پشاور (م ڊ) : پي ٽي آءِ ۽ جي يو آءِ (ف) وچ ۾ سياسي اتحاد کي حتمي شڪل ڏني وئي آهي. جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان سياسي اتحاد لاءِ پي ٽي آءِ کان لکت ضمانت طلب ڪري ورتي آهي. ذريعن موجب پي ٽي آءِ جي باني عمران خان رابطا ڪميٽي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي جيڪا قومي اسيمبليءَ ۾ اپوزيشن ليڊر عمر ايوب، سينيٽر شبلي فراز، چيئرمين بئرسٽر گوهر ۽ اسد قيصر تي ٻڌل هوندي. مولانا فضل الرحمان مجلس شوريٰ سان مشاورت بعد سياسي رابطا ڪميٽي جوڙڻ جو يقين ڏياريو آهي. جي يو آءِ ذريعن موجب پي ٽي آءِ ۽ جي يو آءِ وچ ۾ 4 نقطن تي اتفاق ٿي ويو آهي، جن کي حل ڪرڻ تي به اتفاق ڪيو ويو آهي. افغانستان سان پراڻن لاڳاپن تي ٻنهي پارٽين جو معاهدو به سياسي اتحاد جو حصو آهي.