جيڪب آباد (رپورٽ: حضور بخش سومرو)جيڪب آباد جي مولاداد ٿاڻي جي حد رمضان پور ۾ دڪان تي ويٺل فرحان ڀيو کي چانڊيا برادري جي ھٿياربندن گوليون ھڻي قتل ڪري فرار تي ويا، پوليس لاش کڻائي اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو آھي، پوليس موجب شروعاتي جاچ مان معلوم ٿيو آھي ته معرفاڻي، ڀيا ۽ چانڊيا تڪرار تان چانڊيا برادري جي هڪ ڌر حملو ڪري فرحان ڀيو کي بيگناهھ قتل ڪيو آھي، ڪجهھ عرصو پھريان ڀيا برادري جي ھٿياربندن غلطي سان معرفاڻي سمجھي چانڊيا برادري جي ٻن نوجوانن کي قتل ڪيو ھو.