ڪراچي (رپورٽر)جڊيشنل مجسٽريٽ اوڀر جي عدالت ۾ڊاڪٽر عامر لياقت جي وڊيو وائرل ڪرڻ وارو ڪيس جي ٻڌڻي دوران جوابدار دانيه شاھه عدالت ۾ پيش ٿي. جج جي عدالت ۾ نه هجڻ سبب ڪيس جي ٻڌڻي بغير ڪارروائي جي ملتوي ڪئي وئي. عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 18 جولائي تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي، جوابدار جي وڪيل لياقت گبول چيو ته عدالت گذريل ٻڌڻي تي ايف آءِ اي جي جاچ آفيسر کي شوڪاز جاري ڪيو هو. تفتيشي آفيسر ياسر شامي کي ڪلين چٽ ڏني هئي. ياسر شامي کي بي قصور قرار ڏيڻ غلط عمل هو. وڪيل چيو ته جاچ آفيسر مليل شوڪاز جو جواب جمع ڪرايو آهي.
-
ذوالفقار علي ڀٽو شهيد لا يونيورسٽي ۾ مستقل وائيس چانسلر جي مقرري بابت اڳڀرائي رپورٽ طلب
ڪراچي(رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ذوالفقار علي ڀٽو شهيد لا يونيورسٽي ۾ مستقل چانسلر جي مقرري نه ٿيڻ واري ڪيس ۾ عدالت سنڌ حڪومت کان وائيس چانسلر جي مقرري بابت اڳڀرائي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. عدالت اسسٽنٽ ايڊووڪيٽ جنرل کان پڇاڻو ڪيوته ٻڌايو وڃي ته وائيس چانسلر اڃا تائين ڇو نه لڳايو ويو آهي، سرڪاري وڪيل چيو ته مستقبل وائيس چانسلر جي مقرري جو عمل جاري آهي.سرڪاري وڪيل سنڌ مدرسته الاسلام جو وائيس چانسلر هن وقت اضافي چارج تي شهيد ڊوالفقار علي ڀٽو لا يونيورسٽي جا معاملا سنڀالي رهيو آهي. وڪيل چيو ته مستقبل طور وائيس چانسلر جي مقرري جي نوٽيفڪيشن کانپوءِ سنڌ مدرسته الاسلام جي وائيس چانسلر کان اضافي چارج واپس ورتي ويندي .عدالت چيو ته هڪ وائيس چانسلر ٻن يونيورسٽين جا معاملا ڪيئن ٿو ڏسي سگهي؟عدالت وڌيڪ چيو ته ڇا وائيس چانسلر سپر مين آهي؟ عدالت ڪيس جي ٻڌڻي آج تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي.
-
ڀان سيدآباد ۾ منڇر بچايو اتحاد پاران منڇر ڍنڍ جي تباھي جي حڪومت ذميوار قرار
ڀان سيدآباد (ن ع آ) ايشيا جي وڏي ۾ وڏي ڍنڍ بند منڇر تي منڇر کي آلودگي کان صاف رکڻ لاءِ سيمينار ڪوٽايو ويو ، سيميبار ۾ حسين بخش سيال، ڊائريڪٽر فشريز بوبڪ محمد اسلم پنھور، ڊپٽي ڊائريڪٽر منچرڍنڍ ڊائريڪٽر محمد حنيف چانڊيو، ڊپٽي ڊائريڪٽر فشريز جامشورو نثار احمد ڪلھوڙو، ڊپٽي ڊائريڪٽر بوبڪ منچر بچايو اتحاد چئرمين مولا بخش ملاح سميت مھاڻن ۽ مڇي جي واپارين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ، سيمينار ۾ مهاڻن ۽ واپارين فشريز کاتي جي عملدارن اڳيان دانهون ڪندي مطالبو ڪيو ته منڇر کي بحال ڪري مهاڻن کي روزگار ڏيئي فاڪه ڪشي کان بچايو وڃي ، منڇر ۾ هٿ سان ڪمپني جو زهريلو پاڻي وجهي منڇر ڍنڍ کي تباھه ڪري مهاڻن کي فاڪه ڪشي تي مجبور ڪيو ويو آهي، منڇر جا مهاڻا بي روزگاري سبب خودڪشي ڪرڻ تي مجبور آهن ، منڇر جي مهاڻن کي پيئڻ لاء صاف پاڻي مهيا نه پيو ڪيو وڃي ، زهريلو پاڻي واپرائڻ سبب منڇر جا مهاڻا مختلف بيمارين ۾ مبتلا ٿي ويا آهن ، جيڪا منڇر جي مهاڻن سان وڏي زيادتي آهي ، آخر ۾ هنن سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاه کان مطالبو ڪيو ته فوري طور منڇر کي صاف ۽ مٺو ڪري مهاڻن کي روزگار فراهم ڪري فاڪه ڪشي کان بچايو وڃي .