڪيورٽي کي يقيني بڻائڻ لاءِ ريگيوليٽري باڊي آهي، جڏهن ته سالياني لائسنس جي تجديد لاءِ فائر سيفٽي جا انتظام ۽ ٽريننگ پڻ لازمي قرار ڏنل آهن.
ياد رهي ته اربع جي صبح اسلام آباد جي پمز اسپتال جي گائني وارڊ جي نرسري ۾ باهه لڳڻ سبب 14 تازا ڄاول ٻار سڙي فوت ٿي ويا هئا.