ڀريا روڊ ويجهو ناري سان لاڳاپن الزام هيٺ اڌڙوٽ پورهيت قتل

ڀرياسٽي (ن ع آ)لاکاروڊ ٿاڻي جي حد ڳوٺ سانوڻ ڀٽي ۾ جوابدارن 50 ورهين جي پورهيت علي شير ڀٽي پٽ مبارڪ ڀٽي کي گوليون  هڻي قتل ڪري فرار ٿي ويا، لاکاروڊ پوليس لاش تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم ڪرائي وارثن حوالي ڪري ڇڏيو، لاکاروڊ ٿاڻي تي مقتول جي پٽ ديدار علي ڀٽي جي فرياد تي مختلف قلمن هيٺ 8 جوابدارن فوجي احمد ڏاھري، رضا محمد ڏاھري، بشير ڏاھري، شمن ڏاھري سميت چار اڻسڄاتل جوابدارن  خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ان سلسلي ۾ فريادي ٻڌايو ته اسان سان وڏو ظلم ٿيو آهي جلد جوابدارن کي گرفتار ڪري اساسان انصاف ڪيو وڃي، لاکاروڊ ايس ايڇ او لطف الله مگسي ٻڌايو ته واقعي جو ڪارڻ نوجوان ناري سان ناجائز لاڳاپا رکڻ تان پيش آيو آهي، لاش تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم ڪرائي وارثن حوالي ڪيو آهي، وڌيڪ جاچ ڪري جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويندو، جڏهن ته فوتي جو لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام ڀرپا ٿي ويو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.