عدالت ڪنٽونمنٽ کي درخواستگذارسان پراپرٽي ٽيڪس وٺڻ کان روڪي ڇڏيو

ڪراچي(رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ڪنٽونمنٽ بورڊزجي پاران پراڻي شيڊول موجب پراپرٽي ٽيڪس وصولي جي خلاف درخواست جي ٻڌڻي ٿي، عدالت ڪنٽونمنٽ کي درخواستگذارسان پراپرٽي ٽيڪس وٺڻ کان روڪي  ڇڏيو آهي. عدالت ڪنٽونمنٽ بورڊ سميت ٻين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو آهي.عدالت ڌرين کان 27آگسٽ تائين جواب طلب ڪري ورتو آهي .درخواستگذارچيو ته سپريم ڪورٽ ڪنٽونمنٽ بورڊز پاران پراپرٽي ٽيڪس وٺڻ کي ڪالعدم قرار ڏنو آهي سپريم ڪورٽ سنڌاربن ايموول پراپرٽي ايڪٽ جي تحت پراپرٽي ٽيڪس وٺڻي سگهي ٿي .ڪنٽونمنٽ اسان کي 15لک رپين ٽيڪس جو چيو آهي جڏهن ته سنڌاربن ايموول پراپرٽي ايڪٽ جي تحت پراپرٽي ٽيڪس 5هزار رپيا آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.