شھدادڪوٽ (رپورٽ: ثمر ڀٽي) شھدادڪوٽ جي اي سيڪشن ٿاڻي جي حد نورجهان ڪالوني ۾ پاڙيسري 40 ورهين جي بيواهه عورت قتل ڪري فرار ٿي ويو، مقتولا حليمان زال منير لانگاهه نالي عورت پنهنجي هڪ پاڙيسري حاجي جمالي کي پنهنجي گهر کان اچڻ تي روڪيو، جنهن تان جوابدار ڪاوڙ ۾ اچي کيس پسٽل جا فائر ڪري قتل ڪري ڇڏيو ۽ واقعي کان پوءِ فرار ٿي ويو، ھوڏانھن اطلاع تي پوليس واقعي واري جاءِ تي پهچي عورت جو لاش تحويل ۾ وٺي تعلقي اسپتال کڻائي آندو جتان ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو، لاش گهر پهچڻ تي وارثن ۾ روڄ راڙو مچي ويو،ان حوالي سان رابطي ڪرڻ تي اي سيڪشن ٿاڻي جي هيڊ محرر عادل تونيو عوامي آواز کي ٻڌايو ته مقتول عورت جا وارث جيئن آيا ته ڪيس داخل ڪيو ويندو ۽ واقعي ۾ ملوث جوابدار کي پڻ گرفتار ڪيو ويندو.